ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
دوست سليمان وساڻ صاحب پاڻ ته اسٽار پلس جي شڪار کان بچيل آهيون ادا شادي شده جيڪي ويچارا آهن انهن سان ته وڏي ويڌن آهي مڙس چوين ٿو ته ماني ته ڏي زالون مڙسن کي چون ٿيون ته ٿورو انتظار ڪيو اسان ڊرامو اسٽار پلس جو ڏسي ڪري ڏيون ٿيون۔ ادا اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي ويچارن سان ويڌنيون آهن ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها۔
ادا اسان ته شادي شده وارن جي لا دعا ئي گهري سگهون ٿا ٻيون ته ڪجه نه ٿا ڪري سگهون۔
الله انهن زالن کي توفيق ڏي ته وڌ ۾ وڌ ٽائيم تي ماني ته ملين ها ها ها ها ها ها ها۔
هن تصوير مان ٻئي سوچون اچي سگهن ٿيون؛ هڪ ته ڪاٽو سوچ؛
ڏسو گهر ٻڏي ٿو پيو ۽ هي ويٺا ٽي وي ڏسن ۔۔۔!!!
پر ٻي ڳاله مثبت سوچجي ته ؛
مصيبت جي گهڙيءَ ۾ پريشان ٿيڻ مان ڪهڙو فائدو، پاڻيءَ کي جيڪو ڪرڻو هو سو ته ٿي ويو، هاڻ پيا منهن ڏيندا پر ڇونه مزو وٺندي ڪم ڪيو وڃي ۔۔۔
ڳالهه آهي سمجهه سمجهه جي ۔۔۔
السلام عليڪم ادا سليمان اسٽار پلس ايڏو ضروري هرگز نه آهي جيئن ته تصوير مطابق عورتون ٻوڏ دوران به اهو ڏسي رهيون آهن ته ادا الله پاڪ اهڙين عورتن کي سمجهه عطا فرمائي ته هو بجاءِ اسٽار پلس جي ڪنهن اسلامي علمي ادبي ۽ اصلاحي چينل کي ڀلي حدِ جنون تائين ڏسن۔ مهرباني ادا اهو چينل اڪثر عورتون ڏسنديون آهن.
ادا بس بقول شاهه صاحب تهڳالهه رڳو ايتري هجي ته به ٺيڪ پر هتي ته هاڻي عورتن جي ڪچهري ۾ اهڙن ڊرامن تي بحث ڪرڻ لا پڻ اهم موضوع هوندو آهي۔۔۔ مون جڏهن پنهنجي گهرواري جي وقت ڪڍي اهڙن ڊرامن تي ويهڻ تي پڇيو ته آخر ڊرامي ۾ آهي ڇا چيائين ”گذريل 5 قسطن کان انتظار آهي ته هڪ عورت جي زهر ملايل کاڌي کي ڪوڪيلا جو مڙس کائيندو يا نه۔۔۔؟“
دوست سليمان وساڻ صاحب پاڻ ته اسٽار پلس جي شڪار کان بچيل آهيون ادا شادي شده جيڪي ويچارا آهن انهن سان ته وڏي ويڌن آهي مڙس چوين ٿو ته ماني ته ڏي زالون مڙسن کي چون ٿيون ته ٿورو انتظار ڪيو اسان ڊرامو اسٽار پلس جو ڏسي ڪري ڏيون ٿيون۔ ادا اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي ويچارن سان ويڌنيون آهن ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها۔
ادا اسان ته شادي شده وارن جي لا دعا ئي گهري سگهون ٿا ٻيون ته ڪجه نه ٿا ڪري سگهون۔
الله انهن زالن کي توفيق ڏي ته وڌ ۾ وڌ ٽائيم تي ماني ته ملين ها ها ها ها ها ها ها۔
ادا ٺيڪ پيا فرمايو پر اسانجي سنڌي عورتن ۾ اڃان به مان ۽ مرتبو اوترو ئي آهي جيترو پهريان هوندو هو ۽ ماني وقت تي تيار ملي ٿي البته ڪٿي ڪٿي ڪجهه شيون آهن جنهن جي اوهان ڳالهه ڪئي آهي۔
باقي سائين نثار جن به بلڪل صحيح سمجهايو آهي۔
سدائين گڏ
دوست سليمان وساڻ صاحب اهو رجحان بلڪل آهي پر اهڙي سوچ به نه هجي جو گهر ٻڏي ته ٻڏي اسٽار پلس ناهي مس ڪرڻو الله پناه ڏي اهڙي مائن کان باقي همانگير سولنگي صاحب مون واري مائي فقيرياڻي آهي صرف ڪشش تي سنڌي گيت ٻڌندي آهي ۽ امڙ واري ڪي ٽي اين ٽي وي تي پٿر دنيا وارو ڊرامو ها ها ها
پاڻ ته ان اسٽار پلس واري ڏچي کان بلڪل آزاد آهيون
سدائين گڏ
ادا بلڪل درست عڪاسي ڪئي اٿو
يار هن اسٽار پلس ته اصل پريشان ڪري ڇڏيو آهي
جنهن ٽائيم گهر پهچ ته اهو ئي پيو هلندو
ڪاوڙ ايندي آهي ته ڪيبل ئي ڪٽرائي ڇڏيان
پر ادا اهو به نٿو ڪر ي سگهجي
دعا ڪر ته ان چينل تي ئي پابندي لڳي
باقي ٻيو ڪو حل ڪون ٿو نظر اچي
ابا اسٽار نه ته ڪشش، ڪشش نه ته ڪي ٽي اين، ڀلا اهو نه ته ڪو ٻيو گهر ۾ ٽي وي هوندي ۽ ان ۾ ساهه هوندو ته ماڻهون ڏسندو ضرور ۔۔۔ پر يار پاڻ واري پتني اصل بورچي جي سامهون ٽي وي لڳرائي آهي ۽ جيڪي به کاڌن پچائڻ جا پروگرام ايندا آهن اهي شوق سان ڏسبا ۽ پو تجربا ڪري سٺا سٺا کاڌا، (ڪڏهن ڪڏهن ڪو خراب ٿي وڃي ته به خئير) پچايا ويندا آهن ۔۔۔
ڪڏهن سنڌي، ڪڏهن هندي ته وري ڪڏهن چيني ته وري ڪڏهن يورپي ۽ اطالوي کاڌا ۔۔۔ اصل مزو اهو ٻي ڳالهه آهي ته بجيٽ هيٺ مٿي ٿي ويندي آهي ۽ پو مهيني جي آخري ڏينهن ۾ پلي، پالڪ، ساڳ ۽ اهو به مختلف ذائقن ۾ ۔۔۔
ٽي وي مان اهو فائدو به آهي ۔۔۔ هر شئي جي استعمال جا ٻه نظريا آهن هڪڙا واڌو ته ٻيا ڪاٽو ۔۔۔ پر جيڪڏهن ڪڏهن ڪو مزاحيه يا تفريحي پروگرام به ڏسجي ته هرج ناهي ۔۔۔ هن جديد دور ۾ هروڀرو هر شئي تي پابنديون لڳائڻ ۾ وڌندڙ دنيا کي پٺي ڏيڻ جي برابر ٿيندو ۔۔۔ اڳ ڪمپيوٽر ڪون هو پر هاڻ آهستي آهستي هر گهر ۾ ڪمپيوٽر ۽ نيٽ پڻ ايندو وڃي ۔۔۔
اسانکي پنهنجن گهرن ۾ انهن شين جي استعمال جو شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن سائنسي ايجادات مان فائدو وٺي سگهجي ۔۔۔۔
باقي هر گهر جي آکاڻي الڳ الڳ ٿي سگهي ٿي ۔۔۔
ڳالهه رڳو ايتري هجي ته به ٺيڪ پر هتي ته هاڻي عورتن جي ڪچهري ۾ اهڙن ڊرامن تي بحث ڪرڻ لا پڻ اهم موضوع هوندو آهي۔۔۔ مون جڏهن پنهنجي گهرواري جي وقت ڪڍي اهڙن ڊرامن تي ويهڻ تي پڇيو ته آخر ڊرامي ۾ آهي ڇا چيائين ”گذريل 5 قسطن کان انتظار آهي ته هڪ عورت جي زهر ملايل کاڌي کي ڪوڪيلا جو مڙس کائيندو يا نه۔۔۔؟“