جي ايم سيد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ باغي شر طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2011۔

  1. باغي شر

    باغي شر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جنوري 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    نڌ ۾ سائين لفظ جو استعمال ڪنهن استاد يا ڪنهن معزز ماڻهو لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد کي سائين جو لقب ان ڪري مليو جو هن روايتي سيدن، وڏيرن ۽ جاگيردارن واري روين کان پاڻ کي بلڪل پاسيرو رکي سنڌ ۽ عالم انسان جي امن، آزاديءَ ۽ خوشحالي جي خواب جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙيو. سنڌ جي هن سچي عاشق جڏهن پاڪستان جي ٺهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي سنڌ کي ان جا جائز حقن نه ملڻ ڪري هن فيڊريشن کان ڌار ٿي هن ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جو راز فاش ڪري عوام کي آگاهه ڪيو ته هن تي غدار، تعصب پرست ۽ ڪافر جهڙا لقب ڏئي الزام لڳايا ويا.

    بي رحم تيز گذرندڙ وقت اڄ 58 سال اڳ سائين جي ايم سيد جي سنڌ ۽ ملڪ جي مظلوم قومن بابت ڪيل اڳڪٿين کي درست ثابت ڪيو آهي. ايتري قدر جو سيد جي سخت ترين مخالف وفاق پرستن به اڄ اهي حقيقتن واريون ٻوليون ڳالهائڻ شروع ڪيون آهن، ته پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب مظلوم قومن تي حاڪم آهي سنڌ ۽ ٻيا صوبا محڪوم آهن. سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ان جي حقن تي ڌاڙا لڳايا پيا وڃن. عوامي احتجاج ۽ اسيمبلين جي ٺهرائن باوجود هن وقت ڪالاباغ ڊيم جي نالي تي سنڌو درياهه تي قبضو ڪري سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي اُڃون مارڻ لاءِ منصوبا جوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. جيئن پنجاب چاهي ٿو تيئن پيو ٿئي، انگريزن جي دلالن ۽ پنجاب اسٽيبلشمينٽ مظلوم قومن کي ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي غلام بڻايو آهي. اهو شعور سائين جي ايم سيد ئي ڏنو جنهن 1940 جي ٺهراءُ تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ عوام کي آگاهه ڪندي منافق ۽ لٽيرن جي ٽولي کان پنهنجا رستا ڌار ڪيا. سنڌ لاءِ سيد جي جدوجهد هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي جنهن تي پڻ اسان کي فخر آهي.

    اها ٻي ڳالهه آهي ته سائين جي ايم سيد جو نظريو اڃان تائين سنڌ جي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ان جا پيروڪار مڪمل ڪامياب ناهن ٿيا پر سيد جيڪا شعور جي روشني واري چڻنگ ٻاري آهي، ان کي روشن رکڻ لاءِ روزانو ان جي فڪر کي سمجهڻ وارن ماڻهن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو جنهن ۾ رڪاوٽ اهي عنصر به آهن جيڪي سائين جي ايم سيد جو نالو استعمال ڪري بڇڙائي وارا ڪم ڪندا پيا اچن.

    ڪک پتي مان لک پتي بڻجندڙ ۽ قوم جو خير خواهه سڏرائيندڙ انهن قوم دشمن نام نهاد ليڊرن ۽ ڪجهه شر پسند ماڻهن جو سنڌ جو عوام هڪ ڏينهن ضرور گهيراءُ ڪندو ۽ پنهنجن، پراون، خير خواهن ۽ دشمنن جي پرک ڪندي جنهن ڏينهن رڳو سيد جا اهي چيل لفظ ته ”اسان غلام آهيون“ کي سمجهندو ان ڏينهن سنڌ جي حالت تبديل هوندي.

    سنڌ جي موجوده حالت بنائڻ ۾ جيترو ڪردار سامراج جو آهي ان کان وڌيڪ پنهنجن غدارن جو به آهي اڄ سائين جي سالگرهه جي خوشي واري ڏينهن تي جيڪڏهن اسان موجوده صورتحال تي نظر وجهنداسين ته پوءِ اسان جي سامهون حقيقتون ڪجهه واضع ٿي اينديون هن وقت حڪمرانن سنڌ جي سخت مخالفت باوجود ٿل ڪئنال جي اڏاوت شروع ڪرائي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تي زور ڏئي رهيا آهن ان ۾ سنڌ جا ڪيترائي غدار پنهنجي اقتدار، ڪوڙي چڱ مڙسي ۽ ڪرسي کي بچائڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪن ٿا جن ۾ شهيد سورهيه بادشاهه، ڪامريڊ عبدالحميد جتوئي جا پٽ سرفهرست نظر اچي رهيا آهن جن جي اهڙي منفي روين ۽ ڪردار تي پوري سنڌي قوم ۽ سنڌ جا سڄڻ حيرت زده ۽ ڪاوڙيل آهن جن جو رد عمل فطري هوندو.

    هن وقت سنڌ جي خير خواهن کي پنهنجن غدارن ۽ ٻين سنڌ دشمن عنصرن خلاف جنگ جوٽڻي آهي جنهن جنگ جي شروعات هن ملڪ جي حڪمرانن شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪجهه اهڙا شاطر دماغ به سرگرم آهن جيڪي قومپرستي توڙي سنڌ جي سڄڻائپ جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن جن ۾ متحده قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم ) سرگرم عمل آهي جنهن جي سياست جا بنياد بليڪ ميلنگ تي رهيا آهن. هنن جي ماضيءَ جو ريڪارڊ گواهه آهي ته هنن رڳو اقتدار ۽ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ حڪمرانن سان ٺاهه ڪندي اقتدار جي نشي خاطر سنڌ خلاف هر سازش ۾ ڀاڱيڀائيوار بڻيل رهندا پيا اچن. هينئر ڪالاباغ ڊيم ۽ بلوچستان ۾ آپريشن بابت حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو تازو چتاءُ ساڃاهه وند ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ان بابت ڪجهه اڳواڻ واضع ڪري چڪا آهن ته هنن کي سنڌ جي گورنري واري سيٽ جي مضبوطي ۽ سينٽ جي امڪاني چونڊن ۾ پنهنجي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ اهو ٽوپي ڊرامو ڪيو آهي جيتوڻيڪ هو عام اٻوجهه سنڌ جي ماڻهن کي وقتي طور بيوقوف بنائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن پر سنڌ جا باشعور ماڻهو سندن چالن کي سمجهن ٿا.

    تازو سنڌ جي قومپرست پارٽين پاران سنڌ قومي اتحاد جوڙڻ وارو عمل انتهائي وقتائتو ۽ سٺو عمل آهي پر ان ۾ ڪجهه ماڻهن جو ماضي ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ واري ڪردار پڻ شڪ شبها ۽ خدشا پيدا ٿيڻ جي گنجائش ڇڏي آهي خدا ڪري ائين نه ٿئي ته اهي ماڻهو اتحاد کي متاثر نه ڪن ۽ شامل ٿيلن جو سنڌ جي گڏيل مفاد پورو ڪرڻ وارو ايمان برقرار رهي ان حوالي سان فرنٽ اڳواڻ ممتاز ڀٽو بابت اتحاد جي ٺهڻ دوران اخبار ۾ مضمون جي شڪل ۾ خدشو ظاهر ٿيو هو ته هو حڪمرانن کي سنڌ جو پريشر گروپ اتحاد جي شڪل ۾ ڄاڻائي ٻيهر حڪمراني حاصل ڪرڻ خاطر عمل نه ڪري؟ اسان چاهيون ٿا ته خدا ڪري اهو به خدشو عملي شڪل اختيار نه ڪري.

    جيڪڏهن سنڌ جي قومپرست پارٽين جو اهو گڏيل سنڌ قومي اتحاد مضبوطي سان هلي طاقتور احتجاجي تحريڪ هلائي ته اهو سنڌ لاءِ هڪ بهتر واٽ ثابت ٿيندو، ڇو ته اها ڳالهه واضع ٿي چڪي آهي ته ڪا به هڪ پارٽي اڪيلي سر سنڌ لاءِ هن وقت ڪو خاص رد عمل يا طاقتور تحريڪ ان وقت تائين نه ٿي هلائي سگهي جيسيتائين سنڌ جي سمورين سنڌ دوست پارٽين ۽ تنظيمن کي گڏ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي شامل نه ٿو ڪيو وڃي.

    پاڪستان جي حڪمران خود 1940 جي ٺهراءَ تي عمل نه ڪندي خاص طور ٽن صوبن جا حق ڦٻائي عوام کي بک بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامني جا عذاب ڏئي ملڪ کي ٽوڙي چڪا آهن هنن لاءِ رڳو هڪ صوبو يعني پنجاب سڀ ڪجهه آهي.

    سڄي سنڌ هن وقت به سنڌ دشمن رٿائن خلاف سراپاءَ احتجاج بڻيل آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌ جا سمورا خير خواهه سنڌ دشمن سازشن ۽ عملن خلاف هڪ آواز بلند ڪري سنڌ جي دشمنن سان اکين ۾ اکيون ملائي سنڌ جي خودمختياري واري حيثيت جي بحالي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون جيئن سنڌ جي محسن سائين جي ايم سيد جو سنڌ جي آزادي، خوشحالي ۽ سنڌ کي ذريعو سمجهندي دنيا جي انسانن لاءِ عالمي امن، ڀائيچاريءَ ۽ ترقيءَ جون راهون هموار ڪرڻ وارو خواب پورو ٿي سگهي.
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: جي ايم سيد

    ادا باغي اوهان جي پهرين ۽ ٻي شيئرنگ تمام خوبصورت آهي سائين جي ايم سيد جي باري ۾ اسان سان معلومات شيئر ڪرڻ جي اوهان جي تمام گهڻي مهرباني ادا اوهان جي مزيد شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: جي ايم سيد

    ادا بهترين اسٽارٽنگ ڪئي اٿو ويل ڊن فورم جوائن ڪرڻ بهترين تحريرون شيئر ڪيون اٿو ۔توهان جي وڌيڪ لکڻين جو به انتظار رهندو۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جي ايم سيد

    واھ ادا باغي تمام بهترين ۽ انتهائي ڪارائتو ڪالم۔۔۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي ايم سيد

    محترم سائين باغي شر صاحب، لک ٿورا جو اوهان سنڌ جي ڏاهي مفڪر سائين جي ايم سيد تي تمام معلوماتي ۽ اکيون کوليندڙ مضمون ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جو اڱڻ آهي ئي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار لا، سنڌ سلامت جو اڱڻ آهي ئي سنڌين ۾ ايڪي جي سگهه کي سگهاري ڪرڻ لا، سنڌ سلامت آهي ئي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪرڻ واري جهد ۾ اڳ کان اڳرو ڪرڻ، سنڌ سلامت آهي ئي سنڌي ماروئڙن جي ڏکن سکن جي پچار ڪرڻ لا ۔۔۔۔ اچو ته اسين سڀ ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق رکندا هجون، پنهنجي قوم، ديس ۽ ٻولي جي خدمت ۾ پاڻ ملهايون ۽ سنڌي قوم کي دنيا جي آزاد ۽ خود مختيار قومن جي فهرست ۾ داخل ڪري مان مٿاهون ڪريون ۔۔۔۔

    تون ۽ مان گڏ ٿينداسون ته لفظ ٺهندو ”اسين” اچو ته اسين پنهنجو فرض نڀايون ۽ گڏجي هڪ مٺ ٿي پنهنجي آواز ۾ سگهه پئدا ڪريون ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو