سلمان تاثير جو قتل: تصوير جو ٻيو رخ!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سلمان تاثير جو قتل: تصوير جو ٻيو رخ!

    سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

    ڪاوش اخبار ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر محترم نثار احمد کهڙي صاحب جو هڪ مضمون شايع ٿيو آهي، ان مضمون جي پڙهڻ کانپوءِ ضروري سمجھيم ته ساڳئي عنوان تي تصوير جو ٻيو رخ به سنڌ واسين جي سامھون پيش ڪجي.

    سڀ کان اول هڪ انسان، هڪ مسلمان، باب الاسلام سنڌ جي هڪ ڄائي، ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمّد صلي الله عليه وسلم جي هڪ ادنى غلامَ ۽ سڀ کان وڏي ايوان سينيٽ آف پاڪستان جي هڪ ميمبر هئڻ جي ناتي پاڻ تي اهو فرض ٿو سمجھان ته مان هن ڳالھه تي زور ڏيان ته اسان جي ملڪ ۾ قانون تي عمل درآمد ٿيڻ گھرجي. عدالتن جي فيصلن جو احترام ڪرڻ گھرجي، حڪمرانن کي عدالتي فيصلن تي اثر انداز نه ٿيڻ گھرجي، ڪنهن به شخص کي ڪنهن ٻئي شخص جي خلاف گٿا لفظ نه ڳالھائڻ گھرجن، مذهبي جھيڙن ۽ فرقه وارانه فسادن جو رستو روڪڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو شخص مذهبي عقيدي جي بنياد تي مسلمانن جي دل آزاري ٿو ڪري ته ڪنهن کي به ان سان همدردي ڪري مسلمانن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ نه گھرجي. ملڪ جو صدر هجي يا وزيراعظم، ڪنهن صوبي جو گورنر هجي يا وزير اعلى، ڪو ايم اين اي هجي يا سينيٽر، ڪو ڪنهن اسيمبليءَ جو اسپيڪر هجي يا ميمبر، ڪو اڻ پڙهيل هجي يا پڙهيل ڪڙهيل ۽ ڪو راڄ جو ماڻھو هجي يا ڪو ڀوتار ۽ سردار، سڀني تي لازم آهي ته اهي قانون جو احترام ڪن، قانون کي هٿ ۾ نه کڻن ۽ پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿاهون نه سمجھن.

    جيڪڏهن ڪير سمجهي پيو ته، عاصيه سان ناانصافي ٿي آهي ته اهي سيشن ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ ان کانپوءِ وري سپريم ڪورٽ وڃي پيا سگھن. پر ٿيو ائين ته سيشن ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير چيو ته ”هيءَ مظلوم عورت آهي، صدر صاحب کي عرض ڪري هن جي سزا معاف ڪرائبي. جنھن قانون تحت هن عورت کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، اهو ڪارو قانون آهي، ان قانون کي ختم ڪرائبو“، وغيره وغيره. سلمان تاثير جي ان اقدامَ کانپوءِ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شيري رحمان توهين رسالت آرڊيننس خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ جمع ڪرائي. پوءِ اقليتي معاملن جي وفاقي وزير شهباز ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ ان قانون تي نظرثانيءَ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. ن ليگ جي ايم اين اي اياز امير ۽ ان قسم جي ٻين مغرب زده دانشورن ان قانون خلاف اخبارن ۾ ڪالم لکيا، جنهن تان اِهو معاملو تيز ٿيو.

    چون ٿا ته هن قانون جو غلط استعمال ٿو ٿئي، ان ڪري ان قانون ۾ تبديلي ضروري آهي. مان پڇڻ ٿو چاهيان ته ڇا ٻين قانونن جو غلط استعمال نٿو ٿئي؟ پوءِ ٻين قانونن ۾ تبديليءَ جي ڳالھه ڇو نٿي ڪئي وڃي. اسان جي ملڪ ۾ الائي ڪيترا ماڻهو خونن جي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ڀوڳي رهيا آهن، انهن تي ته ڪنهن کي به رحم ڪو نه ٿو اچي، ۽ انهن کان علاوه به هزارين ماڻهو ڪوڙن ڪيسن ۾ چالان ٿي ٿا وڃن، پر انهن جي مدد ڪرڻ وارو به ڪوئي نظر ڪو نه ٿو اچي. هن قانون ۾ اِها شئي موجود آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ٻئي شخص تي توهين رسالت آرڊيننس تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندو ته ان کي عمر قيد جي سزا ملندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي شڪايت جي نتيجي ۾ ڪنهن کي ڦاهي اچي وئي ۽ بعد ۾ ثابت ٿيو ته شڪايت ڪرڻ واري ڪوڙي شڪايت ڪئي هئي ته ان شڪايت ڪندڙ کي به ڦاهي ڏني ويندي.

