• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعليمي ڪئلينڊر

عرس پريو

سينيئر رڪن
Calender.jpg
 
جواب: تعليمي ڪئلينڊر

سائين محترم پريا مڙس! ڪئلينڊر ته واقعي سهڻو ۽ اتساهيندڙ آهي، 2011 کي شايد تعليم جو سال ڪري لکيو ويو آهي ۔۔۔ الله ڪري ته سنڌ جو هر سال تعليم جو سال هجي ۽ سنڌي سڳورا تعليم ۾ ڀڙ ٿين ۔۔۔

پر جيئن ته ترقي يافته ملڪن ۾ جيڪو تعليمي ڪئلينڊر ڪڍيو ويندو آهي، جنهن ۾ سموري معلومات هوندي آهي، مثال؛
امتحانن جو تاريخون
ڪلاس ختم ٿيڻ ۽ شروع ٿيڻ جون تاريخون
موڪلن جي شروع ٿيڻ ۽ ختم ٿيڻ جون تاريخون
داخلائن ۽ سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ جون تاريخون
وغيره وغيره

مطلب ته جڏهن تعليمي ڪئلينڊر شاگردن جي ۽ والدين جي هٿ ۾ هوندو آهي ته باقي ڪنهن کان معلومات ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي ۔۔۔ ان ڪئلينڊر کان ٻيا ادارا پڻ فائدا وٺندا آهن ۽ ان ڪئيلينڊر جي حساب سان شاديون مراديون پڻ طع ٿينديون آهن ۔۔۔ مطلب ته قومن وٽ تعليم جو معيار ڪيئن به هجي پر پنهنجي نسل کي هڪ مضبوط تنظيمي ڍانچو مليل هوندو آهي ۔۔۔ ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ۔۔۔۔ الله وارث ؟

لک ٿورا ۔۔۔
 
جواب: تعليمي ڪئلينڊر

سائين ٻين ملڪن جي شاگردن کي هر خبر هوندي آهي
ء اسان وارن شاگردن کي ته ڪنهن تاريخ جي خبر به نه هوندي آهي
صرف اها خبر هوندي اٿن ته اڄ ڪهڙي نموني موڪل ڪجي

دعا آهي ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ هن سال ڪي سڌارا اچن
 
Back
Top