چئوسٽو رشيد زهراڻي خوبصورت چھرا بيڪار ٿي ويندا آهن، چڱا ڀلا بدڪار ٿي ويندا آهن، هي زماني جو دستور آ پيارا، ڏسندي ئي ڏسندي، فقير به شاهوڪار ٿي ويندا آهن.
جواب: چئوسٽو رشيد زهراڻي واه ادا واه تمام بهترين ونڊ آهي پرين ۽ هي هڪ حقيقت به آهي ۽ سچ به آهي ته ڪيئي غريب شاهوڪار ۽ ڪائي شآهوڪار غريب به ٿي ويندا آهين ۔۔۔۔ ۽ زمانو چوندا ۽ ان کي آهين جنهن ۾ زوال هجي
جواب: چئوسٽو رشيد زهراڻي اهم سوال اهو آهي ته اصل ۾ زوال ڪنهنجو ٿيندو آهي ۔۔۔ انهن جو جيڪي امير مان فقير ٿيندا آهن يا جيڪي فقير مان امير ٿيندا آهن ۔۔۔؟ گهڻن رخن سان ان مضمون کي کوٽبو ته ڳالهه تمام ڳوري ٿي ويندي ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔۔ زهراڻي صاحب جا لک ٿورا سهڻو چو سٽو چيو اٿن ۔۔۔
جواب: چئوسٽو رشيد زهراڻي سائين ڪجه چئي نٿو سگهجي اهو ته رب پاڪ جي فيصلي تي ئي آهي ته هو ڪنهن غريب کي امير بڻائي ٿو ته ڇو ؟ان کا آزمائيڻ جي لاء يا ان جي ڪنهن عمل کي پسند ڪرڻ جي ڪري ڇو ته الله تعالي فرمائي و ته مان پهنجي بندن کي انهن جي مال ۽ اولاد جي ذريعي امتحان وٺندو آهيان سو جي اهو بندو امير ٿيڻ کان پوء الله جا حقوق اادا ڪري ٿو ۽ قارون نٿو بڻجي ۽ شڪر پر وردگار ادا ڪري ٿو ته الله پاڪ اڃا به ان کي وڌيڪ ڏيندو ۔۔۔۔۔ ۽ زوال جلدي نه ايندس پر جي ڪو شخص امير مان غريب ٿيو آهي ته ٿي سگهي و ته الله پاڪ جي طرفان اهو به ان لاء امتحان هجي ۽ ان امتحان ۾ ڪامياب ٿئي ته الله پاڪ حٍرت ايوب وانگر وري ان جي رزق و روزي ۾ برڪت عطا ڪري هو امير ٿئي بس اهي ته مالڪ جا رنگ آهين ان کي ڪهڙي شي بندي جي پسند اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