ممتاز علي بجير جو غزل سڀ تحريرون منهنجون جانچي ڏسجان هر سٽ کي ورجائي پڙهجان هر لفظ ۾ سمايل درد منهنجو هوندو هر تحرير ۾ ذڪر پرين تنهنجو پڙهجان پيار جون ڪٿائون جانچي پڙهجان ڏنل تنهنجا زخم جانچي ڏسجان هر خوشي جي ميلن ۾ خاموش نيڻ منهنجا ڏسجان تنهنجي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ اجڙيل حال منهنجا جانچي ڏسجان
جواب: سڀ تحريرون منهنجون جانچي ڏسجان ممتاز علي بجير جي شاعري ۽ رمضان مينڌري جي چٽسالي ۔۔۔۔ خيال ڪمال ۔۔۔۔ ۽ ۔۔۔۔۔۔۔چٽسالي جمال ٻنهي سندي ڳالهڙي، ڪا ڪري نه سگهجي ۔۔۔ واه سائين واه ۔۔۔ ڀلا ممتاز صاحب جن پاڻ هن اڱڻ تي ڀيرو نه ٿا ڀڃن ڇا ۔۔۔؟ يار ممتاز بجير، مونکي به جيڪڏهن رمضان جهڙو دوست ملي پوي ته آ به شاعري شروع ڪيان ۔۔۔ پر اوهان جهڙي قسمت منهنجي ڪٿي ۔۔۔!!! دوستن جي دوستي کي ڪنهن جي نظر نه لڳي ۔۔۔
جواب: سڀ تحريرون منهنجون جانچي ڏسجان مهرباني سائين لک ٿورا توهان جا ، جو ادا ممتاز جي شاعري ۽ مون جي چٽسالي پسند ڪئي هڪ ڀيرو ٻيهر مهرباني لک قرب ;;;;;;