اسٽوڊنٽس ايجوڪيشن ويلفيئر (sewa) جي طرفان روشن تارا سيڪنڊري اسڪول سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ آچر 16 جنوري تي "تقريري مقابلو" منعقد ڪيو ويو آهي۔ اوهان دوستن کي گذارش ٿي ڪجي ته پروگرام ۾ شرڪت ڪري مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي حوصلا افضائي ۽ مان مٿاهون ڪندا۔ مهرباني
جواب: Speech Competition Program محترم سائين نور حسن صاحب اسان ته ڪافي پري آهيون توهان کان نه ته ان پروگرام ۾ ضرور حصو وٺجي ها باقي جيڪي دوست سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ آهن انهن کي پر زور اپيل ٿئي ڪجي ته اهي ان پروگرام ۾ شريڪ ٿين سدائين گڏ
جواب: Speech Competition Program ادا نور حسين جس هجي اوهانکي جو اوهان علمي ٻاٽ ٻاري رهيا آهيو ۽ قومي ضرورت کي پورو ڪري رهيا آهيو، جنهن جو سلو رب تعالا وٽ آهي ۔۔۔ علم جي روشنيءَ سان ٿين ٿا ٻئي جهان روشن ۔۔۔ هن ليک ۾ جيڪڏهن تقريري موضوع واضح ڪيو ها ته اڃان تجسس وڌي ها ۽ ان موضوع جا پياسا ۽ پروانا اچي نڪرن ها ۔۔۔ لک ٿورا دعوت ڏيڻ جا ۔۔۔
جواب: Speech Competition Program سچل ڳوٺ جي دوستن جون علمي خدمتون هميشه جاري هونديون آهن، مولا کين سلامت رکي۔