نجم الدين ڪنڀر
سينيئر رڪن
ظالم وڏيري جي ظلم خلاف دانهن!!!
اسان ڪنڀار برادري جا 10 گهر گذريل پنجاهه سالن کان سرڪاري پڊ ڳوٺ قائم ڪنڀر ديهه 98 تپو ميرومري تعلقه حسين بخش مري ضلع ميرپوخاص جارهواسي آهيون. اسان جي ڀرسان رهندڙ زميندار محمد ڇٽل وساڻ ۽ سندس ڀائرهرهڪ ، (1) گل محمد ، (2) محمد بچل ، (3) سائين بخش (پي اي ميرمنور ٽالپر) ، (4) ميانداد ۽ (5) عمران خان ولديت محمد خان وساڻ ، ءِ سندس پٽ بابر وساڻ سڀئي رهندڙ ڳوٺ محمد خان وساڻ ، گذريل چند سالن کان هن سرڪاري پڊ کي خالي ڪرائڻ لاءِ اسان جي ڪنڀار برادري کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندا پيا اچن. ڪنڀار برادري جا سمورا فرد غريب ۽ مسڪين آهن .ڪي استاد ته ڪي پٽيوالي جهڙي سرڪاري نوڪري ذريعي پنهنجو گذران ڪري رهيا آهن. 2010-07-20 تي سائين بخش وساڻ فون ڪري ڌمڪي ڏيندي چيو ته اڄ جو اڄ هن سرڪاري پڊ مان لڏي وڃو نه ته ٻي صورت ۾ پوليس آڻي زوري لڏائيندو سان .انهي شام سائين بخش وساڻ ايس ايڇ او کاڻ وزير شر کي چئي، بنان ايف آءِ آر جي غير قانوني طور تي منهنجي ڀاءُ محمد معروف (جيڪو ڪنڀار ڪولڊ ڪارنر هلائيندو آهي) ان کي گرفتار ڪيو ويو.ڪجهه گهڙين ۾ ئي سائين بخش وساڻ ايس ايڇ او کاڻ وڏي پوليس اٽالي سميت اچي اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، جتي سائين بخش انتهائي گندي ۽ گھٽيا گار گند ڪندي منهنجي عمر رسيد ه والد صاحب جيڪو نه صرف هن ڳوٺ جي ڪنڀار برادري جو معزز ۽ وڏو آهي پر آل پاڪستان ڪنڀار جماعت جو جنرل سيڪريٽري، ڪنڀار فلاحي تنظيم جو چئرمين، سينئر قلمڪار ،اديب ، تعليمدان، رٽائر استاد، محقق ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي ، ۽ پيرسني کانسواءِ دم، دل ۽ بلڊپريشر جو مريض به آهي ، تنهن کي گرفتار ڪارائڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ڪئي وئي، ان موقعي تي مون ،منهنجي ڀائرن ۽ بابا پنهنجن پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کي فون ڪيا ۽ موجوده صورتحال ۾ مدد جي اپيل ڪئي .بابا جي ڪن دوستن هن سلسلي ۾روبرو ٿاڻي تي اچي ۽ڪن انهي وقت ايس ايڇ او کاڻ ۽ ڊي پي او ميرپورخاص کي فون ڪري پوليس هٽائڻ جوچيو. ان کان سواءِ علائقي جا سوَ کان وڌيڪ ماڻهو اچي مڙيا ، هڪ پاسي عوامي دٻاءُ ته ٻئي طرف سياسي پريشر ! نيٺ مجبور ٿيندي رات جو هڪ وڳي پوليس پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي.۽ گھيرو ٽوڙيو ويو. گرفتار ٿيل ڀاءُ به آزاد ڪيو ويو.
2010-9-26 تي شام ڌاري گل محمد وساڻ جيڪو هنن ۾ سڀ کان وڏو پڻ آهي تنهن اسان جي اوطاق اڳيان لنگھندي بابا کي سڏ ڪرائي لڏي وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ هتان لڏي وڃو نه ته اوهان جي گھرن جي سامهون اوطاق ٺهرائي لوفر ٽائيپ جا ماڻهو ويهاريندس پوءِ ميار نه ڏجو!
2010-9-27 شام جو ڇٽل وساڻ کاڻ ٿاڻي تي منهنجي خلاف سراسر ڪوڙي ايف آءِ آرنمبر2010/51 ڪٽرائي .منهنجي تحفظ جي ڏنل درخواست جي جواب ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آءِ جي سنڌ ڏانهن تحقيقات لا ءِ ليٽرنمبرHRC-52776/S/2010 جاري ڪيو جيڪو DPO ميرپورخاص جي ليٽر نمبر 2130/27-11-2010 جي ذريعي S-H-O کاڻ تائين پهتو جنهن جي جواب ۾ اسان هن سرڪاري پڊ بابت پنهنجا بيان ۽ هن پڊ بابت موجود ڪاغذن جا نقل جن ۾ اسان جي لکيل درخواست، تپيدار جي رپورٽ، سرڪاري پڊ جو نقشو، ايراضي۽ سسروي نمبر، يوسي کاڻ جي چئرمين جو ليٽر، اسان جي مخالفن جي والد سميت ڀرپاسي جي زميندارن جو اڻ اعتراض وارو بيان، مختيارڪار جو ليٽر، اي سي جو ليٽر، ايس ايڇ او کاڻ وٽ تاريخ 30/11/2010 جمع ڪرايا.ان وقت جو ايس ايڇ او کاڻ وزير شر مڪمل طور اسان جي مخالف ڌر جي قانوني توڙي غير قانوني سپورٽ ڪري رهيو هو انڪري اسان کي خدشو هو ته ايس ايڇ او کاڻ جو بيان به ممڪن آهي ته جانبداريا هڪطرفو هجي انڪري اسان پنهنجا بيان ۽ ڪاغذن جا نقل سپريم ڪورٽ کي سنوان سڌا اوسي ايس ڪري موڪلي ڏنا .
سپريم ڪورٽ جي کنيل قدم تي اسان جا مخالف تهائين وڌيڪ مڇرجي پيا. تاريخ 2010/11/10 تي آئون مختيار ڪار تعلقه حسين بخش مري جي آفيس ۾هن سرڪاري پڊ بابت اپڊيٽ معلومات وٺڻ لا۽ جيئن ئي داخل ٿيس ته اتي اڳيئي تاڙ ۾ ويٺل محمد ڇٽل وساڻ مون کي گار گند ڏيندي سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل درخواست تان هٿ کڻڻ، هن سرڪاري پڊ مان لڏي وڃڻ يا ٻي صورت ۾ پنهنجي زندگي تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندي ڌڪا ڏيئي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو..
تاريخ 2010/01/08 تي شام ڌاري اسان پنهنجي گهر ويٺل هئاسين ته محمد ڇٽل ،گل محمد ، مير محمد اسان جي اوطاق تي اچي اسان جي گهر جي گھٽي تي بيهي اسان کي گار گند ڏيندي هتان لڏي وڃڻ جون ڏمڪيون ڏنيون. اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته ڪجه ڏينهن ۾ هتان لڏي وڃو ٻي صورت ۾ مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. هر آئي اسان کي ڌمڪائڻ ، اسان جي اسڪول ويندڙ ٻارن کي رستي ۾ مارڪٽ ڪرڻ، اسان جي ايندڙ مهمانن کي گار گند ڪرڻ،ڪم ڪار لاءِ ڪيل مزدورن کي ڌمڪائڻ،ڪم نه ڪرڻ ڏيڻ، سميت مختلف طريقن سان اسان کي تنگ ڪندا پيا اچن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.اسان سڀني کي هنن مان هر وقت هر قسم جو جاني ۽ مالي خطرو موجود آهي اسان اهڙو اطلاع روزاني عبرت حيدرآباد تاريخ 2010/12/17 ۾ پڻ ڏيئي چڪا آهيون سائين بخش وساڻ جيڪو سرڪاري پرا ئمري استاد هئڻ سان گڏوگڏ مير منور جو سيڪريٽري پڻ آهي سو مير منور جو نالو استعمال ڪندي مقامي پوليس کي جي مدد سان اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
جناب اعليٰ ، هن سموري ڏاڍ ۽ ظلم جو مقصد مٿي ڄاڻايل ڳوٺ لاءِ مخصوص ٿيل سرڪاري پڊ جي ٻه ايڪڙزمين تي قبضو ڪرڻ آهي .اهو ظلم ۽ ڏاڍ اڃان تائين جاري آهي.مٿي ڄاڻايل سڀئي ڀائرسموريون اخلاقي، سياسي سماجي ۽ قانوني حدون لتاڙي چڪا آهن. اسان جي سائين جن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اسان کي هنن ظالمن جي ظلم کان بچائي انصاف ڏياريو وڃي ۽ هنن ظالمن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
CNIC NO: نجم الدين ڪنڀار ولد قائم الدين ڪنڀار
44103-5209960-3 ڳوٺ سرڪاري پڊ قائم ڪنڀر ديهه 98 تعلقه حسين بخش مري
ضلع ميرپورخاص. سنڌ
12-01-2011 پوسٽ باڪس نمبر 67 ميرپورخاص سنڌ 69000 .
Cell: # 0301-3282565 , najmudin_mps@yahoo.com ]