• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

جاويد علي

سينيئر رڪن
عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا​
طالب المولا​
عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛
و_ڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا.

اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛
غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا.


ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛
لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا.

پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛
ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا.

نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛
وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.

جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛
قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا.

پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا
 
جواب: شاعري

نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛
وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.

سائين جاويد علي طالب المولا جو هي نصيحت سان ٽمٽار ۽ هلندڙ زماني جي عڪاسي ڪندڙ نظم ونڊ ڪري ٿورا ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔ بيشڪ هر ڳالهه سهي ۽ تجرباتي آهي ۔۔۔

مٿي وارو بند مون ان ڪري اقتباس طور کنيو آهي ته آءُ هڪ ڏينهن هڪ پاڙي مان ٿي گذريس ته ننڍڙا ٻار، جن کي انهن وڏين وڏين گارين جي مطلب جي به شايد خبر نه هجي سي هڪٻئي کي اهڙيون گاريون ڏئي رهيا هئا ۔۔۔ آءُ اهي گاريون ٻڌي اهڙو ڏکارو ٿيس ۽ سوچيم ته پڪ هنن جا وڏا پنهنجن گهرن ۾ اهڙيون گاريون ڏيندا هوندا ۔۔۔

حيرانگي انهن ماڻهن تي جيڪي پنهنجن گهرن ۾ بداخلاقيءَ واري زبان استعمال ڪندا آهن ۔۔۔ اهڙين زبانن تي رب العالمين باهه جا نه وسندڙ ٽانڊا رکندو ۔۔۔

لک ٿور جاويد سائين ۔۔۔ سلام
 
جواب: شاعري

ادا نثار ابڙا صاحب توهانکي ٻڌائيندو هلان ته اهو قبلا سائين مخدوم طالب المولي صاحب جن جو نظم نه پر غزل آهي۔
 
Back
Top