جواب: اڃا نپوڙيوس يار عرس هي ايڏو زور الائي ڇو پيا لڳائن۔ هت ته سهپ ئي ڪانه رهي آ ، عوام ته ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس دعا ڪيو ۽ سڀ يڪجا ٿيو ته بهتري ايندي نه ته اسان جو حشر برو ٿيندو
جواب: اڃا نپوڙيوس الله پناه ڏيندو باقي حالت واقعي هاڻ اچي نڙي ۾ ڦاٿي آهي ۔۔۔ نه ساه هيٺ ٿو وڃي نه مٿي ۔۔۔ ڏسجي ته ڳالهه ڪٿي ٿي دنگ ڪري، عوام ويچاري کي ته هاڻ ڪڇڻ جي سڪت به ناهي ۔۔۔ پاڪستان کپي ۔۔۔۔کپي ۔۔۔۔ کپي ، الائي ڪڏهن کپندو ته اسانجي جان ڇٽي ۔۔۔ڇٽي ۔۔۔ ڇٽي
جواب: اڃا نپوڙيوس سائين ڪني مڇي وٺڻ جي ڪنهنکي ضرورت پئي آهي ، ڪهڙو اهڙو عقلمند هوندو جيڪو اسان جهڙن نادانن جو واپار ڪري بس ڪجھ پاڻ کي ئي ڪرڻو آهي ته جيئين ڪو مارڪيٽ ۾ قيمت ٿئي وسلام