صوفي شاهه عنايت الله شهيد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ باغي شر طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2011۔

  1. باغي شر

    باغي شر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جنوري 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    صوفي شاهه عنايت الله شهيد سن 1065هه ۾ ميران پور (جهوڪ شريف) لڳ پيدا ٿيو، انهيءَ زماني جي سنڌ جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون غير متوازن هيون. جنهن سبب افلاس، غربت، تنگ دستي ۽ بدحالي انتها تي پهچي چڪي هئي ڪنهن به مظلوم ۽ مجبور جي داد فرياد ڪونه ٿي ٻڌي، جاگيردارن، پيرن، وڏيرن جو ظلم ۽ ڏاڍ انتها تي پهتل هو، حق گهرڻ ۽ حق چوڻ وڏو ڏوهه شمار ڪيو ويندو هو، انهيءَ زماني ۾ رياست توڙي معاشري ۾ ڪي به اخلاقي قدر موجود نه هئا، ڌاڙيل چور ۽ لٽيرا حڪمران نواب، خانبهادر، امير وزير ۽ مشير بڻجندا رهيا.

    صوفي شاهه عنايت رح ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي اکين سان عوامي استحصال ظلم ۽ زيادتين ڀريا خوني ناٽڪ ڏسندو رهيو، انهيءَ دوارن کيس پنهنجي ڏکويل عوام کي عذابن مان نجات ڏيارڻ جي پيڙا پيدا ٿي. هن انهيءَ ڏاڍ ڀري نظام کي هڪ منصوبي تحت تبديل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ انهيءَ صورتحال جو عملي مشاهدو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد دکن ( بيجاپور) جي مشهور عالم ۽ بزرگ عبدالمالڪ رحمت الله وٽ علم حاصل ڪيائون ۽ تصوف جو طريقو اختيار ڪيائين. تعليم سان گڏوگڏ کيس مرڪزي حڪومت جي ڪارگذارين ڏسڻ پرکڻ جو موقعو پڻ مليو ۽ کيس ڄاڻ ٿي ته ڪهڙي ريت مرڪزي حڪومت جا ڪارندا عوام جي رت ست تي عياشيون ڪري لٽ مار ڪن ٿا ۽ ڪهڙي ريت ڏاڍ ۽ دهشت جي آڌار تي استحصالي نظام لاڳو ڪن ٿا ۽ ڪهڙين ترڪيبن ۽ تدبيرن ذريعي سنڌ کي غلامي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪين ٿا.

    سنڌ جي ڏکي حالت ڏسي جلد ئي پنهنجي استاد مخدوم عبدالمالڪ کان موڪلائي سنڌ موٽي آيو ۽ عبادت الاهي سان گڏوگڏ خدمت الناس جو سلسلو جاري رکيائين. انهيءَ زماني ۾ سنڌ اندر هارين ۽ زميندارن وچ ڪي به قانوني تقاضائون حدون ۽ ضابطه مقرر نه هئا. هرڪو ڏاڍو گابو هوندو هو. ڪي به انساني قانون اصول ۽ قائدا رائج نه هئا. ظالم، جابر زميندار پوک (فصل) جا ٻئي حصا ڏاڍ ۽ دهشت جي زور تي کڻائي ويندا هئا ۽ هارين جي حصي ۾ ڪجهه به نه بچندو هو، سنڌ کان ٻاهر رهي صوفي شاهه عنايت رح طبقاتي ڦرلٽ، جاگيردارن جي قهري ڪاررواين، ڪشت، خون تباهين ۽ بربادين جا ڪيئي نظارا پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو هو، ڪيترائي خوني داستان دردناڪ قصا ۽ ڪهاڻيون مظلومن جي واتان ٻڌي چڪو هو. بي انصافي ۽ انسان ذات جي مظلوميت ۽ معصوميت جو احساس انهيءَ وقت به سندس فڪر ۽ ذهن تي نقش هو ويتر سنڌ اچي اهڙو غير متوازي نظام ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.

