• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين تنهجو ڏوهي آيان

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن


سائين تنهجا ڏوهي آهيون​

هي اڄوڪا تنهنجي جيئي سنڌ جا آهيون نوجوان
سائين سڄو گهر، ڳوٺ توڙي شهر ڪيو وتون پريشان

بي حيائي ، ڀتو، چوري، زوري هر برآئي جي آهيون داستان

نه علم آهي نه ادب آهي نه شعور آهي بي لغام آهي زبان

تنهجون اکيو اڄ به ڏسن ٿيون اسانکي اهو ايمان آهي

مان ائين هوندس جيئن اڄ ، نه هو تنهنجو وهم و گمان

مان مڃان ٿو تو اسان کي حقن تي وڙهڻ جو عزم ڏنو هو

حقن تي ڌاڙا هڻي ٿي ويا آهون ڄڻڪي اسان حيوان

تون قبر ۾ روئيندو هوندين هتي سڄو شهر روئي ٿو

تون قبر ۾ اتي پريشان دنيا ۾ راڄ سڄو اسان کان پريشان

جڏهن به فرست ۾ پنهنجو پاڻ سان ويهندو آهيان

تنهنجي اکين جا لڙڪ مونکي ڪن ٿا پشيمان

ڪڏهن سڪون امن آشتي پنهنجو گهر هوندو

اچي ان گهر ۾ گذاري گهڙيون مون وٽ ٿيندين مهمان


توسان تنهنجي ڏينهن تي هي ڏاڏل جو واعدو آهي​
پنهنجي خطائن کي سڌارڻ جو سنڌ سلامت تي اعلان​
 
Back
Top