    محترم نثار احمد کهڙو صاحب پنهنجي ڪالم ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت ڀٽائي گهوٽ رحمة الله عليه جا ڪجھه شعر به لکيا آهن، خبر ناهي ته اهي شعر ڀٽائي صاحب جا آهن به يا نه؟ مونکي ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ ۾ هي شعر به نظر اچي ٿو،

    متو آهين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿونان هڻين،

    تو جا ڀانئين اَڇَ تنھن پاڻيءَ پنا ڏينهنڙا.

    ڀٽائي صاحب ته سچو عاشقِ رسول صه هيو، الله لوڪ هيو. رڳو شاعر نه هو پر وقت جو ولي الله به هيو. ڀٽائي صاحب پنهنجن شعرن جي ذريعي الله تعاليٰ ۽ ان جي پاڪ رسول صه جي محبت ۽ عشق جو سبق پڙهايو آهي. ڪيڏي نه عجب جھڙي ڳالھه آهي، جو سيڪيولر ٽائپ همراهه اهڙن موقعن تي قائد اعظم ۽ علامه اقبال جو نالو استعمال ڪندا آهن. مان اهڙن ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ته قائد اعظم غازي علم الدين جو ڪيس لڙيو هو، اهڙي نموني غازي علم الدين جي ان ڪاروائيءَ تي علامه اقبال هي لفظ چيا هيا ته: ”اسان گلان ڪندي رهه گئي، تي ترکان دا منڊا بازي لي گيا.“ يعني اسان ته ڳالھيون ڪندي رهجي وياسين پر هڪ ڊکڻ جو پٽ گوءِ کڻي ويو.

    مان صدر مملڪت ۽ وزير اعظم جي خدمت ۾ گذارش ڪريان ٿو ته اهي فوري طور تي اِهو اعلان ڪن ته: توهين رسالت آرڊيننس کي نه ختم ڪيو ويندو، نه وري ان ۾ ڪا تبديلي ڪئي ويندي. توهين رسالت آرڊيننس ۾ ترميم لاءِ شهباز ڀٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل ڪميٽيءَ کي بنا دير ختم ڪري، شيري رحمان وارو بل قومي اسيمبليءَ مان واپس ورتو وڃي. انهن اعلانن سان ملڪ جون حالتون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ حڪمران به ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته اهي اهڙي صورتحال ۾ حڪومت نه ٿا ڪري سگهن. محترم نثار احمد کهڙو صاحب چوي ٿو ته هيءَ اونداهيءَ جي حامين ۽ روشنيءَ جي حامين جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن اها آهي روشن خيالي آهي ته پوءِ اوهان کي اوهان جي روشن خيالي مبارڪ هجي.


    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلمان تاثير جو قتل: تصوير جو ٻيو رخ!

    پيارا دوست! اوهانکي ممڪن اڃان پاڪستان جي ڪنهن به قانون ۾ اڃان ڪو ڀروسو هجي يا پاڪستان جي عدالت ۾ اڃان ڪي اميدون هجن، يا وري پاڪستان جي سياسي ڍانچي مان اڃان ڪي آسرا هجن ۔۔۔

    معاف ڪجو هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪبو ته جنهن منزل تي هن وقت پاڪستان اچي پهتو آهي ته اسانکي ڪا به اميد، ڪو به آسرو يا وري ڪا به خام خيالي نآهي ۔۔۔ مٿئين مضمون ۾ سائين سومري صاحب اشارو به ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيترا قانون آهن جن جو غلط استعمال ٿئي ٿو ۔۔۔ اسين ته اهو سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ سڀني قانونن جو غلط استعمال ٿئي ٿو ۔۔۔

    ظلم جو ڪوٽ آهي جيترو جلد ڪرندو، ايترو جلد سنڌ جي مسلمانن جو ڀلو ٿيندو، اچو ته سنڌ بچايون ۽ سنڌ جي حفاظت ڪريون ۔۔۔ سنڌ جي سڀني ۽ خاص ڪري مذهبي حلقن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي سنڌ جي آجپي واري ويڙهه ۾ اچي رهنمائي ڪن۔ گهوٽ به سڏائجي ۽ ڄنڃ جي پويان هلجي، اها نا انصافي چئبي ۔۔۔

    ٻي صورت ۾ اسين ائين ئي سمجهنداسون ته سنڌ جون مذهبي ڌريون پڻ موجوده پاڪستان ۾ ٿيندڙ قومي ڦرلٽ ۾ برابر جون شريڪ آهن ۔۔۔

    مڙيا مڇ هزار، ڀانڱا ٿيندي سهڻي ۔۔۔۔
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلمان تاثير جو قتل: تصوير جو ٻيو رخ!

    ادا هر ڪنهن جي سوچ سوچ ۾ فرق هوندو آهي ضروري ناهي ته هر ڪو ڪنهن سان هر ڳالھ تي سهمت هجي۔ برابر اوهان جي ڳالھ ڪنهن حد تائين درست به آهي پر ادا اوهان جي ڳالھ مان بندو متفق ناهي ٿي سگهيو۔ پاڪستان جنهن بنياد تي حاصل ڪيو ويو آهي هن بابت اها راء منهنجي نزديڪ صحيح ناهي۔ها ضرور اسان جا سياستدان ملڪ لاء ‌نقصان ڪار ثابت ٿيا آهن پر اهو انذاز فڪر هن جو حل ناهي۔ سائين جي ايم سيد جي فڪر مان جيڪو ڪم سائين سيدجلال محمود شاھ ڪري رهيو آهي سو هن ۾ به اوهان ڏسندو ته پاڪستان ۾ رهي ڪري ئي پارليماني طرز حڪومت ٿائڻ ۽ سنڌ جو خودمختياري لاء جدوجهد ڪرڻ آهي۔ ائين ئي سائين ڊآڪٽر خالد محمود سومرو پڻ پارليماني حڪومت ۾ رهي ڪري سنڌ لاء جيڪو خدمت سرانجام ڌئي رهيو آهي سو قابل ساراھ آهي۔ آئون وري هن طرز عمل جو قائل آهيان ۔منهنجو ارادو اوهان کي تڪليف ڏيڻ‌جو ناهي مان رڳو پنهنجو موقف ٻڌائڻ پيو چاهيان۔ جئين آئون اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته هر ڳاله تي ڪنهن سان سهمت ٿيڻ ضروري ناهي اهڙي نموني مان چوڻ‌ٿو چاهيان ته منهنجي ڳالهين تي به ڪنهن جو متفق ٿيڻ‌ضروري ناهي۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلمان تاثير جو قتل: تصوير جو ٻيو رخ!

    محترم ڀا بيشڪ اوهانجو ڪنهن ڳالهه سان متفق ٿيڻ ضروري ناهي ۽ نه ئي پنهنجو به ڪنهن ڳالهه سان متفق ٿيڻ ضروري آهي ۔۔۔ پر ها هڪ ڳالهه تي اسان ٻنهي کي متفق ٿيڻو پوندو اهو آهي ۔۔۔ ”سچ“، جيڪڏهن سچ سان آ متفق نه ٿيندس ته آ منافق ۽ جيڪڏهن سچ کان ڪو ٻيو به اکيون ڦيرائيندو ته اها به ڪا چڱائي ناهي ۔۔۔

    مهرباني ڪري، منهنجن ڪجهه سوالن جا جواب ملن ته ممڪن اسين غلط رستي تان سهي رستي تي اچي وڃون ۔۔۔ بنيادي سوال آهي سچائي سان جواب ڏجن ۔۔

    سوال 1۔ 65 ساله پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ کي ڪهڙو فائدو رسيو آهي يا وري اسلام کي ڪهڙو فائدو رسيو آهي ۔۔۔۽ جيڪڏهن پاڪستان نه هجي ها ته اسلام کي يا سنڌ کي ڪهڙو نقصان پوي ها ۔۔۔؟

    سوال 2۔ سائين سومري صاحب سنڌ لا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن ۔۔۔۔؟

    دوست افتخار! سوال ته گهڻا آهن، پر في الحال جيڪڏهن مٿين ٻن سوالن جا تفصيلي جواب ملي وڃن ته ممڪن ٻين سوالن جي پڇڻ جي نوبت نه اچي پر جيڪڏهن جواب مطمئن ٿيڻ جوڳا نه هوندا ته پو ٻيا سوال به ممڪن آهن ۽ ممڪن ڪجهه ڳالهيون اسان به ڪريون، پو جت سچ هوندو اتي متفق به ٿيڻو پوندو ۔۔۔ ۽ جيڪڏهن متفق ٿيڻو ناهي ته پو سوال جواب اجايا آهن ۔۔۔۔ پو جواب ڏيڻ ضروري به ناهن ۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔۔
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلمان تاثير جو قتل: تصوير جو ٻيو رخ!

    ادا نثار اوهان ڪجه سوال ڪيا سو جواب حاضر آهن . پهريان ته آئون اڳ ۾ ئي عرض ڪيو هيم ته منهنجي ڳالھ سان سهمت ٿيڻ ضروري ناهي ۽ هن سان گڏ سمجهيم ته شايد اهو سلسلو هتي ئي بند ٿي ويو هوندو پر اوهان جا سوال ڏسي سوچيم ته جواب ڏيڻ ضروري آهي. سو ادا اوهان چيو آهي ته سائين سومري سنڌ لاء ڇا ڪيو آهي هن سلسلي ۾ اسان ڏسون پيا ته ڊاڪٽر صاحب اهو واحد سياسي ليڊر آهي جيڪو ايوان سينيٽ ۾ وقت به وقت سنڌ جي حقن لاء آواز بلند پيو ڪري (۽ يقينن اوهان اخبار ۾ اهي مضمون پڻ پڙهيا به هوندا) چوڻي مشهور آهي ته هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي ائين ئي هڪ ڊاڪٽر سومري جو آواز سان مسئلو حل نه پيو ٿي سگهي جيڪر اسان جا ٻيا محب وطن قومي اڳواڻ پاريماني سياست ۾ حصو وٺي پارليمنٽ جو حصو بنجن ها ته ضرور ڪو کڙ تيل نڪري ها مثال لاء ڏسو ايم ڪيو ايم هڪ اقليت ٿي ڪري اڄ ڪئين پارليمنٽ جو حصو آهي ۽ ڪئين نه پهنجا اغراض ۽ مقاصد حاصل ڪري رهي آهي نوبت ايسيتائين پهچائي اٿن جو هر حڪومت هنن جي آڏو ڳوڏا کوڙن تي مجبور آهي.


    ٻيو اوهان چيو آهي ته پاڪستان اسان کي ڇا ڏنو آهي؟ ادا اڄ اسان کي جيڪا به آزادي حاصل آهي سان هڪ عظيم رحمت آهي اوهان پاڪستان جي ابتڙ هندستان جي مسلمانن جو حال ڏسو ته زمين آسمان جو فرق نظر ايندو اڄ اسان جون مسجدون هتي محفوظ ناهن اسان جا مسلمان ڀائر محفوظ ناهن ڪڏنهن بابري مسجد کي شهيد ڪيو پيو وڃي ڪڏنهن هن جا ٽڪرا ڪري اڌ هندن کي ته وري ڪجه حصو مسلمانن کي ڏئي مسجد جي حرمت کي پامال ڪيو پئو وڃي مسلمانن کي آزاد ڪشمير ۾ گجرات ۾ شهيد ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي . الحمدلله اسان کي پاڪستان تي فخر آهي ها اها ٻي ڳالھ آهي ته هتي اسان کي جيڪي حڪمران نصيب ٿيا آهن هن ڪري اسان جو ملڪ بدنام پيو ٿئي ۽ هن جو ڪارڻ به اسان خود پاڻ آهيون الله تعالى فرمائي ٿو ته آئون هن قوم حالت کي ايسيتائين نه بدلايندو آهيان جيسيتائين اهي پاڻ کي تبديل نه ڪن اڄ ضرورت آهي پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو الله تعالى جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جو.
    باقي منفي سوچ ۽ منفي فڪر سان مسئله جيڪر حل ٿين ها سو ڪڏنهن جا حل ٿي وڃن ها ...........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو