اڪرم سومري صاحب کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير ڌرڻ تي ڀليڪار ۔۔۔
سومرا صاحب اسانجي هي سائيبر اوطاق، سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ۽ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لا کولي وئي آهي ته جيئن سنڌي دوست پنهنجا سور هڪٻئي سان سلي، هڪٻئي جي رهنمائي ڪري سگهن ۔۔۔
سنڌ جي سڄاڻ دوستن کان پڻ اها اميد آهي ته هو هن اوطاق جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ ۽ سنڌيت طرف قدمن وڌائڻ ۾ ساٿ نڀائيندا ته جيئن سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ عام ڪري سگهجي ۔۔۔
اوهان هن اوطاق جي هر ڪمري ۾ گهمي ڏسو اميد ته اوهانکي کوڙ ساترو سنڌي مواد ملي ويندو ۽ اميد ته اوهانجي اڃ اجهامندي، پر تنهن هوندي به جا ڪمي کوٽي هجي ته اوهان دوست ان کي پورا ڪندا ۔۔۔
اڪرم سومرا صاحب اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت