تعارف

'تعارف' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    22 جولائي 1982 تي پئدائش کان پوئي بابا جي سعودي عرب ۾ نوڪري هجڻ ڪري پهريان 9 سال مڪه مڪرمه ۾ گذريا۔ 4 ڪلاس تائين تعليم جده ۾ پاڪستاني ايمبيسي ا سڪول ۾ حاصل ڪئي جتي سنڌ جي رائج الوقت نصاب موجب تعليم ڏني ويندي هئي۔ ان کان پوئي فيملي سنڌ شفٽ ٿي۔

    مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي ۾ حاصل ڪئي جيڪو ضلي بدين سان تعلق ٿو رکي۔ انٽر آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪالج بدين مان ڪيو ۽ تنهن کان پوئي سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر آف سائنس ڪيميسٽري ۾ ڪئي۔ ان کان پوئي ايم فل ڪيميسٽري ۾ ڪئي ۽ هن وقت پي ايڇ ڊي ڪري ورتي آهي ائنالائٽيڪل ڪئمسٽري (تجزياتي ڪئمسٽري) ۾ ٻوٽن جي طبعي اهميت وارن ماليڪيولس جي پروڙ تي۔ هيستائين سائنس جي شعبي ۾ 9 تحقيقي پيپر انٽرنيشنل جرنلس ۾ ڇپجي چڪا آهن جڏنهن ته 5 زير طبع آهن۔

    هن وقت نوڪري پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ اندسٽريل ريسرچ (پي سي ايس آء آر ) ۾ سائنٽيفڪ آفيسر طور آهي۔
    رهائش ڪراچي ۾ سنڌين جي تاريخي ڳوٺ ۽ سنڌ جي دِل سچل ڳوٺ ۾ آهي۔

    ٽي سال بعد
    تعارف کي اڄ ٽِن سالن کان پوءِ اپڊيٽ ڪندي پنهنجي تحريرن کي هتي سهيڙيان ٿو۔

    #عنوان سيڪشنتصويرون
    1يونس ملڪاڻي هڪ نه ٽُٽندڙ ارادن جو ٻيو نالوٿورا مه ٿورا
    2ٻي شادي بابت مونجهارا!قانوني صلاح مشورا
    3ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏحالاتِ حاضره
    4ڪراچي جي موجوڊه حالتن کي ڀيٽا! (منهنجي شاعري)حالاتِ حاضره
    5منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي-بدينحالاتِ حاضره
    6موبائيل اسڪريچ ڪارڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ اسان جي صحت!صحت سرير جي
    7ايئر بليو جو حادثو، بريڪنگ نيوز جو فيشن ۽ ڪي ٽي اين ڪاوش گروپ!خبرون منهنجي سِنڌ جون
    8سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!ٿورا مهَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    9انڊو گرم ڪرڻ تي پگهرڻ بجاءِ ڄمي ڇو ٿو؟
    10دنيا جون مختلف هوائي جهاز ڪمپنينون ۽ انهن جون خوبصورت ايئر هوسٽس!کِل ڀوڳ
    11ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!خبرون منهنجي سِنڌ جون
    12منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پوءِسنڌ جون وسنديون
    13پراڻيون ڪهاڻيون نئين دور مطابق!کِل ڀوڳ
    14سنڌ سلامت گڏجاڻيٿورا مه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    15سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ تعليم تي ليڪچر پروگرام ۽ تعليم جو حال!اکر پڙهه الف جو
    16يونس ملڪاڻي جي ادبي ڪيرئير جي پهرين تحرير (ڪهاڻي)مختصر پر سبق آموز
    17الطاف شيخ جي سڀني ڪتابن جا لنڪ!متفرقه سنڌي ڪتاب
    18ڇي ڇٽي يا شي شٽي؟کِل ڀوڳ
    19ڪامريڊ شفيع جو حسنين مرزا لاءِ ٺهيل پينا فليڪس!کِل ڀوڳ
    20 اسان سنڌين جو ڪم هاڻي يورپ وارا پسند ۽ استعمال ڪرڻ لڳا آهن! مختلف موضوعتصوير
    21واهه چاچا ڪريمٿورا مه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    22آسٽريا: اسلام هڪ سؤ سالن کان تسيلم ٿيل مذهباسلام زنده آباد
    23ويندڙ حڪومت ۽ ايندڙ نوڪريونکِل ڀوڳ
    24سُهڻن جي ساک!شاعري
    25ايڪسپو ڪراچي ۾ ٿيل اٺين بين الاقوامي ڪتابي نمائشسنڌي ادب
    26الطاف شيخ سان ملاقات ۽ سنگاپور جون پليٽون!سنڌي شخصيتون
    27هو ۽ آئون ڇا ٿا سوچيون؟راءِ شُماري
    28وات جي ڌپ: مسئلو، ڪارڻ ۽ حلصحت سرير جي
    29علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻو پوي ته به وڃو۔ (اسڪالرشپس)اکر پڙهه الف جو
    30منهنجي 16 سال اڳ لکيل هڪ تحريرسنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا
    31سيٽلائيٽ اميجز جا نوان ۽ حيران ڪندڙ استعمالآئي ٽي بابت تازيون خبرون
    32اڄوڪي دور جون جڳ مشهور عورت اديبائونمختلف موضوع
    33عرب مُلڪن جا ڀلا روڊ ۽ اُٺدلچسپ ۽ عجيب
    34سنڌ سلامت سروي (ڏهه سوالن جا مختلف جواب)راءِ شُماري
    35سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام- جتي سنڌ گڏجي ٿيٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    36جي آر اي GRE ٽيسٽ ڇو ضروري آهي؟ (ڪاوش مڊويڪ ۾ ڇپيل)
    37رحمت الله ماڃوٺي جو ناول ”ڳولا“ڪتابن تي تبصرو
    38موبائيل فون جي وَبا ۾ وڪوڙيل ڇوڪريونحالاتِ حاضره
    39رشتن ناتن بابت چيني سيلز گرل جا دليلامنِ عالم
    40سچل ڳوٺ کان رني ڪوٽ جي سير جو احوال!سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام
    41کير ٿر جي جبلن ۾ هڪ شاممختلف موضوع
    42تُرڪي جي شهر ترابزون لڳ تاريخي خانقاهه ”سُميلا موناسٽري” مختلف موضوع
    43ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو “باريش“ مختلف موضوع
    44تُرڪي جي ماڻهن لاءِ سنڌي کاڌو “گجرن جو حلوو“ مختلف موضوع


