• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄ سڀاڳو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي سنڌ سلامت جي سرواڻ ، سنڌ ۽ هند جي لاڏلي شاعر ، اسان جي رهبر ۽ ڇپر ڇانو ، مددگار ، جاکوڙي ، جفاڪشي دوست، پوڙهي شينهن (بقول امين سمون جي ) ۽ نفيس انسان سائين نثار احمد ناز جو جنم ڏينهن آهي۔ اسان سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران کين جنم ڏينهن جون واڌايون پيا ڏيون۔

پنهنجي پاران ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران دعا آهي ته رب پاڪ کين هميشه خوش رکي ، مسڪرائيندا رهن ، دوستن جي مدد ڪندا رهن ، اسان جي رهنمائي ڪندا رهن ۽ زندگيء جون اڻ کٽ بهارون ماڻن، شاعريء جون ڪيئي تخليقون خلقين ۽ بهترين ڪويتائون اسان سان ونڊ ڪندا رهن

2aj6xeg.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

مانواري نثار احمد ناز سمون کي منهنجي طرفان به جنم ڏينهن جون لک لک واڌارون شال همشه شاد آباد هجو آمين
Happy_Birthday_Wishes-Birthday-148_big.gif
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

نثار ناز سنڌي ادب جو غواص آهي جيڪو سنڌ جي سمنڊ ۾ غوطا هڻي ماڻڪ ميڙي اچي اسانجي سامهون رکندو آهي، نثار ناز ڏاهو شاعر، سماجي رڪن، اداڪار ۽ گهڻين خوبين سان سنواريل آهي، دوستي رکڻ ۽ نڀائڻ جو ڪوڏيو ۽ حساس ايترو جو ڏک جو ڪو ننڍڙو جهوٽو به ماروئڙن تي گذرندو ته سيسڙاٽ نثار ناز جي جسم تي ٿيندا آهن ۽ قلم کڻي ان ڏک تي ڪاهون ڪندو آهي ۽ پنهنجي فڪر سان انکي نوائي نيچ ڪندو آهي ۔۔۔

پاڻ کي جهونو چوندو آهي جڏهن ته ماشاء الله اڃان گهڻن کان گهڻو آهي، پاڻ کي ٽين درجي جو شاعر چوندو آهي جڏهن ته سندس شاعري گهڻن کان گهڻي آهي ۔۔۔

شاه جي زباني نثار ناز مان بو بهار جي ايندي آهي ۔۔۔

رب العالمين کيس صحتمند، تازو توانو ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه جي سرواڻن ۾ اوچي مقام تي رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين جن جي جنم ڏينهن جي خبر ته ڪل ئي پئي هئي، پر ڪجھ ڪم هجڻ جي ڪري سائين جن کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏئي ڪون سگهياسين۔
اڄ صبح جيئن ئي فيس بوڪ تي آن لائين ٿيس ته محترم سليمان وساڻ صاحب جي ٽيگ ڪيل تصوير مطلب ته سائين نثار جن جو جنم ڪارڊ تي نظر پئي۔
مان به جلدي ۾ پنهنجا اوزار تکا ڪيا سائين جن جي لا خالص پنهنجي هٿن جي محنت شروع ڪيم۔
سو سائين جن کي اسان مسڪينن طرفان به جنم ڏينهن جو لک لک واڌايون۔۔۔۔۔دعائون۔

30iz7dg.jpg
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

استاد سائين! کي پيرن ٿي هٿ۔۔۔

مون مولائي پاران به سائين جن کي هن ڀلاڙي ڏينهن جون لک لک واڌايون قبول پون۔۔۔۔

شايد مُنهنجي لا ان خوشي جي ڪا حد ڪونهي جو سائين ۽ مان هڪ ئي مهيني ۾ پڌاريا مُنهنجو مطلب هن جهان ۾ اکيون کوليون آهن۔۔۔۔

سائين جن جي لا هڪ ننڍڙو تحفو۔۔۔۔
Naz_Bday.jpg
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

فقير طرفان به سائين نثار احمد ناز صاحب کي دل جي گهرائين سان مبارڪون هجن سائين جيئن ابڙو صاحب چئي چڪو آهي ته
پاڻ کي جهونو چوندو آهي جڏهن ته ماشاء الله اڃان گهڻن کان گهڻو آهي، پاڻ کي ٽين درجي جو شاعر چوندو آهي جڏهن ته سندس شاعري گهڻن کان گهڻي آهي ۔۔۔

شاه جي زباني نثار ناز مان بو بهار جي ايندي آهي ۔۔۔

رب العالمين کيس صحتمند، تازو توانو ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه جي سرواڻن ۾ اوچي مقام تي رکي ۔۔۔ آمين

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سنڌ سلامت فورم جي صورت ۾ صدقه جاريه کي وجود ڏيندڙ سائين نثار ناز کي جنم ڏينهن جو واڌايون، الله سائين کيس وڌ کان وڌيڪ سنڌ، سنڌي قوم۔ سنڌي زبان جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس ڪوششن کي قبول فرمائي۔ آمين
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين جن کي مون طرفان به جنم ڏينهن جو وڌايون قبول هجن الله تعالي کان دعا آهي ته هميشه الله تعالي توهان کي پنهجي گهر وارن سان خوش رکي سدا آباد رکي آمين۔۔۔۔۔۔۔۔
 
اڙي همون! ايڏا ڏينهن ڪٿي هئين ڌيجان۔۔۔۔۔۔

باقي ير فوٽو ته واهه جو ٺوڪيو اٿي۔۔۔ ۔۽ ير ان فوٽو ۾ ايئن ڇو ٿو لڳي ته تُنهنجي ڪنڌ ۾ ڪِلي اٽڪيل آهي۔۔۔

باقي الله شل اڃا نوجوان ڪري توکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ها رنجيت يار بس ڪو ماڻهو هو سامهون انجڪري ڪنڌ ۾ ڪلي لڳي وئي يار بس دعا ڪر وار رهجي وڃن۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

اڄ سڀاڳو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي سنڌ سلامت جي سرواڻ ، سنڌ ۽ هند جي لاڏلي شاعر ، اسان جي رهبر ۽ ڇپر ڇانو ، مددگار ، جاکوڙي ، جفاڪشي دوست، پوڙهي شينهن (بقول امين سمون جي ) ۽ نفيس انسان سائين نثار احمد ناز جو جنم ڏينهن آهي۔ اسان سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران کين جنم ڏينهن جون واڌايون پيا ڏيون۔

پنهنجي پاران ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران دعا آهي ته رب پاڪ کين هميشه خوش رکي ، مسڪرائيندا رهن ، دوستن جي مدد ڪندا رهن ، اسان جي رهنمائي ڪندا رهن ۽ زندگيء جون اڻ کٽ بهارون ماڻن، شاعريء جون ڪيئي تخليقون خلقين ۽ بهترين ڪويتائون اسان سان ونڊ ڪندا رهن۔

2aj6xeg.jpg

محترم محمد سليمان وساڻ جا قرب جو مون کي منهنجي جنم ڏينهن جي موقعي تي تمام قربائتي نموني سان واڌايون ڏنائين ، هي دور ايڏو ته نفسانفسي جو دور آهي جو ڪير به ڪنهنکي ياد ڪونه ٿو رکي جتي سڳا رشتا پنهنجي رشتيداري کي نڀائي نه سگهن اتي ادا محمد سليمان وساڻ پنهنجا پيار مون مٿان نڇاور ڪري نهايت ئي منفرد نموني مونکي برٿ ڊي وش ڪئي مونکي خوشين جا خزانه مهيا ڪيا اٿس ۔ الله سائين کان دُعا آهي ته شل محمد سليمان وساڻ سدائين محبتون ائين ئي ورهائيندو رهي، دنيا ۾ ٻه شيون اهڙيون آهن جيڪي ورهائڻ سان ڪڏهن به ختم ڪونه ٿينديون آهن هڪڙو پيار ۽ هڪڙو علم منهنجي سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي اهي ٻئي ڪم نهايت ئي خوش اسلوبي سان ڪري رهيا آهن ۔ خير مُبارڪون ادا وساڻ۔​
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

دير ئي صحيح پر پهتا سي ته صحيح۔۔۔۔
سائين جن کي جنم ڏينهن مبارڪون۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا نثار ناز کي منهنجي ۽ بدين واسين جي طرف کان جنم ڏينهن مبارڪ
 
جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ سلامت جي هردل عزيز ۽ هر تحرير تي نظر رکندڙ سان گڏ هر تحرير جو جواب ڏيندڙ شخص محترم جناب سائين ابڙي صاحب شاه صاحب جي هڪ ونڊ ڪيل مضمون جي جواب ۾ سمن لاء هي الفاظ لکيا هئا جيڪي مون کي پسند آيا ۽ اهي الفاظ هت ونڊ ڪجن ٿا ( سمن جي سرداري ۾ ڪيترائي سورهيه، نيڪ ۽ سخي سردار پئدا ٿيا، جن سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو اوچو مقام ڇڏيو آهي ) سنڌ سلامت جا ساٿيو سمن کي ته سنڌ جي عظيم شاعر ۽ مفڪر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح پڻ ڳايو آهي۔ ۽ سمن سنڌ لاء پاڻ پتوڙڻ جو مثال پاڻ قائم ڪيو آهي، سو سنڌ سلامت جا ساٿيو هي اسان جو دوست محترم نثار احمد ناز به ته سنڌ جو سمون آهي ۽ مان هن سنڌ جي موجوده سمون۔۔۔۔۔۔
محترم سائين نثار احمد ناز کي اسان طرفان به دل جي گهراين سان جنم ڏينهن جون وڌ ۾ وڌ مبارڪون قبول پون، ۽ دعا آهي ته شل رب پاۡڪ محترم سائين نثار احمد ناز سمون صاحب کي صحت سان گڏ عمر دراز عطاء ڪري ته جيئن سندن سايو سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي فورم قائم ۽ دائم رهي۔
نثار احمد ناز صاحب هڪ بهترين شاعر سان گڏ، بهترين ليکڪ ۽ جاکوڙي رپورٽر پڻ آهن پاڻ عمر هن حصي ۾ به سنڌ سلامت جي سونهن وڌائڻ لاء هميشه ڊوڙندا ره ٿا جيڪا ڳالهه ناز صاحب جي سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي فورم جي محبت کي ظاهر ڪري ٿي، نثار احمد ناز جا ڪيترائي مضمون مون پاڻ پڙهيا آهن ۽ ڪيترا مضمون ته هنن ايڊٽ ۽ ڪمپوز پڻ ڪيا آهن۔ سندس شاعري هندستان ۾ سنڌي جي سڀ کان وڏي فنڪاره محترمه ڪوشي لالواڻي ڳائي آهي۔محترمه ڪوشي لالواڻي نثار ناز صاحب جو هي گيت هندستان ۾ ڳايو آهي۔ جنهن کي توهان هيٺ وڊيو ۾ پڻ ڏسي سگهو ٿا،

birthday-cake-picture.jpg

nisar.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
406663_3002396057142_1677042971_n.jpg

اڄ خوبصورت شاعر ۽ اسان جي رهنما سائين نثار احمد ناز جو جنم ڏينهن آهي ۽ ٻيڻي خوشي ان ڪري به ٿئي پئي جو اڄ ئي سندن شاعريء جو پهريون ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون پڻ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي۔

نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ شاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافو ٿيندو. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز هڪ محبتي ماڻهو آهي ۽ جڏهن به ٽنڊي محمد خان وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ملاقات جو موقع ضايع ڪرڻ کي گناهه سمجهندو آهيان، جيڪڏهن ملاقات نه به ٿئي ته فون تي عليڪ سليڪ ضرور ٿيندي آهي. سنڌ سلامت جو سرپرست هجڻ جي ناتي هُن سان اڪثر صلاح مشورا ٿيندا رهندا آهن ۽ پاڻ اسان اڻڄاڻن ۽ سيکڙاٽن جي هر وقت رهنمائي ڪندو رهندو آهي. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي.
 
سهڻي طبيعت ۽ صورت جي مالڪ، پيار ڀري شاعريءَ سان سنڌ سلامت توڙي فيسبوڪ تي سنڌيت جا رنگ رچيندڙ سائين سنڌ سلامت جي سرپرستِ اعلى سائين نثار ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔۔۔۔
 
Back
Top