ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم
سنڌ سلامت تي تازو هڪ سيڪشن جو اضافو ڪيو ويو آهي ان لا۽ مان سنڌ سلامت جي اڳواڻن ۽ سنڌ سلامت جي ميمبرن کي به هڪ دفعو ٻيهر مبارڪ آباد پيش ڪيان ٿو .هاڻي اڇون ٿا اصل مقصد جي طرف ته پورٽيبل سافٽ ويئر آخر آهي ڇا ؟
پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا کي چئبو آهي
سنڌ سلامت جا دوستو پورٽيبل سافٽ ويئر اهي سافٽ ويئر آهن جن کي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي توهان پورٽيبل سافٽ ويئر کي USB مان به هلائي سگھو ٿا يا وري توهان جي هارڊ ڊسڪ جي ڪنهن به ڊرائيو ۾ ان پورٽيبل سافٽ ويئر کي رکي سگهو ٿا ۽ وقت ضرورت اتان ئي ان کي هلائي سگهو ٿا ان سان سسٽم غير ضروري انسٽاليشن کان بچي ويندو آهي .
پورٽيبل سافٽ ويئر ڪيئن ٺاهجي ؟
دوستو پورٽيبل سافٽ ويئر ٺاهن جا ته ڪافي طريقا آهن جيڪو طريقو سادو ۽ بهترين آهي ۽ وري وڏي ڳالهه اها ته اهو مون کي به ايندو آهي

ان لا۽ هي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي اميد ته توهان کي پسند ايندي .
سڀ کان پهريائين ته توهان هيٺ ڏنل لنڪ تان سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪيو

سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪري ان کي انسٽال ڪريو .
سافٽ ويئر انسٽال ٿيڻ کان پو۽ توهان جي اڳيان هي اسڪرين ايندو


هاڻي توهان پهريائين ايڊوانسڊ سيٽنگ تي ڪلڪ ڪندا ته هي اسڪرين توهان جي اڳيان هوندو

هتي اوهان کي ڊي ڊرائيو تي چيڪ لڳائڻو آهي پو۽ اوڪي کي ڪلڪ ڪيو ته توهان جي اڳيان ساڳيو ئي هي اسڪرين موجود هوندو

هاڻي ان کي نيڪسٽ ڪيو ته توهان جي اڳيان هاڻي وري هي اسڪرين موجود هوندو

هاڻي هن پراسس کي هلڻ ڏيو هي پرسس ونڊوز رجسٽري کي چيڪ پيو ڪري جڏهن هي اهو پراسس مڪمل ڪندو ته هي اسڪرين توهان جي اڳيان موجود هوندو

هاڻي توهان ان کي منيمائيز ڪري ڇڏيو پو۽ توهان کي جيڪو سافٽ ويئر پورٽيبل ٺاهڻو آهي ان کي انسٽال ڪريو (جيڪو سافٽ ويئر توهان کي پورٽيبل ٺاهڻو آهي اهو هاڻي انسٽال ڪرڻو آهي )
هاڻي مون وري ٽوٽل ويڊيو ڪنورٽر انسٽال ڪيو آهي پو۽ توهان مطوبه سافٽ ويئر انسٽال ڪري منيمائيز ٿيل سافٽ ويئر کي مڪسيمم ڪريو
