هن ديس جي هارين نارين سان، سي ساڳيا انڌير اڃان روٽيءَ جي گھرڻ تي گار ملي، ۽ لوئيءَ جي بدران مار ملي اڄ هن جي ڌيءَ کڻائي ويو، هو لوفر پٽ وڏيري جو اڄ ڏاند به هن جا ڇوڙيا ويا، ڏنڊا به پوليس جا ٽوڙيا ويا ٿو رتَ ۾ لت پت فرش مٿان، ۽ لوهي شيخن جي پٺيان ٿس ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ويا، او شوخ هوا او شوخ هوا مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
جواب: روٽيءَ جي گھرڻ تي گار ملي، ۽ لوئيءَ جي بدران مار ملي (حيلم باغي) حليم باغي جي هن نظم ۾ سنڌ ديس ۾ موجود ناانصافي بي عدلي جي کليل ترجماني ٿيل آهي، جس هجي اسانجي شاعرن ۽ ليکڪن کي پر افسوس جو اسانجا سياستدان ۽ مجموعي طور تي قوم ستل آهي ۔۔۔ تازو تيونسيا ۾ صرف نوڪرين جي اڻاٽ تي قوم ايترو ته ممڻ مچايو جو اتان جي صدر ڀڄي جان بچائي ۔۔۔ پر جيڪڏهن اهو ساڳيو ممڻ سنڌ ۾ مچايو ويندو ته لکين ماڻهون ماريا ويندا پر ڪنهن جي مٿي تي جون به نه چرندي ۔۔۔ حالتون اسانجي سامهون آهن ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار او يار!
جواب: روٽيءَ جي گھرڻ تي گار ملي، ۽ لوئيءَ جي بدران مار ملي (حيلم باغي) سنڌو ساههَ سنڌَ ۾ سمائي ڇڏي سين حياتيءَ جي موڙي لٽائي ڇڏي سين جڏهن سور سانگين جا پنهنجي پکي پيا پرين! گھور تو ڏي گھٽائي ڇڏي سين رتي رات تي ڇو هينانءُ لاٿ ٿيو آن؟ ڏياٽي ڏياٽي کٽائي ڇڏي سين. اسان رهون نه رهون پر رهي چنگ چڻ ڀڻ تنهنجي تند ٿوري تپائي ڇڏي سين. گھڻو تپ گھڻو تپ گنجي جا او سورج! جڏي جند واريءَ وڇائي ڇڏي سين. رُناسون ته هر پل ”ڀنڻ“، ”ڀانءُ“ آئي کِلياسين ته هر رُت کِلائي ڇڏي سين.