سنڌي نوجوان نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي ڇو آهن؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڇا هن ڳالهه سان توهان متفق آهيو

    [justify]اها هڪ واضح حقيقت آهي ته پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪن ۾ انگريزيءَ جي ڄاڻ يا انگريزي ڳالهائڻ جي مهارت هئڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته انگريزي ٻولي نه ڳالهائڻ يا نه ڄاڻڻ سبب نوڪري حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ ڪامياب ٿيڻ ممڪن نه آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌي نوجوان انگريزي ٻوليءَ کي سکڻ ۽ ان کي ڄاڻڻ ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن، جنهن سبب هو مناسب نوڪريون حاصل نه ٿا ڪري سگهن، ٻيو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي نوجوانن جي تعليم جي حاصلات ۾ به ڪا خاص دلچسپي نه آهي ۽ هو صرف نقل ۽ اهڙن ٻين ڪڌن ذريعن سان صرف امتحان پاس ڪرڻ کي ئي اهم سمجهن ٿا. ان کان سواءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائيندڙ استادن کي به پنهنجي مضمونن ۾ پيشيوراڻيون مهارتون گهٽ آهن ۽ هو سيکارڻ وارن طريقن کان به گهٽ واقف آهن، جنهن سبب هو فقط نصابي ڪتابن کي جلدي مڪمل ڪرائڻ کي پڙهائي سمجهن ٿا ۽ ان کي ئي ترجيح ڏين ٿا.
    سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياسي اثر رسوخ تمام گهڻو آهي، جنهن ڪري انهن تعليمي ادارن ۾ مختلف شاگرد تنظيمون هراس، خوف ۽ ڏهڪاءُ پکيڙي تعليمي ماحول کي خراب ڪن ٿيون.
    هر سال سوين شاگرد ڊگريون پنهنجن هٿن ۾ کڻي اچن ٿا پر کين نوڪرين جي شرطن تي پورو لهڻ واري سگهه نه ٿي هجي، نوڪرين جي معيار تي پورو نه لهڻ ۽ گهربل مهارتون نه هئڻ سبب هو مناسب نوڪريون نه ٿا وٺي سگهن. انهن نوجوانن جي اڪثريت سرڪاري نوڪرين کي ترجيح ڏيئي ٿي ۽ ان مقصد لاءِ هو سفارشن لاءِ بااثر ماڻهن وٽ پهچي وڃن ٿا، جنهن سبب پرائيويٽ سينٽر وارين نوڪرين طرف سندن ڌيان ئي نه ٿو وڃي، بعد ۾ سندن بهانو اهو هوندو آهي ته ساڻن نجي شعبي ۾ متڀيد رويو اختيار ڪيو ويندو آهي ۽ مهاجرن ۽ ٻين برادرين کي ڄاڻايل شعبي ۾ ترجيح ڏني ويندي آهي، نه فقط ايترو پر ملڪ ۾ ووڪيشنل سينٽرن جي وڏي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ حڪومت جا وري اهڙا ادارا تعليم ڏيڻ ۾ ناڪامي جو شڪار آهن. تربيتي ادارن ۾ رشوت جي بازار گرم آهي، جنهن سبب غير فني ماڻهو انهن ادارن ۾ ڀرتي ٿيندا آهن ۽ اهي فني نوڪرين جي سکيا ڏيندا آهن.
    سنڌين کي اڃا به ايئن چئجي ته سنڌي نوجوانن کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته پيرن ۽ فقيرن وٽ وڃڻ ڪنهن به مسئلي جو حل يا ڪو جواب نه آهي پر محنت، مستقل ۽ جتادار ڪوشش توڙي پنهنجي مقصد سان سچائي ۽ هاڪاري رويو ئي مسئلي جو حل آهي، کين اهو ئي لائحه عمل اختيار ڪرڻ گهرجي.
    سنڌين کي اهو به سمجهڻو پوندو ته دنيا تمام گهڻي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، ان لاءِ اسان جا نوجوان به ڪاهلي واري ننڊ مان سجاڳ ٿي صورت حال جي حساسيت کي سمجهن ۽ پنهنجين ترجيحن جو تعين ڪن ته جيئن هو اڳتي وڌي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جهڙا ٿي سگهن جيڪڏهن هو پنهنجي سستي ۽ ماٺ واري رويي کي نه ڇڏيندا ته هو تعليم جهڙي زيور سان پاڻ کي آراسته نه ڪري سگهندا ۽ جيڪڏهن وٽن صحيح تعليم نه هوندي ته هو نوڪرين واري مارڪيٽ ۾ داخل ٿي ئي نه سگهندا، انهيءَ ڪري سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر سنڌي نوجوانن کي تعليم پرائڻ کان روڪڻ جا ڪهڙا ڪارڻ ۽ انهن جو حل ڪهڙو آهي؟ ان لاءِ سڀ کان پهريان انگريزي زبان جي ڄاڻ نهايت ضروري ۽ بنيادي نقطو آهي ۽ ان سان ئي هو پنهنجي چونڊيل ڪيريئر ۾ ڪاميابي توڙي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا. شاگردن کي سندن ڪيريئر بابت صلاح ڏيڻ لاءِ پروفيشنل ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪرڻ گهرجي، اهڙن ماڻهن جي رهنمائي سان هو سٺين نوڪرين جي چونڊ ڪري سگهن ٿا ۽ نوڪرين کان اڳ لاڳاپيل نوڪرين جي حاصلات لاءِ مهارتون به حاصل ڪري سگهن ٿا. ادارن ۽ اين جي اوز جي آفيسن ۾ ووڪيشنل تربيت ڏيڻ جو بندوبست هئڻ گهرجي، جيڪي ان حوالي سان مڪمل طور پڙهيل ڳڙهيل ۽ اهل هجن. اهي ادارا ۽ اين جي اوز سنڌي نوجوانن کي انگريزي ٻولي جي تياري ڪرائڻ، لکڻ، سيکارڻ، انٽرويو لاءِ تيار ڪرڻ، ڪنهن به شيءِ تي کلي ڳالهائڻ جي تربيت فراهم ڪرڻ، بهتر نوڪرين لاءِ صلاح ڏيڻ، اميگريشن ۽ ورڪ ويزا جي حوالي سان مدد فراهم ڪري سگهن ٿا.
    سنڌين کي ناڪاري رويا ڇڏڻ گهرجن ۽ کين سخت ڪوششن ۽ محنت ذريعي پنهنجين زندگين ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي، هر نوجوان کي هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته جيستائين هو پنهنجي مدد پاڻ نه ڪندو، ڪو به ٻيو سندس مدد لاءِ اڳيان نه وڌندو.
    سنڌي ڪڏهن به خوشحال نه ٿيندا ۽ نه ئي ترقي ڪندا، جيستائين هو ناڪاري روين ۽ سوچ کي ڇڏي هاڪاري روين طرف نه ايندا ۽ پنهنجي ذهن کي تبديل نه ڪندا، جڏهن ته ٻين تي ترقي نه ڪرڻ وارا الزام وغيره نه مڙهڻ گهرجن. ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي نڪرڻ جو واحد رستو محنت، مستقل ڪوشش ۽ هاڪاري رويو ئي آهي، ٻي صورت ۾ ڪا ڳالهه ناهي، هو جيڪو به ڪجهه ڪن ڀلي ڪيترائي ڀيرا ڪن پر ڪاميابي سندن قدم نه چمندي ۽ هو ڏيهي ۽ پرڏيهي نوڪرين لاءِ ٿيندڙ مقابلن ۾ بهرو وٺڻ جهڙا نه رهندا.[/justify]


    منصور قريشي
    عوامي آواز
     
  2. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌي نوجوان نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي ڇو آهن؟

    محترم سٺو ليک ونڊ ڪيو اٿو بي شڪ ڪنهن به قوم جي ترقي علم ۽ هنر سان ئي ممڪن آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي نوجوان نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي ڇو آهن؟

    بلڪل ادا اها ئي حقيقت آهي

    سدائين گڏ
     
  4. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي نوجوان نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي ڇو آهن؟

    جي ادا بلڪل توهان سهي چيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو