سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نشريات

'نثار احمد ناز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    12 جنوري تي سنڌ سلامت جو سرپرست محترم نثار احمد ناز 50 سالن جي عمر کي پهچندا۔۔۔ پاڻ سنڌ سلامت جي سرپرستِ اعلى هجڻ سان گڏو گڏ ٽنڊو محمد خان جي ادبي حلقي ۾ هڪ خاص مقام رکن ٿا۔۔۔

    سندن سالگره جي ڏينهن تي ٽنڊو محمد خان جي انڊس ايف ايم ريڊيو اسٽيشن سندن انٽرويو نشر ڪندي جيڪو مقامي وقت مطابق شام جو 07:30 وڳي ٻڌرايو ويندو۔۔۔۔ سنڌ سلامت پڻ پنهنجي سرپرست جي گولڊن جوبلي سالگره تي کين ڀيٽا ڏيندي ساڳيو انٽرويو سڌو سئون پنهنجي رڪنن کي ٻڌرائڻ جو انتظام ڪيو آهي۔۔۔ ڇو ته سندن ڪافي چاهيندڙ سنڌ سلامت تي هر وقت موجود رهندا آهن۔۔۔ جنهن جو سبب يقينن سندن ڀرپور محنت، محبت ۽ لاجواب شاعري آهي۔۔
    دوستو محترم نثار ناز جو انٽرويو ته 12 جنوري 2011 تي شام جو ساڍي ست وڳي ايف ايم تان هوا حوالي ڪيو ويندو پر انڊس ايف ايم ريڊيو ٽنڊو محمد خان جي نشريات سنڌ سلامت جي رڪنن ڪاڻ ٻڌرائڻ جو اهتمام اڄ کان ڪيو ويو آهي۔۔۔

    [mov]http://industmk.listen2myradio.com/media/playradio772490.asx[/mov]

    ڪنهن ايرر اچڻ جي صورت ۾ مهرباني فرمائي آگاهي ڏيندا۔۔۔
     
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    ادا اسان وٽ ته هي وڊيو نٿي هلي۔
     
  3. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    ادا اسان جي طرفان سائين کي مبارڪباد۔ انشاءِ الله هي سال به سندس قوم جي خدمت ۽ ٻولي جي پکيڙ ۾ گذرندو۔ بهرحال سنڌ سلامت فورم پاڻ طرفان هڪ صدقه جاريه آهي۔ باقي اسان وٽ ان پروگرام جي بڌڻ جي سهولت نه آهي۔@};-@};-
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    سائين مون وٽ مڊيا پليئر ڪنڪيٽ ۾ ارر ٿو اچي۔۔۔مطلب ووڦرنگ ڪري ڪري رُڪجي ٿو وڃي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    يقينن سائين نثار ناز جي انٽرويو جو اسان کي شدت سان انتظار رهندو۔

    دوستو ڪنهن ايرر يا ٽيڪنيڪل فالٽ جي صورت ۾ اوهان هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري انڊس ريڊيو جي ڊائريڪٽ لنڪ تان به انٽرويو ٻڌي سگهو ٿا
     
  6. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    ادا توهان واري ڏنل لنڪ صحيح آهي ۽‌هيئنر اسان عصر جي آذان انهي تان ٻڏي رهيا آهيون۔
     
  7. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    ادا ضرور ٻڌنداسين
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش


    ادا رشيد توهان جي ڏنل ريڊيو جي لنڪ ۾ ڪو ايرر آهي جيڪو ادا عاشق ٻڌايو اهو ايرر پيش پيو اچي

    باقي ادا سليمان جي ڏنل لنڪ درست آهي ان ۾ هڪ وقت هڪ بهترين انڊين گانو پيو هلي

    باقي اسان کي سائين جي انٽريو جي شدت سان انتظار رهندو

    ايڊوانس ۾ سائين جي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سدائين گڏ
     
  9. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    سائين کي ايڊوانس ۾ سالگره مبارڪ هجي۔ انٽرويو ٻڌڻ جي خواهش پوري ٿيندي
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    ڪالهه تمام جلدي ڪرڻي پئي جو بجلي جي وڃڻ جو وقت هيو ۔۔۔ تنهن هوندي به مون فائر فاڪس برائوزر تي پليئر هلائي ڏٺو ته ريڊيو هلي رهيو هيو۔۔۔ اڄ هڪ دفعو ٻيهر تسلي سان ڪم ڪيو اٿم هن دفعي ريڊيو فائر فاڪس کان سواءِ انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي پڻ هلي رهيو آهي۔۔۔ بس دوستن کي عرض آهي ته لوڊنگ خاطر ويب پيج جي پوري کُلڻ جو انتظار ڪن۔۔۔ ٻيو ته پليئر کي پاڻمرادو هلائڻ جو آپشن لڳايو ويو آهي پر نه هلڻ جي صورت ۾ هڪ ٻه دفعو پلي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري چيڪ ڪري ڏسن۔۔۔
     