    صوفي شاهه عنايت الله شهيد پهريون جرئتمند ۽ حق گو مرد مجاهد هو، جنهن انهيءَ معاشي جبر ۽ استحصال مان مسڪين هارين کي ڪڍڻ لاءِ انقلابي نظام متعارف ڪرايو، جيڪو مظلومن جي خوشحالي ۽ آزادي جو مظهر ثابت ٿيو، صوفي شاهه عنايت رح انقلابي نظام جي پر چار ڪندي پنهنجي اباڻي ملڪيت کي گڏيل ملڪيت قرار ڏئي هڪ اهڙي سماج جو بنياد رکيو ۽ انهيءَ کي عملي طور هلائڻ جي شروعات ڪئي جنهن ۾ پيداوار ۽ آمدني تي سڀني جو برابر حق قائم ٿيو، سندن مريدن ۽ پاڙيسرين هارين گڏجي انهيءَ نظام کي بيحد سگهارو بڻايو. اهو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ آهستي آهستي انهيءَ نظام ۾ شموليت ڪندڙ ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي وئي جنهن سبب آس پاس جا ڪڙمي، ڪاسبي، هاري، ناري، اوڍيجا، لوڊا، ناڏهه، پڙهياڙ، پنهور، ڪولهي، ڀيل ۽ ٻيا ڪيترائي راڄ گڏجي ويا ۽ جاگيردارن، زميندارن جون زمينون ڇڏي جهوڪ جي گڏيل اقتصادي نظام هيٺ گڏ ٿيا. صوفي شاهه عنايت رح انهن مظلوم هارين نارين وچان اوچ نيچ جا سڀ فرق ختم ڪري سڀني کي مساوات رواداري ۽ اسلامي اصولن موجب آزادي جو شعور ڏنو جنهن سبب رياستي فرعون مثل جاگيردارن جن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، ڏاڍ، دهشت ۽ بدمعاشي جي آڌار تي جيڪي ڪاڪ محل جوڙيا هئا. سي سڀ ڊهندي ٿي نظر آيا، حڪومت جي سرپرستي ۾ شاهي خرچن تي پلجندڙ لالچي ۽ مڪار وڏيرن لاءِ اها ڌرتي سوڙهي ٿي چڪي هئي انهن پاڙيسري جاگيردارن، پيرن، وڏيرن ۽ هم خيالن کان سواءِ ڌارين مغلن ميرن ۽ گاسليٽي مُلن کي صوفي شاهه عنايت جي پروگرام کان واقف ڪيو ته هو ڪهڙي نموني هڪ نئين گڏيل رياست قائم ڪيو ويٺو آهي. ۽ ڪمين ڪاسبين کي ان نظريي تحت ڀائيچاري جي تعليم ويٺو ڏي جنهن سبب سندس فڪر مان ماڻهو متاثر ٿي جهوڪ جي گڏيل اقتصادي نظام هيٺ جمع ٿيڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ماڻهن جي وڏي اڪثريت اسان کان باغي ٿي چڪي آهي. انهن سڀني قوتن گڏجي صوفي شاهه عنايت رح جي قوت ۽ نظرئي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿي مختلف سازشون سٽيون. پهرين مرڪزي حڪومت کي انهن جي سرڪوبي لاءِ اپيل ڪيائون پوءِ ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان ذريعي مرڪزي اميري وزيرن جا ڪن ڀريائون ۽ اهو تاثر ويهاريائون ته صوفي شاهه عنايت بادشاهه فرخ سير خلاف مڪمل بغاوت ڪري ڇڏي آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن هو مغل سلطنت خلاف جنگ جوٽي سنڌ آزاد ڪرائي پاڻ ان جو خودمختيار حڪمران بڻجڻ چاهي ٿو. افسوس جو انهيءَ دؤر ۾ مغل سلطنت زوال پذير هئي. اورنگزيب عالمگير 1118هه ۾ وفات ڪري ويو هو. پٺيان نا اهل شهزادن جو هڪ وڏو تعداد ڇڏي ويو. جيڪا درندگي وحشت ۽ عقوبت جي روايت تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ هن پيءُ کي قيد ڪري قائم ڪئي ۽ برادر ڪشي جو اهو دردناڪ لڱ ڪانڊاريندڙ دؤر هليو ۽ اها عظيم الشان سلطنت ٽڪر ٽڪر ٿي وئي. 1120هه ۾ بادشاهه فرخ سير تخت تي ويٺو سندس دؤر ۾ حالتون انتهائي خراب هيون مرڪزي حڪومت ڏينهون ڏينهن غير مستحڪم ٿيندي وئي ۽ اقتصادي حالتون ڊانواڊول هيون. شاهي خزانو خالي هيو بد انتظامي ڏڪار ۽ سڃائي وڌي وئي هئي، بادشاهه به ذهني مونجهاري جو شڪار ۽ ڪنن جو ڪچو هو بادشاهه جي انهن ڪمزورين جو مخالفن اعظم خان ۽ ٻين پورو پورو فائدو وٺندي صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ جنگ جوٽڻ جو پروانو حاصل ڪري ورتو. سڄي سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن ميرن، پيرن ۽ آس پاس جي وطن فروش غدارن، جتن، پليجن ۽ موقعي پرست دلالن جا ڪٽڪ صوبيدار اعظم خان جي ڪمان هيٺ ڪاهه ڪري جهوڪ مٿان ڪڙڪيا، شهر ۾ لٽ مار قتل غارتگري ڪندي اڳيان وڌيا. اهڙي وقت ۾ صوفي شاهه عنايت رح ۽ سندس ساٿين ڌرتي جي بقا ۽ پنهنجي ازم کي بچائڻ خاطر ميدان ۾ لهي آيا ۽ ڏاڍي دليري سان سينا تاڻي وڙهندا رهيا. سندن حوصلا ۽ جسم جوان هئا جن پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي لشڪر ۽ جنگي سازو سامان رکندڙن کي مات ڏني.

