• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي مستي ويجھو جوابدار ھٿان زال جي رخصتي لاءِ آيل ڀيڻويو ۽ ڀيڻ قتل، پوليس آڏو پيش

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
168596_191789274170763_139059332777091_761828_3870459_n.jpg

خيرپور (ن ڪ) ٽنڊي مستي ويجھو جوابدار پيار پرڻي بعد رخصتي لاءِ ڄڃ وٺي پھتل ڀيڻويي ۽ پنھنجي ڀيڻ کي قتل ڪري پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، خبر موجب نوابشاهه جي ڀٽي برادري جي نوجوان ارشاد علي ڀٽي ھڪ مھينو اڳ ٽنڊي مستي لڳ ڳوٺ قلندر بخش چڍڙ جي رھواسڻ ناري شاھده ڌيءَ قلندر بخش چڍڙ سان ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن تان ڌرين ۾ تڪرار بعد ٺاهه ٿيو ھو، جنھن تحت گذريل رات نوابشاهه کان نوجوان برادري جي ماڻھن سان گڏ پنھنجي زال جي رخصتي لاءِ ڳوٺ قلندر بخش چڍڙ پھتو ته ناري جي ڀاءُ معشوق علي چڍڙ ۽ سندس ساٿين رخصتي لاءِ آيل ڀٽي برادري جي ماڻهن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن نتيجي ۾ گهوٽ ارشاد علي ڀٽي پٽ نظر محمد ڀٽي ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ زاهد علي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار معشوق علي پنهنجي ڀيڻ شاهده کي برسٽ هڻي قتل ڪري پاڻ کي پوليس آڏو پيش ڪري ڇڏيو، ٽنڊومستي پوليس مقتولن جا لاش ۽ زخمي زاهد کي سول اسپتال خيرپور آندو، جتي مقتولن جي پوسٽ مارٽم بعد ناري جو لاش چڍڙ برادري جي چڱي مڙس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته نوجوان جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي سندس لاش نوابشاهه کڻائي ويا، اسپتال ۾ داخل زخمي زاهد ڪاوش سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته قلندر بخش چڍڙ سان سندن مائٽي مٽي آهي ڪجهه مهينا اڳ منھنجي ڀاءُ ارشاد شاهده سان ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد ٻنهي برادرين ۾ رنجشون هيون جن کي ختم ڪرڻ لاءِ برادري جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ ڏيڍ لک رپيا قلندر بخش جي ڌر مٿان ڏنڊ رکيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هڪ مهيني بعد ناري جي رخصتي سندس ئي گهر مان عزت سان ڪئي ويندي، جنهن جي رخصتي ٿي رهي هئي ته نوجوان ناري جي ڀاءُ ۽ سندس ساٿين فائرنگ ڪري منهنجي نوجوان ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن گرفتار جوابدار معشوق علي ٻڌايو آهي ته جوابدار منهنجو ڪارو هو، جنهن ڪري مون پنهنجي ڀيڻ ۽ ارشاد کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيو آهي جنهن تي کيس ڪو به پڇتاءُ نه آهي، ھوڏانھن ڊي پي او خيرپور خادم حسين رند ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ڪنوار ۽ گھوٽ جي قتل واري واقعي جو فرياد داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي حوالي ڪيو ويندو.
مقتول گهوٽ ڪنوار جا لاش پوليس پهري ۾ ڳوٺ پهچايا ويا
خيرپور: گهوٽ ۽ڪنوار جي لاشن جو سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس گهوٽ ارشاد ڀٽي جي لاش سندس وارثن سان گڏ نوابشاهه پهچايو ۽ مقتولا ڪنوار مسمات شاهده چڍڙ جو لاش چڍڙ برادري جي نيڪ مرد حوالي ڪري پوليس پهري هيٺ ڳوٺ تائين پهچايا، آخري اطلاعن تائين ٻنهي مقتولن جي تدفين نه ٿي سگهي هئي.
وڏي وزير پاران گهوٽ ڪنوار جي قتل واقعي جي رپورٽ طلب، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي (بيورو رپورٽ) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ويجهو ٽنڊو مستي جي ڳوٺ چوڌري قلندر بخش ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مارجي وڃڻ تي افسوس ۽ ڏک جواظهار ڪندي ڊي آءِ جي پوليس سکر کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي، وڏي وزير واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد گرفتار ڪري قانون تحت سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.​

روزاني (ڪاوش)
 
Back
Top