ديشي گينگ۔۔؟

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سنڱت کي سلام۔
    دوستو! پاڻ مولائي ماڻهو فيس بوڪ جي هڪ دوست ڪجھ ڏينهن اڳ تصوير ٺاهي ديشي گينگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو۔۔۔پاڻ آزاد خيال ۽ آزاد ماڻهو پارٽين جي چڪر ۾ پئون ئي ڪون۔;))
    سنڱت۔۔۔مونکي ديشي گينگ ۾ شامل ڪرڻ جو سبب شايد اهو آهي ته مان فيس بوڪ تي يا نيٽ جي دنيا تي صرف جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌي عوام جا نارا ۽ پنهنجي ٻولي جي لا وت آڌار ڪم ڪري رهيو آهيان۔۔۔ڀلا ڪجي ته ڪجي ڇا۔۔؟؟
    مونکي ته ڪجھ ڳالھ سمجه ۾ ڪون ٿي اچي پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين چون ٿا ته سنڌ ۽ سنڌي عوام کي پوئتي رکيو ويو آهي۔۔۔۔۽ پاڪستان جي پُٽ پنجاب کي اڳتي۔۔۔۔حالت دوست جي سامهون آهي۔۔۔پاڻ ڏسو اسان جي ڇا حالت آهي سنڌ ۾۔۔۔۔سنڌ جي دل ڪراچي ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي، اُهو سائين اوهان کان ڳُجهو ڪونهي۔
    ٿورو نظر ڦيرائي ڏسو ته سنڌ ۽ سنڌين سان ڇا ٿو ٿئي۔۔۔۔۔خير الله رحم ڪندو اسان جو ڪم سنڌي قوم ۽ سنڌ کي جيئارڻ آهي۔

    جو قوم جياري جئندو رهندو،
    جو عام اجاري اهو جئندو رهندو
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
    جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو
    بخاري
    [​IMG]

    http://www.facebook.com/photo.php?fbid=110682132323284&set=a.103196413071856.1752.100001444933084

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ديشي گينگ۔۔؟

    اوهان جهڙي سنگت جيڪڏهن ديشي ٿي پوي ته ڀلا ڀاڳ سنڌ جا ۔۔۔

    سهڻا من مهڻا دوستو! اوهين ئي سنڌ جو سپاهه آهيو، سنڌ اوهان جي آهي ۽ اوهين سنڌ جا آهيو ۔۔۔۔

    هڪ ڏينهن جواهر لعل نهرو ڪنهن مجلس ۾ ويو ات ماڻهن نعرا ٿي هنيا ” ڀارت ماتا زنده آباد“
    جواهر لعل نهرو پڇيو ته اوهان جيڪو نعرو هڻو ٿا ” ڀارت ماتا زنده آباد“ ته اوهانکي خبر آهي ته ان نعري جو مقصد ڇا آهي ۔۔۔ معصوم ماڻهن ڌرتيءَ تي هٿ هنيو ته هيءَ آهي ڀارت ماتا ۔۔۔

    جواهر لعل نهروءَ چيو جي ها ڌرتي به ماتا جو حصو آهي پر اصل ۾ ڀارت ماتا آهي اوهان ماڻهون، هيءِ زمين، هن زمين جو آسمان، هن زمين جو پاڻي، هن زمين جو اناج، هن زمين جون موسمون وغيره اهي سڀ ملي ٿين ٿا ڀارت ماتا ۔۔۔۔

    دوستو! سنڌ کي اسين پنهنجي امڙ چئون ٿا ۔۔۔ مطلب ته اسين سڀ ان امڙيءَ جو حصو آهيان ۽ پاڻ ۾ ڀائر آهيون ۔۔۔ پوءِ اسين پاڻ کي ديسي چئون يا نه ۔۔۔ اسين ديسي آهيون ۔۔۔ سنڌ ديس جا رهواسي، منهنجو نالو به پنهنجي دوستن جي وچ ۾ لکي ڇڏيو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ديشي گينگ۔۔؟

    واھ واھ سائين اوهان جو ڳالهيون پڙهي دل خوش ٿي وئي۔۔۔جيئي ديش۔
    مطلب ته سڌي اڻ سڌي طرح اسان سڀ ديشي (ديسي) آهيون۔
    پر سر اڄ ڪل واري ديشين کان الله پناھ ڏي۔۔۔بلڪل به انهن کي عقل نه هوندو آهي۔۔۔۔انهن سان ڳالهائڻ وقت ائين لڳندو آهي۔۔۔ڄڻ ڪنهن جاهل سان ڳالهائي رهيا آهيو۔۔۔توڙي جو هو پڙهيل به هوندا آهن۔۔۔انهن جي لباس اٿڻ ويهڻ مان ائين مونکي نه لڳندو آهي ته هو به ڪي سنڌ ۽ سنڌين جا سڄڻ آهن۔۔۔
     
  4. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ديشي گينگ۔۔؟

    ادا عاشق اوهان بجا فرمايو ۽ انهن سان ته ڳالهائيندي ئي الاهي ڇا محسوس ٿيندو آهي اگر جي سنڌ ڌرتي جا پٽ هجن ته پنهنجن سنڌي ڀائرن کان ڀتا نه وٺن ۽ نه انهن جو ڪاروبار بند ڪرائن پر الله وارث آه ادا رب ڀلائي ڪندو۔