    جنگ ڪابه فيصلا ڪن راهه اختيار نه ڪئي ۽ مخالفن دوکي ۽ دغا ذريعي صوفي شاهه عنايت رح کي سندس سنڊو (هم زلف) کي قرآن شريف ۽ اڇا جهنڊا ( امن جي نشاني) ڏيئي صلح لاءِ موڪليو ۽ صوفي شاهه عنايت کي مذاڪرات لاءِ پنهنجي خيمي ۾ گهرايائون.

    صوفي شاهه عنايت رح جي دل ۾ ڪو به فتنو ۽ سازش نه هئي تنهن ڪري هو بنا ڪنهن ڊپ ۽ شڪ شبهي جي اعظم خان وٽ هليو ويو. اتي پهچندي ئي صوفي شاهه عنايت رح کي قيد ڪري زندان ۾ وڌو ويو ۽ ٻئي طرف جهوڪ شريف تي ڪڙو چاڙهي هارين نارين جا گهر گهاٽ جهوپڙيون ۽ صوفي شاهه عنايت جي حويلي ۽ ڪوٽ ساڙي پوري آبادي کي تهس نهس ڪري ڇڏيائون انهيءَ سفاڪانه قتل ۽ غارتگري بعد صوفي شاهه عنايت رح کي 16 صفر 1130هه بمطابق 8 جنوري 1718ع شام جو ٺٽي ۾ جلاد هٿان شهيد ڪرايو ويو.

    اهو ياد رکڻ گهرجي ته صوفي شاهه عنايت رح قتل ڪرائڻ لاءِ قرآن شريف جو استعمال ڪيو ويو ۽ جنهن شخص مير شهداد خان کي امن جو سفير بڻائي موڪليو اهو صوفي شاهه عنايت رح جو سنڊو (هم زلف) هو.

    مون پڪ سڃاتا ڪي پنهنجا به هئا-ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي- ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾

    صوفي شاهه عنايت رح جو نظريو امن اتحاد، ڀائيچاري ۽ خوشحالي هو هن پنهنجي گڏيل اقتصادي نظام تحت طبقاتي جبر ۽ ڦر لٽ جو خاتمو آڻي غربت زده ۽ مسڪين حال پورهيتن هارين جي حالت سنوارڻ ٿي چاهي هن چاهيو ٿي ته جيڪي هاري جاگيرداراڻي نظام هيٺ ظلم ۽ عتاب سهندي ڏڪار ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيو آهي اهو هن نئين نظام تحت خوشحالي ۽ عزت ڀري زندگي گذاري سگهي، غير متوازن معاشي نظام جو خاتمو اچي ۽ انسانن جسم روح ذهن ۽ فڪر آزاد ٿين ۽ سماجي براين ۽ اخلاقي ڌٻڻ مان نڪري شرافت جي عزت ڀري زندگي گذارين. جنهن جو درس اسان جي پياري نبي ڪريم صلعم ڏنو آهي. اهو نظريو ۽ پيغام خدا جي رسول ۽ دين اسلام جي تعليمات جو حصو هو پر افسوس جو پنهنجي ديس واسين به ڌارين جو ساٿ ڏيئي انهيءَ عظيم الشان نظام کي ختم ڪرايو، جنهن سبب سنڌ جون حالتون اڄ ڏينهن تائين سڌري نه سگهيون آهن. سنڌ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه کان هزارين سال پٺتي هٽي وئي جنهن سبب ڌارين هن کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ڪڏهن نادر شاهه ته ڪڏهن مدد خان پٺاڻ ڪاهه ڪري هتي جي زرخيزيت ۽ حسن کي تاراج ڪيو. اهو انهن بيگناهه مظلومن شهيدن جي لال لهو جو ڏن آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين ادا ڪندا پيا اچون.

    ڪي مرن ٿا مردن وانگر- ڪي جيئن ٿا مُردن وانگر
    سچ جو ڳاٽ اوچو رهندو- ڪارونجهر جي گردن وانگر
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: صوفي شاهه عنايت الله شهيد

    مائٽ جاني صوفي شآه عنايت جي شخصيت تي روشني وجهڻ جي تمام گهڻي مهرباني ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي اوهان جي ان ڪوشس کي جاري رکندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو