• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فلسفهءِ احڪام

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
آ قرآن انسان جي ڊاڪٽ بوڪ اهي ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته قرآن جا 70هزار ظاهري ۽ 70هزار باطني مفهوم آهن ۽ تقوى جون 70 هزار ڊگريون آهن ( اها روايت امام خميني رحه چهلِ حديث ۾ درج ڪئي آهي ) هاڻي جيڪو تقوى ۾ جيترو بلند هوندو مفاهيمِ احڪامِ الهي کي سمجهڻ توڙي ڏسڻ جي نّظر ان جي پنهنجي هوندي ۔ شاھ رحه جي اهو ڪو ٻيو فهم جِي ڳالھ ڪئي آهي ته اهو اِهو فهم ناهي جنهن نگاھ سان اسان سندس شعر جو مطلب ڪڍون ٿا ، ان لاءِ شاھ جهڙي نگاھ رکڻ ضروري آهي ، هڪ سالڪ جي سامهون اسانجي ڳوٺ جي حضرت موالي اهو شعر پرهيو سالڪ مسڪرائيند ي عجيب جواب ڏنو بابا اسان کان ته اهو زناڻو ڪم به ڪونه ٿو ٿئي سو ان فهم تي ڪا ٿي پهچنداسين، ( منهنجو مقصد ڪنهن دوست جي دل آزاري ناهي) ۽ جڏهن ڪنهن وقت تنهائي ۾ مون انهن کان پڇيو ته سائين پوء ان فهم مان مُراد ڇا آهي ته سائين جن فرمايو ڏاڏل منهنجي نگاھ شاھ صاحب جهڙي ٿورئي آهي جو آ اهو ٻڌايان ته شاھ صاحب جي نگاھ ۾ اتي فهم مان مطلب ڇا آهي پر ايترو سمجھ ۾ اچي ٿو نماز جو فلسفو آهي انسان کي بُرائي ۽ بي حيائي کان روڪيندي آهي مون چيو ته سائين اسان وٽ ته ماڻهون نمازون به پڙهن ٿا ۽ برائيون به ڪن ٿا ته سائين چيو اهو سوال مدارجِ نماز سان جڙيل آهي ( انشاءالله انهن جو احوال به ڪبو پر ڪنهن ٻي ساعت) ۽ روزو انسان جي اندر تقوى يعني پرهيز گاري پيدا ڪندو آهي جڏهن انسان بُرائي ۽ بي حيائي ءِ جي ڪمن کان رُڪجي وڃي ۽ تقوى حاصل ڪري قربتِ الاهي جو مُرتَڪِب ٿي وڃي ته شايد پوءِ اهڙي ميدان ۾ داخل ٿي ويندو آهي جتي روزو نماز زنانو ڪم لڳندو آهي

هر وقت اصلاح جو محتاٍج

وسلام
 
Back
Top