    منهنجيون لکيل ڪهاڻيون[/SIZE]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تعارف

    سائين حفيظ لغاريء کي ڀليڪار

    اوهان جو خوبصورت تعارف پڙهيوسين۔ سنڌ سلامت کي اهڙن ئي دوستن جي ضرورت آهي۔ اوهان جون خدمتتون سچل ڳوٺ ۾ به گهڻيون رهيون آهن۔ تعليم جي طرف اوهان جو لاڙو ۽ اوهان جون صلاحون سدائين ڪم اينديون آهن۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعارف

    [justify]مڪو، بدين ۽ سچل ڳوٺ سان جيڪو ٽڪنڊو ٺهي ٿو ۔۔۔ ان ئي ٽڪندي تي منهنجي حياتي جي گاڏي پڻ ڊوڙندي رهي آهي ۔۔۔ انڪري ائين چئجي ته دير يا سوير اسين پڻ هڪ ئي ٽڪندي تي ڊوڙڻ وارا ساٿي آهيون ۔۔۔

    آ سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اوطاق تي پنهنجي ساٿي دوست لغاري کي ڀليڪار چوندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، ائين ڄڻ ڪنهن پراڻي وڇڙيل دوست سان مليو هجان ۔۔۔ هڪ ئي راهه جي راهي کي ڊوڙ پائي اچي پهتو هجان ۔۔۔

    محترم سليمان وساڻ اوهانکي سنڌ سلامت بابت ته سڀ ٻڌايو هوندو ۽ باقي اوهان پاڻ پنهنجي ڪيميا سان اسانجي هن اڱڻ تي ڦيرا ڪري اسانجو مان مٿاهون ڪندا رهندا ۔۔۔

    اوهانجي تعليمي ڄاڻ ۽ ڪيميا ۾ طبابت جي تعليم جو ٻڌي ائين چوڻ تي دل ٿي چوي ته ڌارين کي رڙيون ڪري اوهانجو ڏس ڏيان ته ڏسو اسانجا سنڌي به ڏاها آهن ۽ اسانجا سنڌي محترم قابل آهن ۽ پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان قوم جي سينڌ سنواري رهيا آهن ۔۔۔

    محترم دوست اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن ۽ اميد ٿا ڪريون ته اوهان پنهنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ سان سنڌ جو مان مٿاهون ڪندا ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي ميدان ۾ ڪاميابي جا علم ڄمائيندا ۔۔۔ فخر آهي اسانکي جو هن اڱڻ تي اوهان جهڙو دوست ڪهي آيو آهي ۔۔۔

    اميد آهي ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ اسانجي هن اڱڻ کي پنهنجي علم سان روشن ڪندا رهندا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تعارف

    ادا عبدالحفيظ لغاريء کي سنڌ سلامت جي سهڻي اوطاق جو ميمبر ٿيڻ تي دلي ڀليڪار

    آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
    پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
    گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون​


