ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٽوپيءَ سان حشر پيارا دوستو اسلام عليڪم مونکي سمجه ۾ ئي نٿو اچي ته ڳاله ڪٿان شروع ڪيان۔ دراصل ڳاله ئي اهڙي آهي ته سنڌي ٽوپي جيڪا سنڌين جي هزارين سالن کان ثقافت آهي۔اسان جي ان ثقافت سان به دشمني ڪئي پئي وڃي۔ ڪراچيء ۾ رهندڙ پٺاڻ سنڌي ٽوپي پائن ٿا ان تي اسانکي اعتراض ناهي پر هاڻي پٺاڻ سنڌي ٽوپي اُبتي پائڻ لڳا آهن ٽوپي جو رخ ڪياڙيء ڏانهن ڪري پائڻ اسان جي ثقافت سان ظلم آهي۔ تمام جلديء سان اها دشمني وڌي رهي آهي۔ سنڌي ٽوپي ابتي ڪري پائڻ سنڌين سان هڪ کليل مذاق آهي ۽ ٽوپي ابتي پائي پٺاڻ پنهنجي پيٽ ڍَوائي ڏيکارڻ چاهن ٿا۔ اسانکي گڏجي ڪري پنهنجي ثقافت بچائڻ گهرجي۔پر ڪيئن؟ توهان جي مشورن جي سخت ضرورت آهي۔ ڪجه مشورا مون وٽ به آهن۔ 1-اسانجا جيڪي سنڌي رهنما آهن انهن تائين اها ڳاله پهچائي وڃي ته اهي پٺاڻن جي رهنمائن کي چون ته هو پنهجن کي سمجهائن۔ 2-اسانجا جيڪي سنڌي ڀائر صحافت سان لاڳاپيل آهن اهي ان موضوع تي ڪالم ۽ مضمون لکي ان مسئلي کي ميڊيا تي آڻن۔ 3-جن جن دوستن وٽ سنڌي ليڊرن جون ايڊريسون هجن اهي سنڌي ليڊرن ۽ سنڌي وزيرن کي اي ميل يا خط لکي ان مسئلي کان آگاه ڪري سنڌي ٿيڻ جو فرض نڀائن۔ 4-سنڌي ثقافت جي بچاء لاءِ جيڪي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن انهن تائين اها ڳاله پڄائي وڃي۔
بلڪل ادا توهان جو مشورو صحيح آهي جيڪڏهن انهن کي هاڻ ئي نه روڪيو ويو ته اهي اڳتي هلي وري ڪا ان جهڙي ٻئي حرڪت ڪندا . ادا مان توهان سان متفق آهيان
ادا مگسي؛ ڳالهه ته اوهانجي بلڪل 100 فيصد صحيح آهي ... پر ڪجه سوال آهن؛ 1. ڇا اهو ايترو آسان آهي جو صرف انهن جي ليڊرن کي چئبو ۽ هي صاحب مڙي ويندا ۽ ٽوپي ابتي نه پائيندا؟ 2. اهو ڏٺو ويو آهي ته سنڌي هاڻ پنهنجي ثقافت کي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ اپنائڻ کان لنوائن ٿا ... ايئن ڇو؟ 3. ڇا سنڌي ان حال ۾ آهن ته هو ڌارين کي زور ڪري سگهن ته هو سنڌ جي ثقافت سان هٿ چراند نه ڪن؟ ٻيا به اهڙا ڪئي سوال آهن جن جا جواب ڏيڻ شايد ڏکيا آهن ...!!!پر شايد انهن جي جوابن ۾ ئي حل به آهن … ايئن آهي يا نه ..؟ sadayeen gud shal judy hujeen
ادا ڪهڙي به پهراڻ کي الٽو پائجي ڇا اُها درست لڳندي آهي؟ موکي يقين آهي ته توهان جو جواب نه ۾ ئي هوندو، ڪنهن به پهراڻ کي ابتو يار انهي جي مخالف سمت پائڻ انهي جي بي عزتي آهي. سو ڪوشش ڪندا ڪريو ته هميشه ابتو کي سبتو ڪري پوءِ پائيندا ڪريو.
ادا مگسي ! سنڌ جي ثقافت سان هٿ چراند بابت آگاه ڪرڻ لاءِ توهان جي مهرباني۔ منهنجو مشورو اهو آهي ته جيڪي به سنڌي دوست سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪن ٿا اهي پنهنجن سڀني سنڌي دوستن ۽ عزيزن کي اي ميل ڪري آگاه ڪن۔
مُعاف ڪجو دوستو هن مسئلي تي ٿورو دير سان لکي رهيو آهيان ڪراچي شهر ۾ لياري واري علائقي ۾ مُنهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته اسان جا قديمي سنڌي جيڪي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پهرين هندوستان جي علائقي ڪڇ ڀُڄ کان مستقل هتي آباد ٿيا آهن انهن ۾ مُنهنجا مائٽ به ڪافي سارا آهن انهن جي هڪ شادي جي دعوت ۾ ويس گهوٽ صاحب بوسڪيءَ جي وڳي ۾ چمڪندڙ هيرن واري سنڌي ٽوپي جنهن جي ماليت مون گهوٽ کان پُڇي هو ٻه هزار روپيه ٻُڌائي رهيو هو۔ اهو پڻ پنهنجي مٿي تي ان شاندار سنڌي ٽوپيءَ کي اونڌي پائي آيو هو۔ ان جا ڪافي سارا دوست جيڪي پينٽ بُشٽن ۾ هُئا انهن جي مٿن تي پڻ اونڌيون سنڌي ٽوپي پهريل هُيون۔ سموري شاديءَ ۾ مُنهنجي مٿي تي پڻ سنڌي ٽوپي پهريل هُئي پر اها بلڪل سڌي پهريل هُئي۔ گهوٽ پاڻ ۽ سندس دوست مُنهنجي سڌي پهريل سنڌي ٽوپيءَ تان کلي رهيا هُئا۔ خير اها ته درگُذر ڪري ويس۔ پر انهن تاڃي پيٽي سنڌي ڪڇين جڏهن مُنهنجو تعارف هن ريت ڪرايو ته هي نيشار آهي (نثار جي بگڙيل شڪل) هي سنڌ ٽنڊو محمد خان کان آيو آهي۔ مُنهنجا ته تاڪ لڳي ويا۔ ڇا ڪراچي سنڌ ڪونهي بس جڏهن اسان جا پنهنجا سنڌي انهي اهم ترين ڳالهين جو خيال ڪونه ڪندا ته باقي پٺاڻن ۽ غير قومن جي فردن کي اسان ڪهڙو ڏوهه ڏينداسين۔ اهڙو ئي واقعو ڪراچي ءَ جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ پڻ مُنهنجي مشاهدي ۾ آيو، ابراهيم حيدري ۾ رهندڙ گهڻُو ڪري سمورا ملاح سنڌي آهن اتي ڀي مونکي انهن خالص سنڌي ماڻهن جي مٿي تي مون اونڌي ٽوپي پهريل ڏٺي۔ هاڻ ٻُڌايو ته هن بحث جي اختتام تي اسان ڪنهن کي قصور وار قرار ڏيون بس مونکي لکندي ان ڳالهه ۾ ڪو عار محسوس ڪونه ٿو ٿئي ته مون پڪ سُڃاتا پنهنجا هُئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
هن جو بهترين حل ته اهو آهي ته اسان پنهنجي سنڌي ڀائرن کي زور ڀريون ته اهي پنهنجي ثقافت کي جاڳائڻ لاءِ سنڌي ٽوپي پهرين ۔۔۔۔ سنڌي ٽوپي کي جڏهن هر جاءِ تي صحيح طريقي سان پهريل ڏٺو ويندو ته يقينن ان جا خاطر خواهه نتيجا نڪرندا۔۔۔
ادا ايڊمن وڏي توهان جنهن حل جي ڳالهه ڪئي آهي، اهو حل اڳ ۾ ئي اسان جي اپر سنڌ ۾ مڪمل ٿيل آهي، سنڌ جي شهر ڪراچيءَ کي ڇڏي باقي سموري سنڌ ۾ اسان جا سٻاجها سنڌي بلڪل سڌيون سنڌي ٽوپيون پائيندا آهن۔ ان ڪري اڪثريت ته ظاهر آهي 99 سيڪڙو سڀ سڌيون ٽوپيون پائڻ وارا آهن۔ بس اها ڳالهه ڪراچيءَ جي سنڌي علائقن ۾ رهندڙ سڀيئي سنڌي شال سمجهن ته هُوند جيڪو مسئلو ادا مگسي پوائينٽ آئوٽ ڪيو آهي ۔ان مسئلي تي اسان کي راءِ وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪانه ٿئي۔ باقي ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن يا ٻين قومن اونڌي ٽوپي پائڻ جو رواج اسان جي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پنهنجي سنڌي ڀائرن کان ورتو آهي۔