ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
حسن لازوال آهي
پرستي جي معنى آهي پوڄا ، بندگي ڪرڻ ۔ تابع ٿي رهڻ ان جو جيتريون معناؤ ڪڍجن اوتريون
ٿوريون آهن اهڙي ريت اسانجي معاشري ۾ حسن جون معناؤن ڪيتريون ئي ورتيون وڃن ٿيون پر حسن جا
حصا ٻه ليکيا يا سمجهيا وڃن ٿا ، هڪ ّظّاهري حُسن ۽ ٻيو باطني حُسن ۔
ڪجھ ڏينهن پهريان منهجي بچپن جو مُحسن سائين جعفر شاه جيڪي بهترين شاعر، گائڪ ۽ منهنجي
نگاھ ۾ بهترين سالڪ آهن ، ڪراچي ڪنهن ڪم سانگي سائين جن آيا ته ادا ممتاز وگهيو صاحب
جن جي (بقول سلطان ڀٽي صاحب جي، الله انهن کي صحت ڏئي) آستاني تي اچي ترسيا، محفل ۾ ويٺا ها
سون ته ڳالھ حسن جي آئي ته حُسن جي معنى ڇا ڪجي؟
سائين جن وراڻيو ته حسن معنى سچُ، ڇو جو انکان سواء جي ڪا ٻي معنى ڪڍي وڃي ته انکي زوال آهي
۽ حُسن لازوال آهي ، جيئن حضورپاڪ صلعم جي ذات ڪائنات ۾ حسين ترين آهي انهن کان ڪائنات
۾ ڪو حسين ڪونهي يعني انهن کان وڌيڪ ڪو سچو ڪونهي ، باقي ڪنهن جي نياڻي ڏسي ان لاء
چئجي ته ڏاڍي حسين آهي ته بي ادبي چئبي ۽ حسن جي تعريف سان بي ادبي ناهي ٿيندي پوءِ سائين
پنهنجو هڪ شعر ٻڌايو،
هڪ ڏينهن هڪ سنگتيءَ مونکي هينئن چيو ٿو يار وڻي تو وارو
مون مُرڪي جواب ڏنومانس ، آهي خيال سُٺو تو وارو
هر جاءِ جلوو آهي جانب جو ڪاٿي ڀورو آهي ته ڪاٿي ڪارو
جعفر شاھ محبوب هِڪ ئي آهي پوءِ ڇا مون وا رو ڇا تو وارو
هاڻي سچ پرستي ئي حُسن پرستي آهي جيڪو به حُسن پرست هوندو ٻين لفظن ۾ اهو سچار هوندو مونکي
سالڪن ائين ئي سمجهايو،
ڪجھ راز سلڻ جهڙا ناهن هوندا ڪاٿي نه چاهندي به زبان بند رهندي آهي بقول علامه اقبال جي
عجب دستور هي تيري محفل مين زبان بندي ڪا
ينهان تو بات ڪرني ڪو ترستي هي زبان ميري
ينهان تو بات ڪرني ڪو ترستي هي زبان ميري