    [JUSTIFY]عبدالحفيظ لغاري سنڌ جي انهن نوجوان لکيل پڙهيل دوستن مان هڪ آهي جن پنهنجي تعليم ۽ تحقيق ذريعي سنڌ ۽ سنڌين جو مان مٿاهون ڪيو آهي۔ سندن هڪ ٻي خوبي اها آهي جو پاڻ تعليمي ۽ سماجي کيتر ۾ به دوستن سان گڏ آهن۔

    پاڻ انهن ماڻهن مان آهن جيڪي تنقيد براء اصلاح تي يقين رکن ٿا ۽ هڪ صحتمند بحث جا حامي آهن۔ اسان سان هميشه ساٿ ۾ گڏ رهندڙ حفيظ سنڌ سلامت جو ميمبر ته گهڻو اڳ ئي ٿيو هو پر اڄ هن باضابطه ليک لکي شروعات ڪئي آهي۔ سندس لک ٿورا جو اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيو آهي۔

    اسين اميد ڪنداسون ته پاڻ سهڻا ليک اسان سان وند ڪندو رهندو۔ هڪ دفعو ٻيهر کيس ڀليڪار
    [/JUSTIFY]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: تعارف

    ادا سليمان صاحب، مرتضا صاحب ۽ خاص طور ابڙو صاحب!
    اوهان جا وڏا وڙ۔۔۔۔عزت افزائي لئي ٿورا۔ سنڌ سلامت ته ساٿ به سلامت۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تعارف

    ادا ڀلي ڪري آيا (جده ۾ پاڪستاني ايمبيسي ا سڪول) جي ذڪر ڪري اوهان اسان کي ماضي ڏانهن وٺي ويا ۔ بندي جي خود پيدائش جده سعودي عرب جي آهي ۽ مون پاڻ به هن ئي اسڪول ۾ چار سال تعليم حاصل ڪئي آهي۔سو عجيب اتفاق ٿي پيو آهي۔ خير الله تعالى اوهان کي خوش رکي ۽ اميد ڪجي ٿي ته هن فورم تي اوهان جي قيمتي مضمونن مان لاڀ حاصل ڪنداسين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: تعارف

    ڀاءُ هن محبتي اڱڻ تي اوهان کي دل سان ڀليڪار چئون ٿا۔ هي اوهان جي ئي اطاق آهي، هت اوهان جهڙن لائق دوستن جو ئي انتظار رهندو آهي۔ بهرحال انشاء الله گڏجي سنڌ لاءِ، سنڌي قوم لاءِ، سنڌي زبان لاءِ، سنڌ جي مستقبل لاءِ ڪم ڪنداسين، محترم اوهان جي انيڪ لکڻين جو انتظار رهندو۔ سائين وري به جي آيا۔@};-@};-
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تعارف

    علم جي ترويج توڙي تحقيق تي پاڻ پتوڙيندڙ سائنسي علم جي عالِم کي اسان جي طرفان دلي واڌايون
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: تعارف

    ادا عبدالحفيظ لغاريء کي سنڌ سلامت جي سهڻي اوطاق جو ميمبر ٿيڻ تي دلي ڀليڪار​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: تعارف

    ادا سڀني دوستن جا ٿورا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تعارف

    ادا توهانکي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا اميد توهان پنهنجي ناليج مان اسان جي علم ۾ اضافو ڪندا توهان جهڙا قابل دوستن کي فخر محسوس ڪندا آهيون اسان جي نوجوانن سنڌين دوستن کي توهان کي ڏسي ڪري توهان وانگر ٿيڻ جي الله تعالي توفيق ڏئي آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تعارف

    ادا عبدالحفيظ لغاريء کي سنڌ سلامت جي سائيبر اوطاق جو ميمبر ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: تعارف

    ڀليڪار ڀليڪار

    ادا توهان کي هن ڪکائين اوطاق تي ڀليڪار

    منهنجي بدين شهر ، لاڙ جي ماڻهن کي هن اوطاق تي ڏسي دل خوش ٿي وئي

    مهربانيون سائين لک ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تعارف

    ادا عبدالحفيظ توهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تعارف

    ادا عبد الحفيظ ليغاري اوهان کي خوش آمديد۔
     
  16. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اوهان جي بلاگ جي ذريعي هن موضوع تي پهتس.. يار ڇا ته بهترين انداز سان پنهنجو تعارف پيش ڪيو اٿوَ. اصل دل ٺري پئي...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
    پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
    گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون


    تمام سهڻي نموني پنهنجو تعارف ڪرايو سائين اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀلڪار چئون ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو