اڄ ڪجه تصويرون اٿلائي رهيو هئس تن ۾ مون کي گذشته سفر جي تصويرن ۾ مون کي هي ڪجه تصويرون نظر آيون ۔ مشهد کان تهران ٽرين ۾ ورتل معصومه بتول مهنجي وڏي ڌي ۽ زهراء بتول مهنجي ننڌڙي ستل هيون ان ننڊ پئي ۾ مون کي انهن جي چهري تي تمام گهڻي معصوميت نظر آئي مون تصوير ڇڪي ورتي ليڪن وري غور ئي نه ڪيو زماني جي مصروفيات ۾ پر اڄ جڏنهن انهن تصيرن تي نظر پئي ته مون کي هڪ احساس اندر ۾ جاڳيو ته ڪاش ڪاش مان به ٻار هجان ها ۽ زماني جي هر غم کان آجو ٿي ڪري ائين ئي سمهي پوان ها ۔۔۔۔۔ پر چوندا آهين نه ته الدنيا دار المصائب دنيا غمن ۽ مصيبتن جو گهر آهي ان ۾ ڪير ائين معصوميت واري ننڊ سمهي شايد مشڪل آهي ۔۔۔۔ليڪن چوندا آهين نه ته ٻآر بادشاه هوندا آهين سو جي ائين سمهي پون ته ڪا به تعجب جي ڳاله نه آهي ۔۔۔




