تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها، تون ساٿ اچي ڏيندين سڀ وهم اجايا ها. آخر ته چري دل آ، جو تنهنجي مٿان هرڪي، برسات اُٺي غم جي، ته به نيڻ اجاياها. معراج ڏسي ڪوئي ها، منهنجي مسرت جو، جنهن وقت پرينءِ منهنجي گھر پير گھمايا ها. جذبن جي گلستان ۾ هڪ وار نهار آئي، سيني تي پٽا جڏهن تو نانگ نمايا ها. آباد رهي ساقي، شل تنهنجو هي ميخانو، ڪڏهن ته اسان ڀي هت، ڪجھ جام لٽايا ها. تڙپيس ۽ رنس ليڪن هن خونه مٽي پنهنجي، پٿر جي خدا آڏو سجدا مون گنوايا ها. هر وقت مٺا ماندو، توڪاڻ ”منير“ آهي، تو جنهن کي صنم جلون جا چنڊ چمايا ها.
جواب: تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها، (منير سولنگي) معراج ڏسي ڪوئي ها، منهنجي مسرت جو، جنهن وقت پرينءِ منهنجي گھر پير گھمايا ها. واه عاشق واه ۔۔۔ منير سولنگي ته اصل ڪو عاشق زهر پياڪ لڳو پيو آهي ۔۔۔ محبوب جي اچڻ تي پيرين ڌريان پبڻيون ۔۔۔ هنڌ وڇايان وار، واري روڇ ته عاشقن جي پراڻي آهي ۽ جنهن لئه سڪي هينئون اهو اچي اڱڻ تي ته اڱڻ پرنور ٿي پوي ٿو ۔۔۔ اوهان به لڳي ٿو ته ٻين جا شعر لکي لکي پاڻ به شاعر ٿي ويندا ۔۔۔ اميد آهي ۔۔۔
جواب: تو لاءِ پرين ويهي مون پور پچايا ها، (منير سولنگي) پر هن وقت پپو چريو ٿي ويو آهي۔۔مطلب پاڻ وارو رنجيت