جواب: پيٽرول پمپ تي موبائل فون جو استعمال ڇو منع آهي؟ محترم دوست، چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔ ڪيترن ڏينهن کانپو اچي چڱائي ونڊ ڪئي اٿوَ، چڱو ٿيو هاڻ احتياط ڪبو ۔۔۔ ٻي ڳالهه جيڪا اهم آهي ته اوهانکي پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي به ٿي ۽ ادي محمد علي جي تصوير ڏسي وري ڏک به ٿيو، رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ دعا آهي ته جنت ۾ نوجوانن جي سرواڻ شهيد امام سان گڏ هوندا ۔۔۔ آمين مون پهرين ڏينهن ئي اوهانکي فون ڪيو ته اوهانجو سيل فون بند هيو ۔۔۔ پو وري مون اوهانجي حالت ۽ ڏک کي محسوس ڪندي صرف دعائن تي ڀاڙيم ۔۔۔ بندي جي من ۾ هڪ رب جي من ٻي ۔۔۔ نوجواني جو موت مائٽن ۽ دوستن ۽ عزيزن لا ڪيترو غمزده هوندو اهي، انجو اندازو شايد اسين نه ڪري سگهون ۔۔۔ جت باهه ٻري اهو هنڌ سڙي ۔۔۔ رب اوهانکي صبر ۽ همٿ عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: پيٽرول پمپ تي موبائل فون جو استعمال ڇو منع آهي؟ ادا جتي ٽيڪنالاجي جا فايدا آهين اتي نقصان به آهين پر احتياط انسان جيئي فايدي ۾ هوندو آهي پر ان ڳاله کي جي انسان سمجهي ته ۔۔۔۔
جواب: پيٽرول پمپ تي موبائل فون جو استعمال ڇو منع آهي؟ ادا مست اسلام عليڪم ياعلي مدد۔ ادا مست توهان جي ڀاءُ جي تصوير ڏسي ڪري تمام افسوس ٿيو۔ ادا مست اسان جي پروردگار کان دعا آهي ته مرحوم جي درجا بلند ڪري آمين۔ ادا مست هر ڪنهن کي هلڻو آهي هر ڪنهن کي ان شيءِ جو مزو چکڻو آهي بيشڪ مولا علي عليه سلام جن قول پڙهيو هو ته پنج وقت جيئن نماز ادا ڪريو ٿا ائين موت کي به ياد ڪريو ادا دراصل اسان دينا جي رنگينن ۾ موت کي ياد نه ٿا ڪريون جڏهن ٿورو به اسان جو توجه ان تي وڃي ٿو ته مالڪ حقيقي کان دعا هوندي آهي ته اي پروردگار اسان گناهن کان دور رک اسان توفيق ڏي ته اسان شيطان کان دور رهو
جواب: پيٽرول پمپ تي موبائل فون جو استعمال ڇو منع آهي؟ [justify]ادا وڏا۔۔۔۔ واقعي بندي جي من ۾ هڪ ته رب جي منشا ٻي هوندي آهي۔۔۔ ڪلهه مون سڪرات متعلق هڪ ڪتاب ۾ معصومين عليهم السلام جي هڪ روايت پڙهي ته ٽن وقتن تي فرشتا پڻ روئندا آهن۔۔۔۔ مختصر طور تي انهن مان هڪ ڳالهه هي لکان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ماءُ پيءُ کي ڪو اولاد ڄمي ٿو ۽ اهي خوش ٿين ٿا ته الله ڪندو ته اسان جو هي ٻچڙو وڏو ٿيندو ۽ ان جي شادي ڪرائينداسين۔۔۔ پر جڏهن اهو اولاد وري انهيءَ ساڳئي ماءُ پيءَ جي اڳيان جوانيءَ جي عالم ۾ فوت ٿي وڃي ته پوءِ فرشتا پڻ ان ڏک ۾ روئندا آهن۔۔۔ بس اهڙن جوانن جي صدمي جي خبر به ماءُ پيءَ کي هوندي۔۔۔ جيڪي پنهنجو پيٽ ڪَٽي انهن کي پالين ٿا۔۔ الله تعالى اسان سڀنيءَ کي ان موقعي تي صبر جي توفيق ڏئي۔۔ بهرحال رب جي منشا ته واقعي سڀ کان وڌيڪ آهي، انسان ناقص العقل ۽ ناقص العمل آهي، انسان نه ٿو ڄاڻي ته رب تعالى ڪهڙي منشا تحت ڪنهن کي ته سوين سالن جي عمر تائين جيئڻو پئجي ٿو ۽ ڪنهن کي وري زندگيءَ جي نوجوانيءَ جي بهار نصيب نه ٿي ٿئي۔۔ سوچيندڙن لاءِ انهن ڳالهين جي اندر واقعي قدرت جون نشانيون آهن۔۔ ڇو ته ڪا ته قوت آهي جيڪا انهيءَ طريقي سان ڪائنات کي هلائي رهي آهي۔۔۔[/justify]