حق موجود ابا جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيوس ۔يار مهنجو ليپ ٽاپ ۾ ڪيمرا آٽو لڳل آهي جڏنهن به مان ڪيمرا آن ٿو ڪيان ته تصوير اونڌي ٿو ڏيکاري ((( پهريان ائين ڪونه هو هاڻي جڏنهن به ڪيمرا آن ڪيان ٿو ته بس تصوير سڌي بجاء جهونو اونڌو ٿو نظر اچي مطلب منڍي هيٺ تنگون مٿي وڃ ڀڻا ڪيمرا به اسان جي بي عزتي ٿو ڪري وارو ڪيو ادا ڪو ڏس ڏيو مان ونڊوز سيون استعمال ڪندو آهيان
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو اڙي حالت ڏس همراھ ٽنگيو پيو آهي۔۔۔۔هن کي کلڻ جي لڳي پئي آهي۔۔۔ادا فقير کي ڪو ڏس ڏي۔
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو ابا ڀلي ڪن جهونن سان مذاقون بابا اسان ڏچي ۾ پئجي ويا آهيون ۽ هي پيو کلي مان ونڊو به نئي انسٽال ڪئي آهي پوء به پرابلم ڪونه و وڄي
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو هينئن ڪيو جو ليپ ٽاپ اونڌو ڪري ڇڏيو ۔۔۔۔ ته اوهانکي سڌو ڏيکاريندو ۔۔۔ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي ۔۔۔ ڪيئن آهي نه ڏاهپ ۔۔۔؟
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو ها سائين آهي ته ڏاهپ جو ڏس اهڙن سياڻن جي ڏسن جي ڪري ته اڄ پاڪستان باقي آهي سائين هي ڏسو جهونو اصل اونڌو بابا ڪجه ڪيو رات ڪنهن سان ضرور ميٽنگ آهي بابا يار جهونو اچي فاٿو آهي وڄِ ته ڪاڏي وڃي يار بي عزتي آهي جهوني جي جو ٽنگون ۔۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو ادي وڏي واري صلاح به واهه جي اٿئي۔۔۔ يا ته پاڻ اونڌو ٿي وڃ يا وري ان پيٽي واري ڪمپيوٽر کي ابتو ڪر۔۔۔۔ باقي رهيو توهان جو مسئلو ته ادا ته ڊيسڪٽاپ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪيمرا جي سيٽنگ جو آپشن هوندو ان ۾ توهان روٽيٽ 180 ڊگري تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔ان کي ڳولهي ڪلڪ هٽائي ڪڍوس پو ڏسو نه ليپٽاپ کي ابتو ڪرڻجي ضرورت نه ئي پاڻ کي۔۔۔۔۔
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو فقير سائين رنجيت جي صلاح تي عمل ڪريو۔۔۔ نه ته توهان جو مسئلو فقير ڦلپوٽو يا ادا رشيد ئي حل ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔ ڇو ته پاڻ جهڙي مستن وٽ في الحال ليپٽاپ نالي مخلوق نهآهي۔۔
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو ادا مهنجو مسئلو حل ٿي ويو آهي جاني بس مون به سي ڊي کڻي سڀ ڊرائيور انسٽال ڪيا مانس هڪ لڳي ويس اصل ڪيم جو اوريجنل ڊرائيور انسٽال ٿيل ڪونه هو مون سمجهو ته انسٽال ٿيل آهي ابا جهونو جو ٿيس سو بس هاڻي مٿو ساڳي جاء تي فري آيو آهي مطلب ته سڌو ٿي ويو آهي لک قرب دوستن جا جن مشورا ڏنا سڌا يا اونڌا پر مشورا ته ڏنا نه اصل قرب ڪري ڇڏيو جهوني تي الله آباد رکيو
جواب: جهونو منجهي پيو آ مدد ڪيو هاهاها اهو سٺو جو توهان جو مسئلو پاڻ ئي حل ٿي ويو نه ته اهڙا مشورا ملن ها جو بس!!!!!!!!!!!