  11. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    سائين مان گوگل ڪروم يوز ڪندو آهيان۔۔۔۔ان ۾ ساڳيو ئي مسئلو ٿو اچي۔۔؟؟؟؟
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    ماشاء الله تمام سهڻو انٽرويو ٻڌو سون، گيتن ۽ شاعريءَ سان سنواريل هي انٽرويو ڏيڻ تي سائين نثار ناز کي واڌايون هجن، جنهن ۾ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو ذڪر پڻ سهڻن لفظن ۾ ڪيو ويو ۔۔۔

    بو اچي باغن مان رت جي ۔۔۔ سمجهجو ته سنڌ مٿان آ وڏو ڌاڙو لڳو

    سلام نثار ناز ۔۔۔
     
  13. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    سائين اسان وٽ اهو ويڊيو هلي ئي ڪونه ٿو۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي سرپست نثار ناز جي سالگره تي ايف ايم ريڊيو طرفان سندن انٽرويو جي نش

    [justify]مان ٿورائتو آهيان سائين عبدالرشيد سمون جو جنهن مون تي قرب ڪندي منهنجو هي انٽرويو سنڌ سلامت تان براهه راست هلايو، دوستو ٽي ڏينهن پهرين ايف ايم ٽنڊو محمدخان وارن مونسان رابطو ڪيو هو ته 12 جنوري تي منهنجو جنم ڏينهن آهي ان ڪري ايف ايم ٽنڊو محمد خان وار چاهين ٿا هڪڙو خوشين ڀريو انٽرويو توهان سان ڪيو وڃي۔ ڪو وصي قريشي صاحب جيڪو ايف ايم ٽنڊو محمد خان جو شايد آرگنائيزر آهي، مون کيس چيو ته بابا منهنجو ڪو ڪتاب ڪونهي ان ڪري منهنجو انٽرويو ڇو ٿا هلايو، چوڻ لڳو سائين نثار ناز انٽرنيٽ جو زمانو آهي اسان کي توهان جي هر ڪوشش جي خبر آهي سنڌ سلامت کان وٺي فيس بوڪ تي سنڌي شاعري ۽ ڊزائن جي حوالي سان تنهنجي هرڪا شاعري تي اسان جي نظر آهي، فيس بوڪ تي توهان جي ڄمڻ جي تاريخ 12 جنوري 1961 ع لکيل هُئي سو توهان جي تلاش ۾ لڳا پيا هُئاسين تنهنجو نمبر هٿ ڪري توکي فون پيا ڪريون سائين اڄ توهان وٽ ٽائيم آهي يار ڏسان ٿو انهن چيو ته سائين رات جي نوين وڳي توهان جي انٽرويو جي رڪارڊنگ طئي ٿي وئي آهي چڱو ادا مان اچان ٿو۔ ماسات سڳوري کي چيم تي ايف ايم تي منهنجي انٽرويو جي رڪارڊنگ آهي، چوڻ لڳي ڀلي تنهنجو به انٽرويو رڪارڊ ٿيندو ۽ هلندو ۽ راڄ ٻُڌندو، جهونا ڇو اچي پيري ۾ کريو آهين، ايتري ۾ منهنجي وڏي پُٽ اها صورتحال ٻُڌي پي سو چوڻ لڳو ته ابو توهان وڃو وڃي پنهنجو انٽرويو رڪارڊ ڪرائي اچو ان وقت پوري شهر جي بجلي به لوڊ شيڊنگ جي ور چڙهيل هُئي۔ گهر جي دروازي تي اچي ٻيٺس ته هڪڙي رڪشي واري جو اتان گُذر ٿيو کيس چيم ته يار مونکي ايف ايم ٽنڊو محمد خان جي آفيس هلڻو آهي، چيائين ته مونکي خبر ڪانهي ته ڪٿي آهي، مون چيو ته انڌن وڃي ملتان لڌو پاڻ ٽنڊو محمد خان شهر جي ايف ايم ريڊيو جي آفيس ڪونه ڳولي لهنداسين؟ رڪشي واري چيو ته سائين سي به گهڻو آهي؟ چيومانس ته سمجهي ويس پيٽ ۾ سور اٿئي ته ڪرايو وڌائي ڏنو وڃي چيومانس ته گهڻو وٺندي ايوبيه بس اسٽاپ تائين چيائين سئو روپيا، الله خير ڪرئي يار ايوبيه بس اسٽا پ صرف ٻه ڪلو ميٽر پري آهي ۽ سئو روپيه ڪافي ڳرا آهن۔ چوڻ لڳو ته سائين اتي هلي اسان کي ايف ايم ٽنڊو محمد خان آفيس به ته ڳولهڻي آهي، ها يار اها ڳالهه ته مون سوچي ڪانه يار هاڻ ائين ڪر جو کڻي مونکان اسي مت کسي واري پاڪستاني روپيه اسي وٺ ۔ چلو سائين ڇا ياد ڪندا وهو رڪشي ۾ ته هلون ٿا ۔ 10 منٽن ۾ اسان ايوبيه بس اسٽاپ تائين پهتاسين۔ اتي پڇا ڪئي سين ته خبر پئي ايوبيه بس اسٽاپ جي بلڪل سامهون انور ڪالوني ۾ ايڌي سينٽر جي بلڪل پاسي ۾ آهي، اڙي رڪشي وارا تون عام طرح ايوبيه بس اسٽاپ جا ڪيترا پيسا وٺندو آهين چوڻ لڳو ته سائين چاليهه روپيه ، ته پو پڻهي جي بادشاهي آهي جو مونکان اسي روپيه ڀاڙي جو ڪٿ ڪيو اٿئي بس مان هتي ايوبيه بس اسٽاپ تي لهان ٿو سامهون ايف ايم ريڊيو جي آفيس آهي چاليهه روپين کان مٿي ٽڪو به ڪونه ڏيندوسائين۔ رڪشي واري اهڙو ڪڇي جهڙو ڀت کيسي 10 10 روپين وارا چار نوٽ ڪڍي رڪشي واري کي ڏنم جيڪي رڪشي وارا سور ٻري سان ورتا پر سندس چهرو ٻُڌائي رهيو هو ته هو دل کولي اندر اندر ۾ مونکي گارين جا ڌڌڪا لڳايو ويٺو هو۔ خير اڳيان چند فرلانگن جي جڳه تي انڊس ايف ايم وارن جو دفتر هو بجلي اڃان تائين ڪانه آئي هُئي پر انڊس ايف ايم ٽنڊو محمد خان وارن جي دفتر ۾ جنريٽر هو يا خبر ناهي يو پي ايس ها روشني هُئي سو سيڙهين تي چڙهي اندر آفيس ۾ گهڙيس، اڙي سائين نثارناز اچي ويو ڏٺم ته اتي منهنجا ڪافي سارا دوست جن ادا اعظم ڀٽي جنهن مونکان انٽرويو ورتو هو اهو هو، ادا محمد اسلم الفت سمون، ادا ڪامران سومرو سڀني وڌي اچي منهنجو استقبال ڪيو اڙي يار ساري عمر انهن انٽرويوز کان ڀڳو آهيان توهان مون مولائي کي پنڌ ڪرايو ڀلا منهنجو ڪهڙو ڪارنامو آهي جو مونکان انٽرويو ٿا ڪريو سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته سائين توهان اندر اچو ته سهي ادا ڇا ڏسان اندر ويس ته فيس بوڪ تي منهنجو پيج کليل هو جنهن مان هنن منهنجي سموري شاعري جيڪا ڊزائن واري هُئي ان جا پرنٽ ڪڍي ويٺا هُئا، وري سنڌ سلامت جي هر هڪ انٽري انهن اتي جو اتي مونکي ڪلڪ ڪندا ڏيکاريندا ويا، چوڻ لڳا سائين توهان جو ڀلي ڪتاب ڪونهي ڪو پر توهان جي پنهنجي شاعري ۽ سنڌ سلامت جي حوالي سان تمام گهڻي جاکوڙ ڪيل آهي، سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي آهي توهان ڇا اسان ٽنڊو محمد خان وارن لا اهو اعزاز ڪونهي ته توهان دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي وڏي ۾ وڏي ويب سائيٽ سنڌ سلامت جا سرپرست آهيو، سائين اسان لا اهو اعزاز ڪونهي ته ڀارت جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فنڪاره محترما ڪوشي لالواڻي صاحبه توهان جو نظم ڳايو آهي، اڙي يار توهان ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڃ ڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان ته منهنجي سلسلي ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي۔ چوڻ لڳا ته سائين جاکوڙي ماڻهن لا اسان جاکوڙ ڪونه ڪنداسين ته وري ٻيو ڪير ڪندو، ايتري ۾ چانهه به اچي وئي گڏجي چانهه پيتيسين۔ مون پڇيو ته توهان انٽرويو جو اسڪرپٽ تيار ڪيو آهي چوڻ لڳا ته سائين اسان کي خبر آهي توهان في البديع انٽرويو رڪارڊ ڪرائي ويندا! ان کان پو جيڪو به انٽرويو ٿيو توهان ٻُڌو توهان سڀني دوستن جا ٿورا آهن جو مون جهوني سان پنهنجي قربن جا رنگ لڳائي ڇڏيا توهان منهنجي جنم ڏينهن جي موقعي تي اصل محبتن جا انڀار لڳائي ڇڏيا آهن ڪوشش ڪريان پيو انهي رڪارڊنگ جو آڊيو هٿ ڪريان جيڪڏهن ملي ويو ته ضرور ونڊ ڪندس[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو