• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باھ جا چشما

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

Yosemite National Park, California , USA دنيا جو اهو عجيب پارڪ آهي جتي قسمين قسمين عجيب وڻ ۽ چشمه آهن. هي پارڪ 1200 اسڪوائر ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي.

هتان جو سڀ کان خوبصورت نظارو آهي پاڻي جا اهي چشما جيڪي باھ جا چشما جي نالي سان مشهور آهن . هتي بلنديء کان ڪرندڙ پاڻي سج جي خاص عمودي ڪرڻن سبب فيبروري جي آخري ٻن هفتن ۾ ڪجه اهڙو نظر ايندو آهي جو لڳندو آهي ته کنوڻ نما باھ جون لهرون آهن.

هي پاڻي برف جي پگهرجڻ سبب مٿاهين کان هيٺ ڪري ٿو ۽ سج جي ڪرڻن سبب خاص سونهري رنگ جون لڪيرون نظر اچن ٿيون۔ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا سين ڏسڻ لاء ملن ٿا. ان لاء دنيا جا ڪيئي فوٽوگرافر پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي هي يادگار سين پنهنجي ڪيمرائڻ ۾ محفوظ ڪن ٿا پر جيڪڏهن موسم سٺي نه رهي ۽ جهڙالي هجي ته وري هنن کي ٻئي سال لاء انتظار ڪرڻو ٿو پوي. رب پاڪ جي نشانين کي ۽ عجيب ۽ غريب باھ جي چشمن ۽ پارڪ جا فوٽو ڏسو :




















 
جواب: باھ جا چشما

خدا جا عجب رنگ آهن
پن ٻوڙ ي پاتال ۾ پهڻ تاري ته سندس مرضي آهي هر طرف هن جي توحيد جا جلوا ئي جلوا آهن جيئن ٿي دنيا ڏسجي تيئن ٿو يقين وڌي
سائين جزاڪ الله
وسلام
 
جواب: باھ جا چشما

خدا جا عجب رنگ آهن
پن ٻوڙ ي پاتال ۾ پهڻ تاري ته سندس مرضي آهي هر طرف هن جي توحيد جا جلوا ئي جلوا آهن جيئن ٿي دنيا ڏسجي تيئن ٿو يقين وڌي
سائين جزاڪ الله
وسلام

سائين مهرباني

الله پاڪ جون عجيب نشانيون ۔ دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي پنهنجي نشانين مان عبرت وٺڻ جي توفيق ڏي
 
جواب: باھ جا چشما

واھ سائين خدا جا عجب رنگ نظارا آهن۔۔۔بهترين ونڊ

بلڪل صحيح فرمايو آهي اوهان۔ جيئن جيئن اهڙيون عجيب دريافتون سامهون ٿيون اچن ته رب جي ذات ۾ ايمان وڌيڪ پختو ٿيندو ٿو وڃي۔
 
Back
Top