    سدائين گڏ

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ديشي گينگ۔۔؟

    دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهون ٿيندا آهن هڪڙا اهي جيڪي عزت تان دولت قربان ڪندا آهن ۽ هڪڙا اهي جيڪي دولت تان عزت قربان ڪندا آهن ليڪن تاريخ فقط انهن کي ياد رکندي آهي جيڪي عزت تان سڀ ڪجُھ قربان ڪندا آهن ۔
    ادا اوهان چيو ته اڄ ڪالھ جي ديشين کان الله پناھ ڏئي جي انهن لفظن کي دُعائن ۾ شامل ڪجي ته ربِ ڪريم انهن کي هدايت ڏئي ته بهتر رهندو ٻار کڻي نڀاڳو ڇو نه هجي پر سڏبو پنهنجي ماء پيء جو۔ گناھ کان نفرت واجب پر گنهگار کان نفرت اوهان پاڻ انجو ڪو مفهوم ڪڍو ۔
    باقي جي اوهان کي ڪو حقن جي ويڙھ تان اوهان کي سٺو يا بُرو ناءُ ڏئي ته سمجهو ان اوهان جي صحيح هئڻ جي تصديق ٿي ڪئي آهي اهي اوهان لاءِ مبارڪ بادون ئي آهن
    وسلام
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ديشي گينگ۔۔؟

    دوستو مان سنڌي آهيان سنڌي رهندس ۽ سنڌي هجڻ تي فخر محوسس ڪندو آهيان ادا پنهجي سنڌي دوستن کي اها گذارش آهي ته پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيڻ ۽ سياست ۾ به هڪ ليگل طور ڪم ڪن،پر جيتري قدر مون ڏٺو آهي ته اسان جا نوجوان سنڌي ديشي پاڻ کي سڏرائڻ ۾ فخر محوسس ڪن ٿا ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي پر دوستن کي اها گذارش آهي ته پنهنجو پاڻ کي تعليم جي شعبي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ کپين۔

    دوستن کي گذارش آهي ته اجائي دادگير نه ڪن اجائي گندا گيري نه ڪن پنهنجي قوم کي بدنام بجائي قوم جو نالو روشن ڪن۔ اميد ته دوست پنهنجو ٽائيم ويسٽ نه ڪندا ته مهرباني ٿيندي ان ۾ انهن دوستن جو فائدو آهي جيڪي تعليم تي گهٽ پر دادگيري اجايو ٽائيم ويسٽ ڪندا رهندا آهن هي عمر هوندي آهن انهن دوستن جي جيڪي يونيورسٽن ۾ فريش ويندا آهن انهن کي کپي ته غلط شيون نه واپرائڻ ڇو جو اسان جو ڪي ئي اهڙيون شيون ايڊاپٽ ڪندا آهن دوستو بس سنڌي ٿيڻ تي ايترو ناز ڪيو ٿا ته پنهنجي قوم جو نالو به روشن ڪيو تعليم جي ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجي قوم جي نمائندگي اهڙي ڪيو جو هر نسل هر قوم جو ماڻهو توهان جي قوم جي تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي باقي اجايو ٽائيم وڃائڻ سان ڪجه به نه ملندو دوستو تعليم جي هجڻ سان ئي توهان هر مسئلي جو حل ڳولهي سگهندا ان جو توڙ جواب ڏيندا ان مان صاف ظاهر آهي ته تعليم سان گڏ پنهنجي پارٽِي ۾ به ايڪٽونيس ڏيکاريو دوستو اميد ته اسان سڀ ائين ڪنداسين جو پنهنجي قوم جو نالو روشن ڪيو ۽ ڪندا رهون هميشه۔۔۔۔۔
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ديشي گينگ۔۔؟

    ادا نويد ڀتاخورن جا به قسم ٿا ٿين۔۔۔مونکي ته لڳي ٿو اُهي قومپرست پارٽين جو نالو وٺي اهو قدم کڻن ٿا۔۔وڌيڪ مان ان جي باري ۾ ڪجھ چئي نه ٿو سگهان۔
    ڇوته مان ڪڏهن ڀتو ڏنو ڪونهي ڪو ۽ نه ئي ڪنهن ديشي يا ڪامريڊ کي اهو ڪم ڪندي ڏٺو آهي۔
     
  8. john110

    john110
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايسوسئيٽ طور تي ھڪ نيم خود مختيار اداري ۾ ڪم ڪندو
    ماڳ:
    في الحال ڪراچي ۾
    جواب: ديشي گينگ۔۔؟

    ڀائو! سنڌ سڀني سنڌين جي آهي ۽ انهن جي پڻ جن پاڻ کي سنڌي ڪري ڇڏيو جيئن سنڌي پٺاڻ ۽ اهي جن ڪهڙي ٻولي به ڳالهائيندي پاڻ کي سنڌي ۽ سنڌين کي پنهنجو سمجهيو۔ شال سڀئي پنهنجي ڌرتي سان سچا ٿين آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو