افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
سلمان تاثير جو قتل: تصوير جو ٻيو رخ!
ڪاوش اخبار ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر محترم نثار احمد کهڙي صاحب جو هڪ مضمون شايع ٿيو آهي، ان مضمون جي پڙهڻ کانپوءِ ضروري سمجھيم ته ساڳئي عنوان تي تصوير جو ٻيو رخ به سنڌ واسين جي سامھون پيش ڪجي.
سڀ کان اول هڪ انسان، هڪ مسلمان، باب الاسلام سنڌ جي هڪ ڄائي، ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمّد صلي الله عليه وسلم جي هڪ ادنى غلامَ ۽ سڀ کان وڏي ايوان سينيٽ آف پاڪستان جي هڪ ميمبر هئڻ جي ناتي پاڻ تي اهو فرض ٿو سمجھان ته مان هن ڳالھه تي زور ڏيان ته اسان جي ملڪ ۾ قانون تي عمل درآمد ٿيڻ گھرجي. عدالتن جي فيصلن جو احترام ڪرڻ گھرجي، حڪمرانن کي عدالتي فيصلن تي اثر انداز نه ٿيڻ گھرجي، ڪنهن به شخص کي ڪنهن ٻئي شخص جي خلاف گٿا لفظ نه ڳالھائڻ گھرجن، مذهبي جھيڙن ۽ فرقه وارانه فسادن جو رستو روڪڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو شخص مذهبي عقيدي جي بنياد تي مسلمانن جي دل آزاري ٿو ڪري ته ڪنهن کي به ان سان همدردي ڪري مسلمانن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ نه گھرجي. ملڪ جو صدر هجي يا وزيراعظم، ڪنهن صوبي جو گورنر هجي يا وزير اعلى، ڪو ايم اين اي هجي يا سينيٽر، ڪو ڪنهن اسيمبليءَ جو اسپيڪر هجي يا ميمبر، ڪو اڻ پڙهيل هجي يا پڙهيل ڪڙهيل ۽ ڪو راڄ جو ماڻھو هجي يا ڪو ڀوتار ۽ سردار، سڀني تي لازم آهي ته اهي قانون جو احترام ڪن، قانون کي هٿ ۾ نه کڻن ۽ پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿاهون نه سمجھن.
جيڪڏهن ڪير سمجهي پيو ته، عاصيه سان ناانصافي ٿي آهي ته اهي سيشن ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ ان کانپوءِ وري سپريم ڪورٽ وڃي پيا سگھن. پر ٿيو ائين ته سيشن ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير چيو ته ”هيءَ مظلوم عورت آهي، صدر صاحب کي عرض ڪري هن جي سزا معاف ڪرائبي. جنھن قانون تحت هن عورت کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، اهو ڪارو قانون آهي، ان قانون کي ختم ڪرائبو“، وغيره وغيره. سلمان تاثير جي ان اقدامَ کانپوءِ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شيري رحمان توهين رسالت آرڊيننس خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ جمع ڪرائي. پوءِ اقليتي معاملن جي وفاقي وزير شهباز ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ ان قانون تي نظرثانيءَ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. ن ليگ جي ايم اين اي اياز امير ۽ ان قسم جي ٻين مغرب زده دانشورن ان قانون خلاف اخبارن ۾ ڪالم لکيا، جنهن تان اِهو معاملو تيز ٿيو.
چون ٿا ته هن قانون جو غلط استعمال ٿو ٿئي، ان ڪري ان قانون ۾ تبديلي ضروري آهي. مان پڇڻ ٿو چاهيان ته ڇا ٻين قانونن جو غلط استعمال نٿو ٿئي؟ پوءِ ٻين قانونن ۾ تبديليءَ جي ڳالھه ڇو نٿي ڪئي وڃي. اسان جي ملڪ ۾ الائي ڪيترا ماڻهو خونن جي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ڀوڳي رهيا آهن، انهن تي ته ڪنهن کي به رحم ڪو نه ٿو اچي، ۽ انهن کان علاوه به هزارين ماڻهو ڪوڙن ڪيسن ۾ چالان ٿي ٿا وڃن، پر انهن جي مدد ڪرڻ وارو به ڪوئي نظر ڪو نه ٿو اچي. هن قانون ۾ اِها شئي موجود آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ٻئي شخص تي توهين رسالت آرڊيننس تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندو ته ان کي عمر قيد جي سزا ملندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي شڪايت جي نتيجي ۾ ڪنهن کي ڦاهي اچي وئي ۽ بعد ۾ ثابت ٿيو ته شڪايت ڪرڻ واري ڪوڙي شڪايت ڪئي هئي ته ان شڪايت ڪندڙ کي به ڦاهي ڏني ويندي.
محترم نثار احمد کهڙو صاحب پنهنجي ڪالم ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت ڀٽائي گهوٽ رحمة الله عليه جا ڪجھه شعر به لکيا آهن، خبر ناهي ته اهي شعر ڀٽائي صاحب جا آهن به يا نه؟ مونکي ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ ۾ هي شعر به نظر اچي ٿو،
متو آهين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿونان هڻين،
تو جا ڀانئين اَڇَ تنھن پاڻيءَ پنا ڏينهنڙا.
ڀٽائي صاحب ته سچو عاشقِ رسول صه هيو، الله لوڪ هيو. رڳو شاعر نه هو پر وقت جو ولي الله به هيو. ڀٽائي صاحب پنهنجن شعرن جي ذريعي الله تعاليٰ ۽ ان جي پاڪ رسول صه جي محبت ۽ عشق جو سبق پڙهايو آهي. ڪيڏي نه عجب جھڙي ڳالھه آهي، جو سيڪيولر ٽائپ همراهه اهڙن موقعن تي قائد اعظم ۽ علامه اقبال جو نالو استعمال ڪندا آهن. مان اهڙن ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ته قائد اعظم غازي علم الدين جو ڪيس لڙيو هو، اهڙي نموني غازي علم الدين جي ان ڪاروائيءَ تي علامه اقبال هي لفظ چيا هيا ته: ”اسان گلان ڪندي رهه گئي، تي ترکان دا منڊا بازي لي گيا.“ يعني اسان ته ڳالھيون ڪندي رهجي وياسين پر هڪ ڊکڻ جو پٽ گوءِ کڻي ويو.
مان صدر مملڪت ۽ وزير اعظم جي خدمت ۾ گذارش ڪريان ٿو ته اهي فوري طور تي اِهو اعلان ڪن ته: توهين رسالت آرڊيننس کي نه ختم ڪيو ويندو، نه وري ان ۾ ڪا تبديلي ڪئي ويندي. توهين رسالت آرڊيننس ۾ ترميم لاءِ شهباز ڀٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل ڪميٽيءَ کي بنا دير ختم ڪري، شيري رحمان وارو بل قومي اسيمبليءَ مان واپس ورتو وڃي. انهن اعلانن سان ملڪ جون حالتون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ حڪمران به ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته اهي اهڙي صورتحال ۾ حڪومت نه ٿا ڪري سگهن. محترم نثار احمد کهڙو صاحب چوي ٿو ته هيءَ اونداهيءَ جي حامين ۽ روشنيءَ جي حامين جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن اها آهي روشن خيالي آهي ته پوءِ اوهان کي اوهان جي روشن خيالي مبارڪ هجي.
سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

ڪاوش جي ٿورن سان