نصرپور جو هيرو نصرپور جو شان غلام حيدر دائودپوٽو ڳالهه ٻولهه ؛ خادم گھراڻو نصرپور علم ۽ هنر جي ڪري دنيا جي اندر مشهور آهي هن شهر ۾ جنم وٺندڙن مان ڪيترائي محنت ڪري وڏي رتبي تي پهتا آهن هن شهر جي جيڪڏهن اسان سروي ڪريون ته هن شهر ۾ جنم وٺندڙن مان ڪيترائي ٻاهرين ملڪن ۾ آهن جن کي هن سنڌ جي هڳاءُ جي هر وقت ياد هوندي آهي جن مان شير محمد دائودپوٽو ٿائيلينڊ اشتياق دائودپوٽو اومان اسرار احمد ابڙو مليشيا ياسر رباني لنڊن ۾ آهن ٻيا به ڪيترائي آهن جن جا جيڪڏهن نالا لکجن ٿا صفحا ڀرجي وڃن .انهن مان غريب تپيدار محمد خان دائودپوٽو جي گھر ۾ جنم وٺندڙ غلام حيدر دائودپوٽو به هڪ آهي ڪنهن جي خواب خيال ۾ به نه هو ته هيءُ ايڏو مٿي ويندو . هن جو هڪ چاچو احمد خان دائودپوٽو چڻا ۽ اخبارون وڪڻندو هو ٻيو چاچو عبدالله خان پرائمري استاد هو. غلام حيدر دائودپوٽو 23 جنوري 1978 ع ۾ نصرپور ۾ جنم ورتو پرائمري تعليم مين سنڌي اسڪول نصرپور مان مئٽرڪ هاءِ اسڪول نصرپور انٽر سنڌ ماڊل ڪاليج ٽنڊو الهيار مان بي اي يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو مان (ڪاليج سائيڊ ) حاصل ڪئي 1991 ع ۾ پاڻ پن جون ٻيڙيون ٻڌندو هو 1993 ع کان ڪاشي جي ڪم کي لڳي ويو جتان هن اڳتي وڌڻ جي جدوجهد ڪئي اڄ به نصرپور ۾ ڪيترائي ماڻهو هن جي ڪيل محنت جا مثال ڏيندا آهن . جڏهن پاڻ اڳتي وڌيا ته اڳتي تعليم حاصل ڪئي M.A (with Distinction) in visual Islamic and Traditional Arts , The Prince School of Traditional Arts London UK , M.A ( Hans.) Visual Art (First Division) National College of Arts Lahore Pakistan, Diploma in Ceramic (Grade) Ceramic Training Cum Production Centre Sindh Small Industries Corporation Nasarpur Sindh . Computer : M.S office , Corel draw, Adobe Photoshop , Adobe Illustrator . AWARD : Jerwood Art Prize by Jerwood Foundation Presented By H.R.H The Prince of WALES prince Charles , Jemeel Scholarship for M.A program at the prince’s School of Traditional Arts London UK , Awarded with the Charles wales Trust ( Britsh Council ) fellowship exchange student . پاڻ اتي به مطالعو ڪندا رهندا آهن مختلف جڳهن تي ميمبر شپ حاصل ڪئي . Member of British Museum Friends London , Member of british Libarary London , Member of National Library Victoria Albert Museum London , Member of british Council Almni . غلام حيدر دائودپوٽو جنهن نصرپور جي هڪ غريب گھر ۾ جنم ورتو ان ڪاشي ۽ سيرامڪ تي ڪافي تحقيق ڪئي جنهن تي پاڻ هڪ جامع معلومات جو ٿيسز به لکيو آهي جنهن ۾ ڪا شي بابت ڪافي ڄاڻ ڏنل آهي . نصرپور جو هيرو نصرپور جو شان جڏهن نصرپور آيو ته برسات ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي جيئن اسان جا نوجوان هن غريب مان سبق حاصل ڪن اهي محنت ڪن اڳتي وڌن . جدوجهد ڪن جيڪي انهن ۾ لڪل صلاحيتون آهن انهن کي اجاگر ڪن پنهنجي بهترين صلاحيتن کي ضايع نه ڪن انهن جي لاءِ غلام حيدر دائود پوٽو هڪ مثال آهي جتان هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور مان اڳتي وڌڻ جو سفر جاري ڪيو اتي هن وقت سندس ننڍو ڀاءُ امجد علي دائودپوٽو تعليم حاصل ڪري رهيو آهي . خادم : اوهان کي ڪاشي جي ڪم جو شوق ڪيئن ٿيو ؟ غلام حيدر دائودپوٽو :جيئن ته عام طور تي اسان جي معاشري ۾ ڪنهن به ٻار جي ڪير رهنمائي نه ڪندو آهي ته سندس ذهن ڪهڙي مضمون طرف مائل آهي ڪهڙي شعبي ۾ هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اهڙي نموني مون کي به پنهنجي مستقبل جي باري ۾ ڪابه خبر نه هئي ته ڪهڙي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪريان پر رياضي جي شاخ جيوميٽري ۾ منهنجي دلچسپي وڌيڪ هئي اهو مون کي تمام گھڻو پسند هو مئٽرڪ کان پوءِ مون نصرپور ۾ قائم ڪيل سيرامڪ سينٽر ۾ هڪ سال جي ڊپلوما ۾ داخلا ورتي هن دوران مون کي مٽي جي ڪم سان گھڻي دلچسپي پيدا ٿي ويئي ( سيرامڪ هڪ يوناني لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ته مٽي مان ڪابه شيءِ ٺاهي ان کي باهه ۾ پچائي مستقل شڪل ڏني وڃي ته ان علم کي سيرامڪ چئبو آهي ) نصرپور ۾ ڪاشي جو ڪم ڪافي صدين کان ٿي رهيو آهي سيرامڪ ۾ ڪم ڪرڻ دوران مون کي ڪاشي جي ڪم جو شوق پيدا ٿيو جنهن به استاد محمد صديق گھراڻو وٽ ڪاشي جو ڪم سکڻ شروع ڪيو جيڪو سکڻ جو عمل اڄ ڏينهن تائين جاري آهي . خادم : هن ڪم سکڻ دوران اوهان جي رهنمائي ڪنهن ڪنهن ڪئي ؟ غلام حيدر دائودپوٽو : ڪاشي جو ڪم باقاعده سيکاريندڙ استاد محمد صديق گھراڻو آهي ان کان سواءِ استاد محمد فاروق دائودپوٽو ، محمد سليم چنا ، محمد ايوب گھراڻو ٽنڊو باگي جي استاد محمد آچر ڪنڀر رهنمائي ڪئي ۽ منهنجي مامي عبدالخالق گھراڻو منهنجي ڪافي حوصلا افزائي ڪئي سيرامڪ جي ٽريننگ جي دوران استاد رفاقت علي اعواڻ سيرامڪ جا ٽيڪنيڪل پهلو سيکاريا جيئن ته ڪاشي سيرامڪ جي هڪ خوبصورت شڪل آهي سيرامڪ جي ٽريننگ مون کي شوق ڏنو ڪاشي جي سکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو . خادم : نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور ۾ اوهان جي سليڪشن ڪيئن ٿي ؟ غلام حيدر دائودپوٽو : جڏهن انسان ڪنهن ڪم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪندو آهي ته ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي جتي آرٽس جي تعليم ڏني ويندي آهي جيئن ته ڪاشي جي ڪم دوران مون کي ڪنهن آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق هوندو هو پر غربت عمر جي وڌي وڃڻ ۽ تعليم گھٽ هئڻ ڪري ڪنهن اداري ۾ باقاعده تعليم حاصل ڪرڻ نا ممڪن لڳي رهيو هو سال 2000ع کان 2003 ع تائين مون پنهنجي استاد سان گڏ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي جي بلڊنگ جي لاءِ ڪاشي جون سرون ٺاهي رهيا هئاسين ان بلڊنگ جي آرڪيٽيڪٽ ڪامل خان ممتاز هو ان مون کي ثقافتي فنن جي اهميت خاص ڪري ڪاشي جي حيثيت اسلامڪ آرٽس ۾ سمجھائي ان ئي آر ڪيٽيڪٽ 2004ع ۾ اسان کي لاهور ۾ هڪ گھر ۾ ڪاشي جي سجاوٽ جو ڪم ڏنو .ان گھر جي مالڪياڻي مسز ساره زمان نيشنل ڪاليج آرٽس لاهور ۾ موسيقي جي ٽيچر هئي هڪ ڏينهن مون ان کان پنهنجي مستقبل جي باري ۾ مشورو ڪيو ان نيڪ خاتون مون کي پنهنجي ئي فن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو مشورو ڏنو بعد ۾ ڪاليج جي انتظاميه سان مون کي متعارف ڪرايو جتي مون ايم اي ويئل آرٽس لاءِ داخلا جي لاءِ فارم ڀريو هن ڪورس ۾ آئون پهريون شاگرد هوس جنهن کي چار سال فل ٽائيم بي اي آرٽس کانسواءِ سادي ٻن سالن جي بي اي ۽ ثقافتي فن ڪاشي جي سکيا ۽ تجربي هئڻ جي بنياد تي ايم اي ۾ داخلا ڏني ويئي اين سي اي ۾ مون کي ايم اي ۾ ان شرط تي داخلا ملي ته جيڪڏهن آئون پهريان ڇهه مهينا پڙهي سگھيس ته وڌيڪ منهنجي داخلا رهندي پر جيڪڏهن پهرين ڇهن مهينن ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ۽ ناپاس ٿيس ته منهنجي داخلا ختم ڪئي ويندي پر الله تعالى جي مدد ۽ پنهنجي محنت سان ٻئي سال مون پهرين پوزيشن کنئي .اين سي اي ۾ ۾ مون ڪاشي جي ڪم تي ريسرچ ۽ سکڻ جو عمل جاري رکيو جنهن جي لاءِ پوري پاڪستان جي مون ننڍن وڏن شهرن ۾ وڃي ڪنڀارن ڪاشيگرن سرامڪ جي ڪارخانن ۾ وڃي سيرامڪ جي مختلف هنرن جي تعليم حاصل ڪئي نصرپور هالا ، ڀٽ شاهه ، ڪامارو شريف ، ٽنڊو باگو ، ڪراچي ، حيدرآباد ، ملتان ، گجرات ، گجرانه والا ، شيخو پوره ۽ ٻين شهرن ۾ ويس .اين سي اي جي پڙهائي دوران گرمين جي موڪلن ۾ ڪاشي جي سکيا ۽ ريسرچ ڪرڻ جي لاءِ ايران به ويس جتي جي مشهور شهرن مشهد ، تهران ،قم ۽ اسفهان کي چڱي نموني گھمي ڏٺم .( ايران ۾ مون کي پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو ته اسين پنهنجي فن جو بلڪل قدر نه ڪري رهيا آهيون ) اسان جا قديم ۽ خوبصورت فن ختم ٿي رهيا آهن اسڪولن ۾ هڪ بيت محنت ڪر تون محنت ٻار پڙهيو هوسين پر ان تي عمل نه ڪيوسين مون کي جڏهن اين سي اي ۾ داخلا ملي ته مون هن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه زندگي ۽ موت جي جنگ وانگر هٿ ۾ کنيو پورن ٻن سالن ۾ هڪ ڏينهن به موڪل نه ڪئي پڙهائي دوران مون پنهنجي دلي خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيو فقط پڙهائي کي زندگي جو مقصد سمجھيو ڪلاس ۾ آئون پهروين شاگرد هوس جنهن ٿيسز مڪمل ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ايم اي ويئل آرٽس جي ڊگري مڪمل ڪئي اين سي اي ۾ آئون پهريون شاگرد هوس جنهن کي سندس ڊگري ٿيسز جي آرٽ جو ڪم ( ڪاشي جون سرون ) مستقل طور تي هڪ اُرچ تي لڳائڻ جي اجازت ملي جيڪي اڃا تائين اين سي اي جي ڀت تي لڳل آهن سال 2007 ع ۾ اين سي اي ۾ بهترين رزلٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ برٽش ڪائونسل جي طرفان مون کي چارلس ويلس ٽرسٽ جي اسڪالرشپ جي لاءِ چونڊيو ويو جنهن ۾ مون کي ٽن مهينن جي لاءِ دي پرنس اسڪول آف ٽريديشنل آرٽس لنڊن ۾ فلو شپ اسٽوڊنٽ تي انگلينڊ ويس . خادم ؛ اوهان جيڪو ڪاشي تي ٿيسز لکيو اهو ڪتابي صورت ۾ شايع ڇو نه ٿيو ؟ غلام حيدر دائودپوٽو :ايم اي ڊگري جي لاءِ اهو ضروري آهي ته پنهنجي ڪلاس جي ڪم ۾ جي باري هڪ ٿيسز رپورٽ لکي وڃي جيئن ته آئون ايم اي ڪاشي جي ڪم تي ڪري رهيو هوس تنهن ڪري مون ڪاشي کي پچائڻ جي لاءِ ڪاشي جي تاريخ موجوده حالت ڪاشي ٺاهڻ جو طريقو ۽ خاص ڪري ڪاشي جي هنر جي تباهه ٿيڻ جي سببن تي سڄي سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪري ڪاشي بابت ڄاڻ گڏ ڪيم جيئن ته ايم اي ٿيسز جي لاءِ فقط 5000 کان 6000 لفظن جي گھرج هئي پر منهنجي وسيع ريسرچ جي ڪري 20000 هزار لفظن تي مشتمل ٿيسز رپورٽ تيار ڪئي جيڪا هن وقت تائين نه ڇپجندڙ ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهي ان کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي . خادم : اوهان کي لنڊن ۾ ايوارڊ ڇا تي مليو ان جي ماليت ڪيتري هئي ؟ غلام حيدر دائودپوٽو : جڏهن اين سي اي ۾ مون کي پوزيشن ملي ته مون کي ٽن مهينن جي اسڪالرشپ تي لنڊن موڪليو ويو اتي لنڊن ۾ مون سوچيو ته هن يونيورسٽي ۾ اچي پورو ايم اي ٽريڊيشنل آرٽس جي ٻن سالن جي پروگرام ۾ داخلا وٺڻ گھرجي مون کي اهو شدت سان محسوس ٿيو ته جيڪڏهن مون هن ثقافتي اداري ۾ پوري تعليم حاصل نه ڪئي منهنجي مقصد جي تعليم اڌوري رهجي ويندي ڇو ته پرنس ٽريڊيشنل آرٽس اسڪول ۾ دنيا تمام بهترين استاد مختلف فنون پڙهائڻ ايندا آهن ۽ شاگردن کي پوري دنيا ۾ ريسرچ ڪرائي ويندي آهي مون انهن ٽن مهينن ۾ خوب محنت ڪئي سٺي نتيجي ۾ پاس ٿيس ان دوران ايم اي ٽريڊيشنل آرٽس ۾ داخلائون هلي رهيون هنيون انٽرويو ۾ پاس ٿيس پر اهم مسئلو فيس ۽ لنڊن ۾ رهائش جو هو لنڊن ۾ ٻن سالن جي رهڻ جو خرچ ماضي ۾ اين سي اي ۽ ٽن مهينن جي ڪاڪردگي کي نظر ۾ رکندي پرنس اسڪول ۽ برٽش ڪائونسل مون کي فيس جي لاءِ اسڪالرشپ ڏني جيڪا بلڪل نا ممڪن ۽ رواجي اسڪالرشپ هئي پر مون کي ماضي جي محنت ۽ مستقبل جي عزم کي نظر ۾ رکندي مون کي خاص اسڪالرشپ ڏني ويئي مون اهو عهد ڪيو ته انهن ٻن سالن ۾ مونکي محنت سان پڙهائي ڪرڻي آهي پڙهائي جي پهرين سال سال 2008ع ۾ جي آخر ۾ اسان جي اداري هڪ پاڪستاني ٽيڪسٽائيل جي نمائش ٿي جنهن ۾ ٿر ، سنڌ جي ڀرت جو ڪم رکيل هو ان نمائش جو افتتاح شهزادي چارلس ڪيو هو ان نمائش ۾ اسان پاڪستاني شاگردن کي دعوت ڏني ويئي هئي مون کي ان گروپ جو اڳواڻ ٺاهيو ويو جنهن ۾ اسان اهو فيصلو ڪيو ته پنهنجو قومي لباس پائي شريڪ ٿينداسين جيئن ته مون کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل هئا شهزادي چارلس ان کي گھڻي شوق سان ڏٺو سنڌي ٽوپي جي محراب جي باري ۾ پڇيو ته ان جو مقصد ڇا آهي ؟ مون هن کي ٻڌايو ته اسان جي سنڌي ٽوپي ۾ قديم زماني کان محراب ٺاهيو ويندو آهي جيئن پيشاني رب جي اڳيان جھڪائي وڃي منهنجي اها وضاحت شهزادي چارلس ۽ سڄي محفل کي پسند آئي .مون انهن ٻن سالن دوران ڪابه موڪل نه ڪئي پوري محنت ڪئي ايم اي ۾ اسان کي مختلف سبجيڪٽ پڙهايا ۽ سيکاريا ويا گلڊنگ ( سون جي ورقن جو ڪم ) مارڪيٽري ( ڪاٺ جي سنهي پٽي جو ڪم ) موزيڪ ( پٿر جي ٽڪرن جو ڪم ) اسٽينڊ گلاس ( شيشي جي ڊزائين جو ڪم ) سيرامڪ ، پليٽ ٽائل ۽ مختلف پينٽ ڪرڻ جا سبجيڪٽ سيکاريا ويا مون سڀني مضمونن ۾ بهترين پوزيشن حاصل ڪئي مون ان دوران ڪاشي جي ڪم تي تحقيق جاري رکي مختلف ملڪن ۾ سيرامڪ جي فن تي ريسرچ ڪئي اسان جي ايم اي 12 ملڪن جا فيلڊ ٽرپ ڪرڻا هوندا آهن پر مون چئن ملڪن فرانس جرمني موراڪو اسپين ۾ وڃي ڪري سيرامڪ جي ريسرچ ڪئي ۽ سکيا ورتي جڏهن امتحان ويجھا آيا ته مون اسلامي ملڪن ايران قطر دبئي وغيره جي ڪاشي جي ڪمن جا نمونا ٺاهيا جيئن اهو ڏيکاري سگھان ته مختلف ملڪن ۾ ڪاشي جو ڪم ڪهڙي نموني ڪيو وڃي ٿو موراڪو ملڪ جي انداز ۾ مون هڪ ڦوهارو ٺاهيو جنهن کي مراڪن ڪاشي جون سرون ذلچ لڳل هنيون منهنجو هي ڪم تمام گھڻو پسند ڪيو ويو ان کان سواءِ ترڪي جو ڪم ازنڪ ايران جو ڪم معريڪا اسپين جو ڪم ڪوئينڪا سنڌ جي ڪاشي ۽ ڪجهه ٻيا سيرامڪ ٽائل جا نمونا ٺاهيا ۽ انهن جي باري ۾ تفصيلي معلومات لکت ۾ پڻ مهيا ڪئي جنهن جي ڪري منهنجو ڪم ساراهيو ويو خاص ڪري ڦوهارو جنهن تي مون کي پهريون نمبر مليو هتي آئون دوستن کي اهو ٻڌائيندو هلان آئون غريب خاندان مان هوس امير گھراڻي مان نه هوس غريب مائٽن ۾ اها پهچ نه هئي ته مون کي هن مهانگي شهر جو خرچ ڏين پر جنهن مقصد کي آئون کڻي نڪتس ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ رات جو لنڊن ۾ مزدوري ڪندو هوس صبح جو ڪلاس ۾ ويندو هوس هر مهيني پنهنجي ماءُ کي گھر جو خرچ موڪليندو هوس جنهن ڪري مون کي پنهنجي هر خواهش کي مارڻو پيو ماءُ جون دعائون هنيون جنهن مون کي ڪاميابيون عطا ڪيون 5 جولاءِ 2010 ع ۾ اسان سڀني شاگردن جو ڪم پرنس اسڪول لنڊن ۾ نمائش جي لاءِ رکيو ويو 7 جولاءِ تي شهزادي چارلس نمائش جو دورو ڪيو جنهن ۾ مون هن کي پنهنجي ڪم جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو جنهن تي هن هر ڪم جو معائنو ڪيو خاص ڪري هن منهنجي ماضي جي باري ۽ مستقبل ۾ پنهنجي ملڪ جي فن کي وري اجاگر ڪرڻ واري خيال کي تمام گھڻو پسند ڪيو خاص ڪري منهنجي جيجل امڙ جي تصوير جنهن ۾ هيءَ سنڌي ڀرت جو نمونو رلي ٺاهي رهي آهي اها تصوير شهزادي چارلس سميت سڀني جي نظرن جو مرڪز رهي هڪ سنڌي عورت ڪيڏي نه محنت ڪندڙ ۽ سگھڙ آهي پرنس اسڪول جي امتحانن ۾ آئون پهريون پاڪستاني هوس جنهن ڊسٽينڪشن حاصل ڪئي بعد 7 جولائي واري تقريب ۾ مون کي هڪ ٻئي اعزاز جير ووڊ آرٽ پرائز سان نوازيو ويو جيڪو شهزادي چارلس پنهنجي هٿن سان پاڻ مون کي ڏنو هيءُ انعام پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ واري کي ڏنو ويندو آهي انعام جي رقم 2500 پائونڊ هئي . خادم : مستقبل ۾ ڇا پروگرام آهي ؟ غلام حيدر دائودپوٽو : هن وقت مون کي يو ڪي جو ٻن سالن جي لاءِ مائلي اسڪلڊ ويزا مليل آهي ۽ آئون پرنس اسڪول ۾ ئي ڪم ڪري رهيو آهيان هن وقت پاڪستان آيل آهيان جيئن الحمدالله هن وقت ٽريڊيشنل سيرامڪ ٽائل ۾ پاڪستان ۾ منهنجي سڀ کان وڌيڪ تعليم ۽ ريسرچ آهي تنهن ڪري پاڪستان گورنمينٽ مون کي گھرايو آهي هڪ ته پراڻن ماڳن جي بچائڻ ۽ انهن جي نئين سر مرمت جي ڪم لاءِ ته ڪيئن انهن عمارتن کي سندن اصلي پراڻي حالت ۾ واپس ٺاهيو وڃي ۽ ٻيو ته هن ثقافتي فن کي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪيئن موجوده تعليمي نظام ۾ اسان جي ثقافتي فن کي ڪيئن داخل ڪيو وڃي .آئون يو ڪي ۽ پاڪستان ۾ هڪ پل وانگر ٿيڻ چاهيان ٿو اسان جي سنڌي نوجوان کي ٻاهر جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا ڏيڻ جي ڄاڻ ڏيڻ مختلف غير ملڪي ادارن سان ڪم ڪري پنهنجي نوجوانن لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ انهن ادارن کي اسان جي ديس جي ثقافتي فن کي بچائڻ جي لاءِ گڏ کڻي هلڻ مطلب ته آئون پنهنجي ملڪ جي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ چاهيان ٿو خادم : ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي ثقافت ڪيئن آهي ؟ غلام حيدر دائودپوٽو :يو ڪي ۾ ڪافي سنڌي آهن انهن کي پنهنجي ديس جي سڪ ۽ محبت آهي الحمدالله يو ڪي رهندڙ سنڌين کي وطن جي دردن جو احساس آهي . خادم : شهزادي چارلس سان ملاقات وقت اوهان سنڌي لباس ڪهڙي خيال کان پهريو هو ؟ غلام حيدر دائودپوٽو : لنڊن ۾ رهندي منهنجي سنڌي ثقافت ۽ ٻولي کي ڪاشي جي ڪم محفوظ رکيو ان جو وڏو ڪردار آهي انسان ڀلي ڇا به ٿي وڃي پر پنهنجي ديس جي مٽي کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھي خادم : اسان جا نوجوان اڳتي ڇو نٿا اچن ؟ غلام حيدر دائودپوٽو : هتي اها وري ڳالهه چوندس ته منهنجو تعلق غريب خاندان سان آهي دوست انگريزي جي طرف توجهه ڏين ٻاهرين ملڪن لاءِ انگريزي اهم آهي مون کي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ مائٽن ٻيڙين ٻڌڻ تي به ڇڏيو هر مشڪل حالت دوران مون جدوجهد جاري رکي هن سماج ۾ رهڻ جي لاءِ سماجي براين کان بچڻو آهي زندگيءَ جي مقصد کي تلاش ڪرڻو آهي جنهن جو هڪ ئي رستو آهي محنت ۽ جدوجهد . جنهن سان منزل ضرور ملندي هتي آئون اهو ٻڌايان ته جڏهن آئون اين سي اي ۾ ويو هوس ته مون وٽ صرف هڪ سو روپيا هئا ( شايد دوستن کي ان ڳالهه تي يقين نه اچي پر اها حقيقت آهي ) جڏهن ته مون کي انگريزي ۽ ڪمپيوٽر نه ايندو هو منهنجي ان وقت عمر 27 سال هئي مون نئين سر پڙهڻ جو عهد ڪيو نصرپور ۾ عبدالعزيز دائودپوٽو جنهن وٽ سخت سردين ۾ فجر وقت پڙهڻ ويندو هوس ۽ انگريزي سکندو هوس اين سي اي جي خرچن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪاليج ٽائيم کان پوءِ محنت ۽ مزوري ڪندو هوس .پنهنجي مقصد سان سچائيءَ سان رهيس جنهن ڪري منزل تي رسيس . خادم : سنڌ جي قومي اخبار برسات پڙهڻ وارن ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪو پيغام ؟ غلام حيدر دائودپوٽو : آئون اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته پنهنجي مستقبل جي باري ۾ بلڪل سنجيدگيءَ سان سوچين ۽ تمام ڊگھي جدوجهد ڪن اسان جي نوجوان کي سخت محنت ڪري سٺو مستقبل حاصل ڪرڻو پوندو رواجي تعليم سان ۽ رواجي محنت سان فقط عام زندگي ئي گذاري سگھجي ٿي نه ئي ڪو وڏو مقام ۽ مان مرتبو . صرف محنت ۽ جدوجهد سان منزل ملي ويندي . خادم : توهان جي مهرباني : غلام حيدر دائودپوٽو : توهان جي مهرباني جو توهان مون کي عزت ڏني مون سان چند گھڙيون گھاريون مون سان محبت قرب ونڊيو جيڪو مون کي ياد رهندو
جواب: غلام حيدر دائودپوٽو سان ملاقات ادا تمام بهترين تحرير آهي ۽ انهي ڪارائتي انٽرويوسان سٺي ڄاڻ ڏني وئي آهي۔