عرس پريو
سينيئر رڪن
تنهنجا ڳوڙها، منهنجا ڳوڙها
ساڳي رنگ جا،
تنهنجو رت، منهنجو رت
ساڳي رنگ جو،
تنهنجي منهنجي وچ ۾،
پوءِ ڇو هيڏو ويڇو؟
تنهنجي بت مان خوشبوءِ ٻهڪي
منهنجي بت مان بوءِ اچي
لوڪ چوي ٿو، روئڻ اچي ٿو
ڏس مان تيل ڦليل ڪيان ٿو
عطر عنبير سان سنان ڪيان ٿو
پوءِ تون ڏس، ها تون ڏس
تو ۾ مون ۾ آ ڪو ويڇو؟
چنڊ هوا ۽ اس
تو لاءِ مون لاءِ آهي ساڳي
گهر جو اڱڻ گهر جي ڇت
مون لاءِ چولي آهي ساڳي
تو ۽ منهنجو امڙ ابو آهي ساڳيو
تو لاءِ آهي اعليٰ اسڪول
مون لاءِ ڇو پيلو اسڪول
جنهن منهنجي رڳ رڳ ۾
خوف جي آپيلاڻ ڀري
تو لاءِ ڪلب، تو لاءِ گاڏي
منهنجي ڪنڌ لاءِ تيز ڪهاڙي
هن بدبودار اهڙي سماج لاءِ
ڇو نه کڻي ٿو يار ڪهاڙي؟
هي طبقاتي نظام اکيڙي
ڪو شانت ڀريو نگراڏجي
دنيا جي هن گولي کي
سک برابري پيار جو سنسار بڻائي
مٽائجي هر هڪ ويڇو،
تنهنجا ڳوڙها، منهنجا ڳوڙها
ساڳي رنگ جا،
تنهنجو رت، منهنجو رت به ساڳيو
ذوالفقار بهڻ