مخدوم محمد امين ولد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سليم گل چنا، ڪراچي مخدوم محمد امين ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سجاد نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه السلام جو وڏو فرزند آهي.سندس ولادت 4 آگسٽ 1939 ع تي هالا ۾ ٿي. هي اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس امڙ هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي ائين پاڻ ننڍپڻ کان امڙ جي شفقت کان محروم رهجي ويا.بعد ۾ هن جي والد مخدوم طالب الموليٰ ٻي شادي خاندان کان ٻاهر ڪئي. جن مان کيس پنج پٽ ٿيا جن ۾ مخدوم خليق الزمان (اڳوڻو ايم پي اي) مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان،مخدوم رفيق الزمان (حيدرآباد جو اڳوڻو ناظم) ۽ مخدوم سعيد الزمان (اڳوڻو ايم پي اي ) آهن.هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي.مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ هالن ۾ سروريه اسلاميه ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي بي اي پاس ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽي مان سياست جي ڊگري ورتي ۽ قانون جو پڻ امتحان پاس ڪيو پر هن قانون کي پنهنجو پيشو نه بڻايو. هن شعر وشاعري 1953 کان شروع ڪئي ان فن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان سکيا ورتائين.اول ”امين“ تخلص اختيار ڪيائين ان کانپوءِ مخدوم طالب الموليٰ پاران کيس ”فهيم “ تخلص عنايت ڪيو ويو، جو اڄ تائين استعمال ڪندو رهي ٿو. سندس شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن جن مان ” پيغام“ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. موسيقي ۽ شڪار سان سندس دلچسپي آهي. ”بزم طالب الموليٰ “ سنڌ جو صدر رهيو آهي . تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ سروريه اسلاميه ڪاليج ۽ سروريه اورنٽيل ڪاليج هالا جو نائب صدر رهيو آهي. ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ۽ ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جوميمبر رهو آهي. پاڻ هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جا اڳواڻ ۽ اي آر ڊي جا چيئرمين آهن. مخدوم امين فهيم چار شاديون ڪيون جن ۾ پهرين شادي 21 جون 1957 ۾ اوڻيهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي. ٻئي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ هڪ ايئر هوسٽس دينا ليليٰ سان ڪئي. دينا ليليٰ جيڪا مشهور فنڪاره رونا ليليٰ جي ڀيڻ هئي دينا به سٺي ڳائڻي هئي شادي بعد جلد ئي فوت ٿي وئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ عورت سان ڪئي ۽ چوٿين شادي پنجاب مان ڪيائين. چارگهروارين مان ڇهه پٽ ۽ هڪ نياڻي اٿن. جن مان جميل الزمان سياستدان، شڪيل الزمان سول سروس جي نوڪري ڪري رهيو آهي،نجيب الزمان لنڊن مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد دبئي ۾ ڪاروبار سان واڳيل آهي.سندس ٻيا ٽي پٽ جن ۾ عقيل الزمان، خليل الزمان ۽ ابو محمد آهن. دينا ليليٰ مان پيدا ٿيندڙ نياڻي برمنگهم يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهي آهي.مخدوم خان مان اها واحد ڇوڪري آهي جيڪا ٻاهرين ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهي آهي.. 69 ۾ لنڊن ۾ مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي تنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. هن جو والد مخدوم طالب الموليٰ پ پ جو سينيئر وائيس چيئرمين به رهيو. مخدوم خاندان ابتدا کان اڃا تائين پ پ سان نڀائيندا پيا اچن.امين فهيم 1970 ۾ ٺٽي جي ضمني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1985 جي غير جماعتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيائين. 1970 کان 2002 تائين اليڪشن ۾ حصو وٺندو آيو. هو هالا جي تڪ مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. مخدوم امين فهيم وفاقي وزير به رهيو. جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف پاران اعليٰ عهدن جي آڇ باوجود به پ پ جي ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو.اهو ئي سبب آهي جو کيس مخالف ڌر ۽ ٻين پارٽين وارا به کيس عزت جي نگاهن سان ڏسندا اٿن.مخدوم امين فهيم يارويس طبيعت جو مالڪ آهي ۽ دوستن جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي. مخدوم امين فهيم صاحب جي شاعري بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي، هي خطا بارها ڪري ڏسبي. تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس، هاڻ پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي. پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو، زيست درد آشنا ڪري ڏسبي. سنگدل آب آب ٿئي هڪدم، آه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي. سيم تن سرو قد صنم ايندو، جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي. هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾، جستجو جابجا ڪري ڏسبي. هن جو لطف و ڪرم وري به ٿئي، گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي. جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“ عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ٿيل مخدوم امين فهيم جي ڪتاب ”پيغام“ تان ورتل مخدوم امين فهيم صاحب جيو ڪي ساٿ http://www.youtube.com/watch?v=uQzBJjt467A http://www.youtube.com/watch?v=8uJWXN7xC44 http://www.youtube.com/watch?v=wa9Tw2j6PyU http://www.youtube.com/watch?v=N52--SI0Q74
جواب: مخدوم محمد امين ولد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ادا ممتاز مهرباني مخدوم امين الزمان فهيم جي شخصيت سنڌي شاعري ۽ سياست جي حوالي سان تمام گهڻي قداور رهي آهي۔ سندس سماجي ۽ ادبي خدمتون به گهڻيون رهيون آهن۔ مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ رونا ليلا جو آواز http://www.youtube.com/watch?v=XB0fZD5XpvI&feature=player_embedded
جواب: مخدوم محمد امين ولد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ان ۾ ڪو شڪ نا آهي ته مخدوم امين فهيم صاحب جي شخصيت سنڌي شاعري ۽ سياست جي حوالي سان تمام گهڻي قداور رهي آهي۔ سندس سماجي ۽ ادبي خدمتون به گهڻيون رهيون آهن۔
جواب: مخدوم محمد امين ولد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ادا ممتاز بهترين مضمون لاء اوهان جي مهرباني۔ اوهان جي وقت به وقت اهڙا قيمتي مضمون اچن ٿا جنهن جي باري ڇا چئي ڇا چئجي۔ اميد ڪجي ٿي ۽ ڪندا رهندا آهيون ته وقت سر اوهان جا اهڙا ونڊ جاري ساري رهندا