• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عينڪ لڳائڻ کان اڳ ئي ڪال ڪرڻ واري کي سڃاڻو۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
05A0538.jpg

سنڌ سلامت فورم تي جهونن جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي هڪ دفعو وري انهن لاءِ هڪ ڪم جي شي کڻي آيو آهيان۔۔۔۔
ٽيلي فون جي گهنٽي وڄڻ کان پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي جڳهه تان اٿي عينڪ ڳولڻ کان اڳ ئي پري کان اهو معلوم ٿي وڃي ته ڪال ڪرڻ وارو ڪير آهي ته ڇا اها ڳالهه توهان لاءِ ڀلي نه هوندي۔۔۔؟
Jumbo Caller ID انهي ڳالهه کي حقيقت جو روپ ڏنو آهي ۔۔۔۔ هن جي روشن LCD ڊسپلي سڪرين تي گهنٽي وڄندي ئي وڏن وڏن اکرن سان فون ڪرڻ واري جو نالو ظاهر ٿيندو آهي جنهن کي پڙهڻ انتهائي آسان هوندو آهي۔۔۔۔ ساڍا ڇه انچ ويڪري ۽ سوا ٻه انچ ويڪري هن ڊسپلي سڪرين تي ڪال ڪرڻ واري جو نالو ۽ نمبر اچي ويندو آهي۔۔۔۔۔ ان سان گڏ ئي 90 ڪال ڪرڻ وارن جو ريڪارڊ پڻ محفوظ ٿي ويندو آهي۔۔۔۔ ان طرح توهان هر ڪال کان باخبر ٿي سگهو ٿا۔۔۔۔ هن آلي کي چاهيو ته ميز تي رکو يا چاهيو ته ديوار تي لٽڪايو۔۔۔۔
هن آلي تي ڊائل بٽڻ به لڳل هوندو آهي جنهن کي دٻائي ايندڙ نمبر کي ري ڪال پڻ ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔۔ ان کان سواءِ هي سڌو سئون وائيس ميل ايڪسيس نمبر کي به ڊائل ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔
ياد رهي ته جمبو ڪالر آئي ڊي جي قيمت 95۔69 ڊالر گهري ويندي آهي۔۔۔۔
 
ادا رشيد جهونن جو ايترو خيال رکڻ جي تمام گهڻي مهرباني ادا سان جي ڪم جي ڳاله شيئر ڪئي اٿئي شل جڙيو هجين
 
Back
Top