http://www.youtube.com/watch?v=bwCPHhdguEk دوستو هي گيت ته اوهان ضرور ٻڌو هوندو هي گيت آءُ سڀني دوستن کي ارپيان ٿو ۽ خاص ڪري ادي نثار ناز ۽ ادي علي علي کي، دوستو اوهان پڇندا ته انهن لاءِ خاص ڇو ته يار! هي دوست هاڻ پوڙها پيا ٿين کين ڪجه ته جوش اچين ته من ڪو سر ڏيڻ جي سوچين ۽ سر تريءَ تي رکي نڪرن، باقي کٽائين ڀاڳ ...
http://www.youtube.com/watch?v=RAW8issHC7s سائين ڦلپوٽا ۽ ادا مسڪان يار! معاف ڪجو، جو آءُ پوسٽنگ ڪري ڪنهن ڪم سانگي هليو ويس ۽ اتان گهر، اڄ جڏهن اوهانجا نياپا پڙهيا ته ڳالهه سمجه ۾ آئي ... اهو ساڳيو نياپو مون وٽ به اچي ٿو ... يو آر ايل ته صحيح آهي پر الائجي ڇو؟ ... پر تنهن هوندي به اوهان ان نياپي کانپوءِ ان اسڪرين تي ڪلڪ ڪندا ته يو ٽيوب ۾ اهو گانو کلي وڃي ٿو ... هي ٻيو گانو به ڏاڍو وڻندڙ آهي جي نه هلي ته ان سان به ساڳيو طريقو استعمال ڪندا ... وڌيڪ ڪو ڪمپيوٽر جو ماهر دوست ڪا درستگي ڪري سگهي ته واه واه ...
ادا نثار ابڙا شال جُڙيو هُجين ۔ هن وڊيو جو نه هلڻ عاشقن جا انصاف ڪونه چئبا پر معشوقن وارا ماڻا چئبا۔ معشوق ڀلي پيا ماڻا ڪن۔ هم ڪُڇ نهين بولي گا۔
ادا نثار تمام بهترين شيئرنگ اهي پر توهان واري مٿي ڏنل مسئلو انهي ڪري اچي رهيو آهي ته جنهن وڊيو يوٽيوب تي اپلوڊ ڪيو آهي انهي وڊيو جي اندر هڪ سڪيورٽي فيچر رکيو آهي جنهن جي ذريعي هي وڊيو سواءِ يوٽيوب جي ٻي ڪنهن به سائيٽ ۾ ڪانه هلندو. انهي فيچر کي امبيڊنگ ڊسيبل چئبو آهي.
سائين نثار ابڙو توهان جي بهترين شيئرنگ کي درست ڪيو ويو آهي ۔۔۔ هاڻي توهان ٻنهي گيتن کي سنڌ سلامت فورم تي سڌو سئون ڏسي ۽ ٻڌي سگهو ٿا۔۔۔۔۔
دوستو! ڪجه ڏينهن اڳ مون ٻه سنڌي گيت اوهان سان ونڊ ڪيا هئا، پر اهي ڪنهن ٽيڪنيڪي فالٽ سبب هليا نه ٿي ... ادي محترم رشيد صاحب انهن گانن کي هلڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي ... هاڻ هاڻ مون ٻڌي مزو ورتو آهي، اوهان پڻ ٻڌو ۽ مزو ماڻيو ...