17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

    [justify]لک ٿورا دوست عاشق، جو اوهان سنڌ جي عاشق ۽ سنڌ جي مفڪر، ڏاهي محترم غلام مرتضا سيد جو ڏهاڙو ياد ڏياريو آهي ۔۔۔ محترم جي ايم سيد جي شخصيت تي ڳالهائڻ ڄڻ ته سنڌ جي آسمان تي موجود سج جي تعريف ڪرڻ برابر آهي ۔۔۔ ماضي قريب ۾ سنڌ جو آسمان جي ايم سيد جي شخصيت جي اثر ۽ روشنيءَ سان اهڙو ته چمڪندو هو جي پري پري تائين سنڌ نظر ايندي هئي ۔۔۔ پر افسوس جو اسين سنڌي ماڻهون ان سج جي روشنيءَ کي ڏسي اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ان روشنيءَ ۾ هلي منزل تي پهچڻ گهربو هو ۔۔۔

    هن وقت به سنڌ جي هن سڄڻ ۽ عاشق جو فڪر اسانجي وچ ۾ موجود آهي پر جيئن اسين قرآن شريف کي ست پوتيون پارائي گهرن ۾ اوچي جڳهه تي رکي پنهنجي اولاد جي پهچ کان پري ڪري ڇڏيو آهي بلڪل ساڳيءَ طرح جي ايم سائينءَ جي فڪر ۽ نظرئي کي اسين لائبريرين ۾ بند ڪٻٽن ۾ اڇلائي هٿ ڇنڊي گهمون پيا ۔۔۔

    اسانجو مثال ان ٻليءَ جيئان آهي جيڪا ڌڪ جي ڀوَ کان اکيون بند ڪري ويهي رهندي آهي ۽ سمجهندي آهي ته اکين بند ڪرڻ سان ڌڪ هڻڻ وارو هليو ويندو ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي سنڌ ۽ سنڌيت جي ان فڪر جي سمجهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

    [justify]ادا عاشق اوهان جي مهرباني

    جنوري جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ اسان سنڌين کي ٻه تمام وڏا ڏاها ۽ مهان سوچ جا مالڪ هيرا مليا۔ هڪ سن وارو سائين جي ايم سيد ۽ ٻيو ڳڙهي خدابخش جو ذوالفقار علي ڀٽو۔

    ٻنهي جي ياد ۾ ٿيندڙ ميڙاڪا انهيء جو ثبوت آهن ته هو ڪيڏا عظيم ۽ رهبر رهيا آهن۔ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي سنڌيت جو احساس ڏياريو ۽ هڪ نه کُٽندڙ جدوجهد ڪئي۔ سندس اها جدوجهد عملي به هئي ، قلمي به هئي ۽ ڏاهپ ڀري به هئي۔ زندگيء جو گهڻو حصو نطربند رهندڙ سائين جي ايم سيد ڪڏهن به اصولن جي خلاف سياست نه ڪئي ۽ مرڻ گهڙيء تائين سنڌ ڪيس لڙندا رهيا۔ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ سائين جي ايم سيد جي فلسفي کي سمجهڻ بنا سندس نالي تي سياست ڪرڻ جو مطلب سندس سان دغابازي ئي آهي۔

    مونکي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سندس ئي نالي تي سياست ڪندڙ دوستن اسان سنڌين کي ڏک ڏنا آهن ، جنهن جو هڪ ننڍڙو ثبوت سچل ڳوٺ جي اندر داخل ٿيندڙ روڊ کي پهرين جنوري کان بند ڪري ان تي لڳايل استقباليه ڪئمپ آهي۔ اسان پنهنجي ماڻهن جي رستا روڪ ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ؟ ڇا سيد جي سياست ان قسم جي هئي ؟؟

    دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي سندس ڏسيل فلسفي کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي ۔۔۔۔آمين ۔[/justify]
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

    مان انهن ماڻهن جي سخت لفظن ۾ مخالفت پيو ڪريان۔
    اُهي سائين جي ايم سيد جو نالو وٺي سنڌ ۽ سنڌين جا دشمن آهن۔۔۔
    سائين جن پنهنجي زندگي جو گهڻو عرصو نظربندي ۾ رهيا۔۔۔۔تڏهن به پنهنجي ڳالھ تان پوئتي ڪون هٽيا۔
    اڄ ڪل سائين جي فڪر تي هلڻ وارن ۾ اُها ڳالھ مونکي نظر ڪون ٿي اچي۔
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

    آءُ جيترو سمجهيو آهيان ته جيڪو نعرو سائين سنڌ جي بابي هنيو مون بابي لفظ جو استعمال ڪنهن عقيدت جي حوالي سان ناهي ڪيو پر مون جيتري سندس زندگي تي نگاھ وڌي آهي ته ان مان مونکي ائين نظر ٿو اچي پيو جو هو ڌرتي توڙي ڌرتي واسين لاءِ ائين وڙهندو ڏٺو جيئن ڪو شفيق پيءُ پنهنجي پٽ جي حقن لاءِ وڙهندو آهي ، جيئن پي اولاد کي سڃاڻپ ڏيندو آهي سائين سنڌي قوم کي ان پي جيان سڃاڻپ ڏني ، اسان کي سندس ڏينهن ملهائڻ ۾ سندس خوشي يعني سائين جي منشور سان ايفا ڪرڻ جو وچن گهرجي
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

    دوستو بس ڏک اهو آهي ته اسانجو سنڌي ڪامريڊ سائين جي ايم سيد جي چيل قولن ڳالهين تي ڪون ٿا هلن دوستو پاڻ ۾ وڙهي ڪري سامراجن جي اڳيان ڏٺو ٿا ڪن ته پاڻ ۾ ئي ڪون سيٽ آهي ڳالهيون ٿا ڪن سنڌي جي آزاد ڪرائن جون بس دوستو اسانکي گهرجي ته پاڻ ۾ ايڪي اتحاد سان هلون۔۔۔۔
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

    ادا همانگير۔۔۔اوهانجي ڳالھ ۾ وزن آهي۔۔۔پر اسان سڀني کي ملي ڪري۔۔۔سنڌ ۽ سنڌين جي لا ڪم ڪرڻ گهرجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو