هي تصوير ڏسي ڪري مون کي هڪ قصو ۽ ڪهاوت ياد اچي وئي ته هڪ شخص هو نئون نئون حڪمت سکي پيو سو ان هڪ دوا ايجاد ڪئي ڪنهن خاص مرض لاء سو چيائين ته هاڻي اها دوا ڪنهن تي آزمايان سو ان جو به مون جهڙو ڪو جهونو پيء هو سوچيائين ته ڇو نه ابي تي آزمايان سو پهنجي پي کي هڪ وضم دوا مان کڻي کارايائين صبح جو ڏسي ته جهونو سوڙ مان اٿيو ئي ڪونه ۽ هن دنيا مان ئي لاڏاڻو ڪري ويو سو ان حڪيم کي ماڻهن چيو ته اڙي اهو ڇا ڪيئي پڻهي ماري وڌئي تنهن تي هن جواب ڏنو ته بابو مئو ته ڇا ٿيو دوا جي وزن جي ته خبر پئي نه ۔ سو سيلاب جو ٻئي ڪنهن کي فائدو ٿيو نه ٿيو پر ان گڏه (جيڪو سدائين ڌڪن ٿاٻن ۾ هوندو هو ۽ ڪڏنهن خواب ۾ به ڪونه سوچيو هئائين ته ٻيڙي تي چڙهدندو ) ٻيڙي تي سواري ڪيئي نه ۔ ۔ ۔ ۔۔ =))=))=))=))
جواب: وڃ ڀڻا گڏه جا ڀاڳ ڪڏهن گڏهه ٻيڙي تي ڪڏهن مسٽر بين گڏه گاڏي تي ڪڏهن ڪو بکيو پنهنجي ٻار جي ڪنڌ تي ۔۔۔ اڙي ابا علي علي اسانجو مٿو ڇو ٿو ڦيرائين ۔۔۔ اصل گهما ڪي رک ديا ۔۔۔ ڀلا ڪو بدلو ته رهيل ناهي ۔۔۔؟ خئير مسٽر بين کي ڏسي پاڻ به هاڻ اهڙيون سواريون ڳولهيندا سون ۔۔۔۔ هن نڀاڳي گڏهه جا ڀاڳ ڀلا يا برا جو اهڙي اڪيلي ٻيڙي ملي وئي اٿس ۔۔۔ بچندو ڪيئن؟
جواب: وڃ ڀڻا گڏه جا ڀاڳ سائين اسان جي سي آئي ڊي آفيسر هاڻي ئي اطلاع ڏنو ته اهو گڏه ڏاڍي انجوائي ڪري نيٺ اچي ڪناري تي پهتو جتي ان جي استقبال ۾ ماڻهون بيٺا هئا جن ان کي ڳلي لڳائي چميون پڻ ڏنيون سو سيلاب ڪنهن جي لاء ته فايدي مند ٿيو نه
جواب: وڃ ڀڻا گڏه جا ڀاڳ هاهاهاهاهاهاهاهاهاها ٻوڏ ۾ ته ماڻهون به تري پئي آيا ء هي گڏهه واه ڙي گڏهه تهنجا ڀاڳ هيٺين تصوير وارو گڏهه ته وڏو خوش نصيب آهي گڏه ڏاڍي انجوائي ڪري رهيو آهي
جواب: وڃ ڀڻا گڏه جا ڀاڳ هاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔فقيرن جا سردار سائين نثار چواڻي ته ڇڏ ابا اسان جو مٿو نه ڦير۔۔۔کلي کلي ۽ لکي لکي آڱرين ۾ سور پئجي ويندو۔۔۔
جواب: وڃ ڀڻا گڏه جا ڀاڳ ادا همانگير اوهان جي پسند ڪرڻ جي تمامگهڻي مهرباني جاني بس ابا پيا پهنجا درد لڪايون انهن مسڪراهٽن پويان ابا عرس ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس بابا ۔۔۔ ۔ ۔ تڏنهن ته اسان چيو سي ته هي گڏه دنيا جو خوش نصيب گڏه آهي جو ٻيڙي تي چڙهي ڪري پوري دنيا گهميو ۽ وري ماڻهن ان کي پپيون به ڏنيون ،۔۔۔۔۔ سائين مٿو فرندو تڏنهن ته اوهان جي ذهن جي ورزش ٿيندي بابلا ذهني ورزش به لاذمي آهي ۔۔۔۔ باقي ادا اوهان کي کلي کلي ڪري آڳرين ۾ سور پئجي ويو آهي الله خير ڪندو هاڻِ ڏسون ته اڳين دفعي ڪٿي ٿو سور پوي هههه
جواب: وڃ ڀڻا گڏه جا ڀاڳ فقير سائين گڏه جي دعوي آهي ته شڪار پور جو شهر به گهمي آيو آهيان ڀلا اها ڳاله صحيح ٿو چوي يا نه ؟؟؟
جواب: وڃ ڀڻا گڏه جا ڀاڳ ادا اڄڪله گڏهه ايترا ته مهانگا ٿي ويا آهن جو اسان جا ماڻهو پنهنجي جان کان به وڌيڪ ان جي سنڀال ڪندا آهن ۔ شايد هي گڏهه به انهن مان آهي۔۔۔۔۔۔۔