عبدالحميد جتوئي: وقت جو حاضر جواب قوم پرست سياستدان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبدالحميد جتوئي: وقت جو حاضر جواب قوم پرست سياستدان

    تحرير : غلام حسين لغاري

    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ جي نالي واري پاليامينٽيرين ۽ سنڌ جي حقن لاءِ حمڪرانن خلاف جنگ جوٽيندڙ قومپرست سياستدان مرحوم رئيس عبدالحميد جتوئي جي ورسي ڪجهه ڏينهن اڳ سندس آبائي ڳوٺ ٻيٽي ۾ ملهائي وئي. مرحوم جيتوڻيڪ هڪ نج وڏيرو هو ۽ ڪامورن مٿان سندس دٻاءُ رهندو هو پر هو صحافين کي دلين ۾ جايون ڏيندڙ شخص هو. پاڻ جڏهن دادو ايندو هو ته شاهاڻي محلي واري بنگلي تي صحافين کي مڙوئي ياد رکندو هو ۽ چانهه يا مانجهاندي تي گهرائي ملڪي سياسي صورتحال تي بحث مباحثو ڪندو .

    1970 وارين عام چونڊن ۾ پاڻ پ پ جي ٽڪيٽ تي دادو ، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ تڪ تان قومي اسيمبلي جو اميدوار هو ۽ دادو وارو بنگلو سندس چونڊ ڪئمپ آفيس هئي اتي منهنجو گهڻو ڪري روز اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. هنن چونڊن دوران مون سندس لائق فرزند محترم لياقت علي خان جتوئي کي پنهنجي والد جي چونڊ مهم ۾ سرگرم ٿيندي ڏٺم مطلب ته چونڊ ڪئمپ جي سموري سنڀال سندس حوالي هئي جتان هن پنهنجي والد جي ڀر ۾ رهي سياست جي قدرن ۽ آداب جي سکيا ورتي.

    مرحوم خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي جي بنگلي ۽ اوطاق جو ذڪر پئي ڪيم ته سندس جي دادو واري بنگلي تي گهڻو ڪري ماڻهن جي اها رش نه رهندي هئي جيتري سندس ٻيٽي واري بنگلي تي هوندي هئي جتي گهڻو ڪري شام جي وقت پاڻ ڪرسيون ۽ موڙها ٻاهر ڪڍائي ويهندو هو جتي هو تر واسين جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌڻ سان گڏ انهن جا فيصلا به ڪندو هو ۽ سندس جو ڪيل فيصلو هڪ ٽڪ هوندو ۽ ڪنهن کي به اها طاقت نه رهندي هئي جو انجي ڪيل فيصلي تي عمل نه ٿئي. ڪنهن به انتظامي يا پوليس اهلڪار کي اها جرئت نه هوندي هئي جو اهو سندس اجازت بنا اوطاق تي اچي يا سندس ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو کي پڪڙي وڃي. بحيثيت پارليامينٽيرين هن پنهنجي تڪ جي نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي سٺن سٺن عهدن تي نوڪريون وٺرائي ڏنيون۔

    خانصاحب مرحوم ۾ هڪ انتهائي اها خوبي ڏٺم ته هو ڪڏهن به منجهيل نه رهيو ۽ کيس ڪنهن به فيصلي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو . جڏهن هن 1973 واري آئين تي صحيح ڪرڻ کان کتو جواب ڏنو هو ۽ مٿس سياسي انتقام هيٺ ڪجهه ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ کيس رات جو گرفتار ڪيو ويو. خانصاحب عبدالحميد جتوئي کي رات جي وقت لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪنهن ٿاڻي تي رکڻ بعد صبح جي وقت جڏهن کيس دادو جي سب ڊويزنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته سندس هزارين مداح ڪورٽ ۾ گڏ ٿي ويا هيا. انوقت جو ايس ڊي ايم جنهنجو نالو ذهن تان وسري چڪو آهي پر ذات جو شيخ ۽ لاڙڪاڻي واسي هيو خانصاحب کي ڏسي ڏڪي رهيو هو جنهن تي خانصاحب مرحوم کيس مسڪرائيندي چيس ته شِيخ صاحب ڏڪ نه مون کي خبر آهي ته اوهان منهنجي ضمانت نه کڻندا تنهنڪري جلدي ڪنهن جيل ڏياري موڪل .جنهن بعد کيس جوهي جي جيل اماڻيو ويو هو ڇاڪاڻ ته جوهي مرحوم رئيس علڻ خان لغاري جو تڪ هو جيڪو خانصاحب جو سياسي مخالف هو ۽ ٻنهي وچ ۾ مرڻ گهڙي تائين ٺاهه به ٿي نه سگهيو هو. اهڙي طرح مرحوم ۾ مون اها به جرئت ڏٺي ته هو ڪنهن به ڳالهه جو موقعي تي ئي جواب ڏيندو هو رک رکان نه ڪندو هو. 1976 وارين تباهه ڪندڙ برساتن ۽ ٻوڏن دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڀان سيدآباد آيو هو ٻوڏ ۽ برسات جي متاثرين کي خطاب ڪندي خانصاحب ڏانهن اڻ سڌو اشارو ڪندي ڪنهن سياسي مسئلي تي صرف ايترو چيائين ته اسانجي دوستن جي دوستن اسيمبلي اندر سٺو نه ڪيو آهي جنهن جي ترت ۽ موقعي تي خانصاحب وراڻي ڏني ته ڀٽا صاحب اهي ته اوهانجا به دوست هئا.

    خانصاحب عبدالحميد جتوئي جي وفات بعد سندس سياسي وارث لياقت علي خان جتوئي ، صداقت علي جتوئي، احسان علي جتوئي ، ظفرعلي خان جتوئي ، پوٽو ڪريم بخش خان جتوئي ۽ ٻيا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ضلعي خواه سنڌ جي سياست تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو پيا اچن. خانصاحب جو هڪ فرزند مرحوم اعجاز جتوئي جيڪو آمر ضياالحق دور ۾سينيٽر به رهيو گهڻو ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن کي سينيٽ اندر ڪافي کنيو ۽ سنڌ جي بهتر نموني خدمت ڪئي ۽ پنهنجي والد مرحوم جيان پاڻ کي قومپرست طور مڃرايو. خانصاحب عبدالحميد جتوئي جو وڏو فزند لياقت علي خان جتوئي جنهن سندس رهنمائي هيٺ سياست ۾ پير وڌو هو ۽ سندس ڀر ۾ ويهي سياست جي عملي سکيا ورتي سنڌ جي وڏ وزارت واري منصب تائين پهتو. جيتوڻيڪ 2008 وارين عام چونڊن ۾ جتوئي ڀائر ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيا پوءِ به هو مايوس ڏسڻ ۾ نٿا اچن ۽ وقت جي انتظار ۾ آهن.

    مرحوم خانصاحب عبدالحميد جتوئي جا پونئير جيتوڻيڪ حڪومت ۾ ناهن ۽ پ پ جا سياسي مخالف آهن پوءِ به جتوئي هائوس ٻيٽي تي تر جي ماڻهن ۽ سڄي سنڌ مان سياسي ڪارڪنن جي اچ وڃ گهڻي رهي ٿي. گهڻو ڪري موڪل واري ڏينهن تي ٿيندڙ فيصلن ڪري به وڏي رش رهي ٿي. مرحوم جو فرزند انجنيئر ظفرعلي جتوئي فيصلن ڪرڻ ۾ ڪافي اڳڀرو ۽ مشهور آهي ڇاڪاڻ ته هو فيصلن ۾ طرفداري جو سخت مخالف آهي. مرحوم عبدالحميد جتوئي جي پٽن جي اها خوبي آهي ته اهي پنهنجي والد جيان ايترا سخت طبيعت جا ناهن ۽ هر ايندي ويندي سان خلوص ۽ محبت سان ملن ٿا .[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عبدالحميد جتوئي: وقت جو حاضر جواب قوم پرست سياستدان

    رب العالمين سندن مغفرت فرمائي ۔۔۔ آمين

    پر اسين ته پنهنجي عمر ۾ ڏٺو آهي ته زميندار، وڏيرا ۽ جاگيردار سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو لائسنس وٺي هلن پيا ۽ سنڌ کي ٻن به نه سون هٿن سان ڦري ناس ڪري ڌارين جي هٿن ۾ وڪڻن پيا ۔۔۔ پر پوءِ به جي ڪو ماڻهون ٿورو گهڻو سنڌ لاءِ ڳالهائي ٿو ته کين شابس هجي ۔۔۔

    الله معاف ڪري باقي هن وقت ته قحط الرجال آهي ۔۔۔

    اسانجا هٿ مٿي آهن ته رب العالمين سنڌين جي نصرت فرمائي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو