ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
علم
علم سان دنيا جو دستور آهي
علم ئي انڌن لاءِ نور آهي
علم سان ادب علم شعور آهي
علم بنان آدمي بي نور آهي
علم سان بدلو وٺي سگهجي ٿو
علم جو زيور پائڻو ضرور آهي
علم سعادت علم آهي سخاوت
علم ڪنجوسيءَ کان ڏور آهي
علم حياء علم شرم علم شرع
علم بنان آدمي ڄڻ مجبور آهي
علم ۾ زندگي ۽ علم ۾ بندگي
”ڏاڏل” لاءِ علم شرابِ طهور آهي
علم ئي انڌن لاءِ نور آهي
علم سان ادب علم شعور آهي
علم بنان آدمي بي نور آهي
علم سان بدلو وٺي سگهجي ٿو
علم جو زيور پائڻو ضرور آهي
علم سعادت علم آهي سخاوت
علم ڪنجوسيءَ کان ڏور آهي
علم حياء علم شرم علم شرع
علم بنان آدمي ڄڻ مجبور آهي
علم ۾ زندگي ۽ علم ۾ بندگي
”ڏاڏل” لاءِ علم شرابِ طهور آهي