وفا ناٿن شاهي : غزل جو بادشاه شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل جو بادشاهه شاعر وفا ناٿن شاهي

    تحرير : رضوان گل

    [justify] شاعر پنهنجي حساسيت سبب پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري منَ اندر جي ڪيفيتن کي لفظن جي رنگن سان پينٽ ڪري ٿو، اهي رنگ دردن جي علامت به هجن ٿا ته خوشيءَ جا نغما به، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف احساس جنم وٺن ٿا پر هو بنيادي طور پيار جو پوڄاري ٿئي ٿو جو هن جو محور ئي عشق آهي:

    منهنجو مذهب پيار محبت
    ڏسجو مان گمراهه ته ناهيان
    نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان
    آدم هان الله ته ناهيان


    مٿيون سٽون ان شاعر جون آهن جنهن کي ”غزل جو بادشاهه“ جو خطاب مليو، جنهن چار هزار کان مٿي سنڌي غزل لکيا، سندس اصل نالو ته مشتاق علي هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ وفا ناٿن شاهيءَ طور آهي، وفا 15 مئي 1934 تي خيرات علي قريشي جي گهر، انڊيا جي شهر امرتسر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ جنم ورتو، ورهاڱي بعد 1947 ۾ خيرات علي قريشي پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو ۽ سڌو اچي سيتا ڳوٺ ۾ هڪ خاص ٽرين ذريعي پهتو، جنهن ۾ کوڙ سارا ٻيا پناهه گير پڻ شامل هئا، سيتا ڳوٺ کان خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ چئن سالن جو مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان شناسا ٿيڻ شروع ٿيو، نه ڄاڻ ته اهو مشتاق قريشي اڳتي هلي وفا ناٿن شاهي بڻجي غزل جي صنف ۾ مقبوليت ماڻي پاڻ مڃرائيندو جو کيس غير سرڪاري طور ماڻهن پاران ”غزل جو بادشاهه شاعر“ جو خطاب به ملندو. وفا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“، ”وفا“ ۽ ”اوجاڳن جو انت“ شامل آهن.

    وفا جو ڪٽنب جهڙو ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ هو تهڙو ئي گوزي ۾ مفلسيءَ جي ور چڙهيل ! ۽ انهيءَ مفلسيءَ واري ماحول مان وفا ٻال وهيءَ کان ئي محرومين ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لڳو، سندس سڳي ۽ ماٽيلي ماءُ ننڍي هوندي ئي هڪ ٻئي پويان فقط هڪ ڏينهن جي وٿيءَ سان گذاري ويون ۽ ائين مٿاهنس ماءُ جو ڇانورو هميشه لاءِ کسجي ويو، جنهن ڪري هن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ئي پنهنجي ماءُ جيان ٿي ڀانيون، جنهن ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ به سنڌ لاءِ تمام گھڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو، جيتوڻيڪ وفا جي مادري ٻولي پنجابي هئي پر هن پنهنجي شاعري جي زبان سنڌي ئي اختيار ڪئي، کيس سڃاڻپ جو اهو ئي حوالو گهربل هو ته: ”مان سنڌي آهيان ۽ سنڌ منهنجي آهي“ کيس سنڌي سڏرائڻ لاءِ هي به چوڻو پيو ته:

    بدن مهراڻ آهي ، دل ڦليلي
    اڃا سنڌي نه آهيان! سوچ ٻيلي


    هي سٽون هڪ سوال آهن، ته هڪ دعوى به آهن، جڏهن وفا کي غير سنڌي هئڻ واري حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو ته سندس دل مان بيساخته دانهن نڪتي جنهن ۾ هن مٿيون سٽون سرجي سنڌ سان محبت ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو. لفظ ڪنهن به تخليقڪار جي لهوءَ مان جڙندا آهن جن جو تاثير صدين پڄاڻان به تازو ئي رهي ٿو، سنڌ سان وفا جي عشق جو اظهار ڏسو:

    ڪو نه ڇڏيندو سنڌ وفا
    ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهيءَ ڙي


    وفا ناٿن شاهي سنڌ جي ٺيٺ ٻهراڙي واري ماحول ۾ نپنيو ۽ سندس دوستن جو حلقو به سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ هو، هن سنڌي ٻوليءَ کي ايترو ته هينئين سان هنڊايو جو اڄ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جي وچ ۾ ويٺل وفا جو قد کانئن گھڻو مٿاهون نظر اچي رهيو آهي. ننڍي لاءِ کيس راڳ سان تمام گھڻي دلچسپي هئي جيڪا سندس والد کان کيس ورثي ۾ ملي هئي، هو سُريلو به هو جنهن ڪري هن کي نشتر ناٿن شاهي هڪ مشاعري ۾ وٺي آيو ۽ انهيءَ ڏينهن هن پهريون غزل به لکيو هو جيڪو هن خيرپور ناٿن شاهه ۾ ان وقت جي هڪ مختيارڪار جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري ۾ پڙهيو، ائين هن شاعري جي شروعات ڪئي اتي ئي هن جي ملاقات محسن ڪڪڙائي سان پڻ ٿي جنهن کان هِن ابتدائي ڏينهن ۾ اصلاح پڻ ورتي ۽ محسن ڪڪڙائي جيڪو خود سنڌي شاعري جو اهم نالو آهي پنهنجي شاگرد وفا ناٿن شاهيءَ لاءِ لکيو: ”وفا پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ان بلنديءَ تي پهتو آهي، جتي هر ڪنهن جي جاءِ نه آهي. فني توڙي فڪري لحاظ کان وفا جو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي عام طور تي ادبي حلقا وفا کي (غزل جو بادشاهه) سڏيندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته ان کان وڌيڪ، غير سرڪاري سطح تي ٻيو ڪهڙو اعزاز،انعام ٿي سگهي ٿو“.

    وفا جي شاعريءَ جا ٻه اهم ۽ مختلف دور آهن هڪڙو ابتدائي خيرپور ناٿن وارو ۽ ٻيو جڏهن هن ساحر لڌيانوي، فيض ۽ جوش کان علاوه شيخ اياز کي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي فڪر، سوچ ۽ انداز ۾ تبديلي آندي. هاڻي کيس جديد ۽ روشن خيال سنڌي شاعريءَ کي اصل معنى ۾ سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ”روح رهاڻ“ جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي جتي ترقي پسند ادبي لڏي سان پڻ سندس شناسائي ٿي ۽ ائين هو هڪ مخصوص گروهه کان ٻاهر اچي ٻين ليکڪن سان به مليو. وفا هاڻي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو به ڪرڻ لڳو جنهن سبب سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ڪافي تبديلي به آئي، ائين هن ڪيترن ئي ماڳن تي وڃي زندگيءَ جو ويجهڙائيءَ سان مشاهدو به ڪيو جيئن هن پنهنجي ئي شعر ۾ چيو:

    هر طرح جو مشاهدو ٿي ويو،
    منهنجي آوارگي فضول نه وئي


    وفا ناٿن شاهي سڄي حياتي غربت ۾ گذاري پر بيماريءَ جي بستري تائين به شاعريءَ سان ناتو نڀائيندو رهيو، سنڌ جو هي خوبصورت غزل گو شاعر 10 جنوري 2005ع تي سنڌي ادب ۾ هزارين خوبصورت غزلن جو اضافو ڪري اسان کان وڇڙي ويو.[/justify]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وفا ناٿن شاهي : غزل جو بادشاه شاعر

    سنڌي غزل جي ڀلوڙ شاعر وفا ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي۔ سنڌ سلامت پاران کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: وفا ناٿن شاهي : غزل جو بادشاه شاعر

    ڀلوڙ شاعر وفا ناٿن شاهي کي جنم ڏينهن مبارڪ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل جي شهنشاهه شاعر وفا ناٿن شاهي جي ورسيء تي سندس ياد

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    منهنجو مذهب پيار محبت
    ڏسجو مان گمراهه ته ناهيان
    نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان
    آدم هان الله ته ناهيان.................

    واهه ڪاش هن سماج ۾ اسان جي اديبن جي قدر هجي ها
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڀلوڙ شاعر کي ڀلوڙ ڀيٽا ڏني آهي ادا رضوان گل
     
  7. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ڪو نه ڇڏيندو سنڌ وفا
    ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهيءَ ڙي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو