• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غيرت جو دشمن مان پاڻ آهيان

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
      1. [*]عمل جو ردِ عمل​

        [*]
        [*]تو ڇو غيرت سينگاري آندي آهي منجھ بازار؟
        [*]ڀاء ڇا تون آهين عزت پنهنجيءَ کان ايڏو بيزار؟
        [*] [*]تو جا هِنَ ڌيءَ جي هٿ ۾ موبائيل ڏني آهي
        [*]ٿي نه وڃي تنهجي نينگريءَ جوڪنهن سان پيار
        [*]ڇو نه تو ڪو محرم نا محرم جو خيال ڪيو آ؟
        [*]ڀلا غير کي گهر ۾ ويهاري آيو آهين ڪنهن آڌار؟
        [*]ڇڏ ڏاج ڏاوڻ جون اهي بيڪار ريتون ۽ رسمون
        [*]سوچي وٺ صاحب نه جوان نياڻي گهر ۾ ويهار
        [*]پوء ڪجھ ڪونه ورندئي جي روئندين رڙندين
        [*]هر پل وڌندو رهندُئي هڪ پٺيان هڪ نؤن آزار
        [*]توکي هن زماني تي ايڏو ويساھ نه هئڻ گهرجي سهڻل
        [*]هڪ عمر ۾ شريعت ڪيا ڀيڻ ڀائرن جا بستر ڌار
        [*]اڄ هي جيڪو فحاشيءَ جو دؤر هلي ٿو پيو
        [*]غور ڪري ڪي گهڙيو موضوع هن تي گهار
        [*]هر بُرائيءَ کي هر بُري سوچ جنم ڏيندي آهي
        [*]جي مارڻ چاهين ٿو ته هر برائي کي پاڻ مان مار​
        [*]
        [*]اسلام جو مصدر سَلَم جنهن جي معنى سلامتي
        [*]سانڍي رک ناهي حڪم نبي ص جو ڪو بيڪار
        [*]ڪاري ڪري تو جا ماري آهي اها ڀيڻ ڀاڄائي
        [*]جي فُرست ملئي ته سبب انهيءَ تي ويهي ويچار
        [*]هر عمل جو ردِ عمل پنهجي عامل ڏانهن موٽندو
        [*]آهي قول علي عه جو بدلي لاءَ رهج ادا ترت تيار
        [*]تو جي ڏٺو ڪنهن جي گهر ڏانهن بُري اک سان
        [*]پڪ سمجھ سڄڻ سو وهنوار رهيو تو ڏي اُڌار
        [*][*]ڏاڏل جي توکي ڪو سچ چوي، سو سهڻو آهي

        [*]ڇو ٿو حق سچ کي هرون ڀرون سمجهين گار
 
جواب: غيرت جو دشمن مان پاڻ آهيان

سائين محترم هي به مسلسل نظم جي تتبع تي چيل نظم آهي جيئن پراڻي زماني ۾ سگهڙ ۽ اوطاقي مڙس پنهنجي ڏانوَ سان ڊگها ۽ ناصحاڻه نظم چوندا هئا ۔۔۔ جيڪي اڳ پي ٽي وي وغيره تي سگهڙن جي اوطاق ‌۾ ڏيکاريا ويندا هئا ۔۔۔ پر هاڻ اهڙن نظمن جي چوڻ جو رواج ڪو ڇٽو ڏسجي ٿو ۔۔۔

بهرحال اوهان پراڻي زماني جي سگهڙن واري سڪ لاٿي آهي، باقي رهيو پيغام سو ته پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۽ عين اسلام آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
Back
Top