سنڌ لاءِ جنم ( محترم سائين گي ايم سيد )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ لاءِ جنم ( محترم سائين گي ايم سيد )​

    ڊاڪٽر حسن لغاري

    17 جنوري سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن سنڌ واسين لاءِ ڪنهن عيد جي ڏينهن کان گهٽ نه آهي. هي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ جي آزادي عظمت ۽ خوشحالي جي ضامن سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن هجڻ ڪري انتهائي اهميت وارو ڏينهن آهي. ان ڪري نه جو هو هڪ سيد ذات هو يا درگاهه جو گادي نشين هو پر هي ڏينهن ان ڪري عظمت وارو آهي. جو هن پنهنجي ننڍپڻ کان جواني تائين ۽ جواني کان پيري تائين سڄي حياتي پنهنجا سڀ خواب سڀ توانائيون سنڌ جي ڀلي لاء صرف ڪري ڇڏيون. پنهنجي سيدي، پيري، مريدي ۽ وڏ ماڻهپائي سنڌ امڙ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائي ۽ وڏ ماڻهپائي خاطر قربان ڪري ڇڏي ۽ هو عجيب شخص هو جيڪو نه جهڪيو نه وڪاميو ۽ نه ئي ٿڪيو ۽ هو سنڌ لاءِ مسلسل جاکوڙيندي رهو هن سنڌ جي عشق اڳيان پنهنجي هر شي قربان ڪري ڇڏي.
    سائين جڏهن سنڌ جي دشمنن ۽ اونداهه جي ديوتائن کي للڪاريو ۽ اونداهه کان بغاوت ڪئي غلامي کان بغاوت ڪئي تڏهن اونداهه جا پوڄاري سائين جي دشمن ٿي پيا. مير پير وڏيرا ۽ جاگيردار سڀ سائين کان پاسيرا ٿي ويا، تنهن وقت سنڌ جا نوجوان ئي هئا جيڪي سائين جي ظلم ۽ غلامي جي اونڌائي رات ۾ آزادي جي ٻاريل شمع تي پتنگن جيان پلٽي پيا ۽ پوءِ انهن تي به سائين مٿان تهمتن جا تير وسايا ويا. زندانن تن جا دروازا کوليا ويا ٽارچر سيلن جون کوليون باهه وانگر ٻرڻ لڳيون ڦاسي گهاٽ سجايا ويا. ڦٽڪا ۽ ڪوڙا لڳڻ شروع ٿيا ۽ لڳي وري بند ٿي ويا. مقتل گاهن جا ميدان مچايا ويا پر سائين جا پيروڪار انهن مقتل گاهن ڏي به ڪاهي پيا. ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي آ رت ۾ خوشبو مينڌي جي ۽ جڏهن سنڌ جو اهو بهادر آواز شهيد مخدوم بلاول جي مزار جي اڱڻ تان شروع ٿي زندانن تائين پهتو سائين جي ايم سيد صرف 16 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي پهرئين تقرير ننڍي قد ۽ ننڍي عمر هئڻ ڪري ٽيبل تي چڙهي شهيد مخدوم بلاول شهيد جي مزار جي اڱڻ تي ڪئي ۽ سڄي سامراج کي للڪاريو ۽ پوءِ اهو سنڌ جو آواز قيد خانن اذيتن ۽ ڊگهين نظر بندين کان ٿيندو مقتل گاهن تائين پهتو پوءِ ان شخص موت سان اکيون اکين ۾ وجهي موت کي به ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڦاسي گهاٽ به لڏڻ لڳا. حڪمرانن جا ۽ جلادن جا هٿ به ڏڪڻ لڳا.
    مون ذات انوکي آندي آ،
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان
    ٿا تنهنجي ڀاري برڪ لڏن.
    تون هيڻون آن هٿيارن سان
    سائين کي ڪورٽ تي نه پئي گهرايو ويو جيتوڻيڪ سائين هر شنوائي تي ڪورٽ ۾ وڃڻ ۽ ڦاسي گهاٽن کي ڇهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. نيٺ هڪ ڀيري سائين ڪورٽ تي ڪاهي ويو ته جج ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ بجاءِ پوئين گيٽ کان ڀڄي ويو. اهو تاريخ جو منفرد مثال هو. تنهن تي ڪامريڊ غلام رسول سهتي آريسر کان پڇيو ته هي ڪهڙو شخص آهي.؟
    جيڪو موت ڏانهن وڌي ٿو ۽ مقتل گاهن ڏانهن وڌي ٿو ته:
    موت جوبه عشق هو ۽ زندگي ڇڏيو نٿي
    هو شخص ڀي ته ڇا هو جو عاشقي ڇڏيو نٿي
    سائين پنهنجي سڄي حياتي سنڌ امڙ لاءِ ارپي ڇڏي. هو 16 سالن جي ڪچي عمر ۾ به سنڌ جي دشمنن کي للڪاريندي نظر آيو ۽ جڏهن هوءَ ڦوهه جواني ۾ پهتو، ان عمر ۾ اڪثر نوجوان ڪنهن محبوبا جي زلفن جي ڇانوري جي تلاش ۾ هوندا آهن، پر تنهن عمر ۾ به سائين راتين جو جاڳي گاسليٽ جي بتي جي نمي روشني ۾ سنڌ جي مستقبل سنوارڻ ۽ ڀلي لاءِ ڪتاب لکندو رهيو ۽ اُهي پنهنجي خرچ سان ڇپائي لکندو رهيو ۽ اُهي پنهنجي خرچ سان ڇپائي ماڻهن ۾ ورهائيندو رهيو ۽ اڄ به سائين جي صحيح سان اهي ڪتاب موجود آهن. سائين جي عشق جو مرڪز سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي ۽ هُن جي ذهن ۾ وسڪاري کان پوءِ مٽي مان ايندڙ خوشبو جي هٻڪار هئي ۽ هن جون سوچون سنڌو جي ميرانجهڙي پاڻي جي ڇولين جيان سنڌ لاءِ ڇلڪنديون رهيون ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي خوابن ۽ جذبن لاءِ ڪنهن ڪجلن نيڻن جي ڇانوري ۾ پناهه نه ڳولي ۽ اهي جذبا ڀڙڪي هڪ شعلي جو روپ اختيار ڪري ويا ۽ اُهو سنڌ جي سلامتي جو به شعلو هو، جنهن لاءِ جناح صاحب به چوندو هو ته جي ايم سيد هڪ شعلو آهي ۽ پوءِ جڏهن وقت سندس وارن ۾ چاندي جون تيارون ويڙهي ڇڏيون، تڏهن به سائين سنڌ جي دشمنن لاءِ شعلي وانگر رهيو. ڪنهن سياستدان جي ڪاميابي ۽ عظمت صرف اليڪشن کٽڻ ۾ ناهي بلڪه پنهنجي نظريي ۽ پروگرام تي ثابت رهڻ تي آهي، ٺيڪ آهي مڃون ٿا ته سائين کي سندس حياتي ۾ سنڌي ماڻهن ايڏي موٽ نه ڏني، جيڪا ڏيڻ گهرجي ها، پر اڄ سائين جي فڪر، سوچ ۽ نظريي جو صحيح هئڻ ۽ سنڌ سان سائين جي لاقانوني عشق کان ڪو انڪار ڪندو؟ مولانا ابوالڪلام چوندو هو ته ماڻهن کي ڇڏيو، ماڻهو چاهين ته سامري جي گابي کي به پوڄين ۽ ماڻهو چاهين ته مسيح کي به ڦاسي تي لٽڪائي تاڙيون وڄائين ۽ خوش ٿين. اصل ڳالهه ته نظريي ۽ پروگرام جو صحيح هجڻ ۽ ان تي قائم رهڻ تي آهي. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ اڪثر نظريا ۽ فڪر وسامي ويندا آهن، پر سائين جو ڏنل فڪر ۽ نظريو وقت سان گڏ اڳئين کان وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو ٿيندو پيو وڃي ۽ اڄ سائين جو نظريو سنڌ جون سرحدون ڪراس ڪري ايشيا کان ٿيندو يورپ تائين پهچي چڪو آهي ۽ دنيا جون سياسي حالتون سائين جي فڪر ۽ نظريي جي حق ۾ ٿي چڪيون آهن. دنيا اڄ جنهن مذهبي انتهاپسندي جو شڪار آهي، سائين گهڻو اڳ ان مذهبي انتهاپسندي کان هوشيار ڪري ويو هو. سائين گهڻو اڳ ان انتهاپسندي کي تڏي عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو واضح پيغام ڏيئي ويو هو ۽ اڄ به قوم پرست توڙي وفاق پرست سڀ پارٽيون جڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪن ٿيون ته اها سائين جي ڏنل فڪر ۽ نظريي جي چؤگرد ڦري ٿي. مثال طور سائين چيو ته سنڌ جا حق پنجاب غضب پيو ڪري ۽ سنڌ جي هٿ (ناڻو) وفاق جي نالي تي پنجاب کڻي رهيو آهي ۽ اڄ سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ سڀ ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ جو ناڻو وفاق جي نالي تي پنجاب کڻي رهيو آهي ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٿيندڙ زيادتيون اسان جي سامهون آهن، اها ڳالهه سائين اسان کي گهڻا ڏينهن اڳ سمجهائي ويو هو.
    اسان مخلص ڌرتي کي پوڄيندا رهياسين
    ۽ ماڻهو وطن وڪڻي به محبتي سڏائيندا رهيا.
    مولانا ابوالڪلام آزاد لکي ٿو ته ايشيا ۾ منصف جو قلم ۽ سپاهي جي تلوار گڏجي محب وطن ۽ خدا جي طرفدارن جو خون ڪيو ۽ ان تي مذهب جي مقدس چادر وڌي ويئي آهي ۽ تاريخ ۾ اڪثر ايئن ٿيندو آيو آهي ته حق ۽ سچ جي دعوت ڏيندڙن ۽ انڌيرن کان بغاوت ڪندڙن تي هميشه سختيون ڪيون ويون آهن ۽ تهمتون لڳنديون رهيون آهن. حضرت موسيٰ عه کان مارڪس تائين ۽ حضرت محمد صه کان حسين رضه تائين مخدوم شهيد بلاول کان سائين جي ايم سيد تائين سڀني تي الزامن جا تير وسايا ويا ۽ سندن راهن تي ڪنڊا وڇايا ويا. سائين تي به الزامن جون بارشون رهيون، عقوبتن ۽ ڊگهين نظر بندين جو سلسلو هلندو رهيو، پر اهي سڀ سختيون سيد کي سنڌ جي عشق تان هٿ کڻائڻ ته پري جي ڳالهه ٿي، پر ويتر سائين جو عشق پُختو ۽ مضبوط ٿيندو ويو.
    1953ع ۾ عبدالستار پيرزادو وزيراعليٰ هو، ان وقت سيد پنهنجي سياسي ۽ عوامي طاقت جي آڌار تي سنڌ اسيمبلي کان جيڪي ڪم ڪرايا، انهن تي هڪ نظر:
    سنڌ جُدا قوم هجڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو.
    ڪراچي کي وري سنڌ سان ملائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو.
    سنڌي ٻولي کي سنڌ جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي بنائڻ لاءِ قرارداد پيش ڪئي.
    نئين گاج، نئين ٻارڻ، نئين سن ۽ ٿر ۽ ڪوهستان جي ٻين نئين تي بند ٻڌي پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ 32 ڪروڙ رپيا منظور ڪرايا.
    ڪوٽڙي کان انڊس هاءِ وي جو رستو منظور ڪرائي سروي جو ڪم شروع ڪرايو ۽ ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي جي قيام جي اسڪيم، ڪراچي ۾ ريڊيو اسٽيشن کولرائڻ جي ڪوشش ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جو بنياد وجهرايو.
    1970ع جي چونڊن ۾ شڪست ملڻ کان پوءِ ڪجهه شاگرد روئيندي سيد وٽ وڃن ٿا ۽ چون ٿا ته سائين جنهن قوم اوهان کي نه سڃاتو، تنهن کي ڇڏي ڏيو. سيد جو جواب هو قوم مون کي ناهي سڃاتو، پر مون قوم کي سڃاتو آهي. منهنجو ساڻن ناتو الستي آهي، فتح ۽ شڪست کان بالاتر آهي هو ڪيڏو نه عظيم شخص هو. هن سنڌي ماڻهن کي ذات پرستي جي پنجوڙ مان ڪڍي هڪ قوم ڪيو ۽ اها ڳالهه سمجهائي ته توهان ٻروچ يا سماٽ نه آهيو، بلڪه توهان سڀ سنڌي آهيو ۽ هڪ قوم آهيو، مان پنهنجي آرٽيڪل کي آريسر جي انهن لفظن ۾ سميٽيان ٿو ته:
    هو ايڏو ئي پيار ڪندڙ هو، جهڙي ماضي ۾ سنڌ هئي، هو ڪائنات کان وڏو هو، پر ماڻهن ۾ هو پاڻ کي ننڍو ڪري پيش ڪندو هو. هو سڀ ڪجهه هو ۽ ان پنهنجي ان حيثيت کان ڪوبه فائدو نه ورتو، پر بي سرو ساماني جي حالت ۾ هليو ويو ۽ ايندڙ سنڌ يقينن جي ايم سيد جي خوابن خيالن ۽ سمنڊ جهڙين گهرين اسڪيمن تي مشتمل هوندي.
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ لاءِ جنم ( محترم سائين گي ايم سيد )

    جي.ايم سيد جو فڪر ۽ اڄوڪو پاڪستان​


    عبدالخالق جوڻيجو
    جي.ايم سيد بنا شڪ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪراري شخص هئو. ۽ بيشڪ دنيا جا سڀ وڏا ماڻهو، غير معمولي شخص متنازعه رهيا آهن. ۽ اُهي ان ڪري تڪراري هوندا آهن ته اهي نوان خيال کڻي ايندا آهن، اهڙا خيال جيڪي ان وقت جي مروجه روايتن ۽ تصورن جي خلاف هوندا آهن ۽ اهڙا خيال جيڪي واسطيدار رياست جي نظرين ۽ قانونن کي چئلينج ڪندڙ هوندا آهن، پر اڳتي هلي وقت ۽ حالتون انهن خيالن کي سچو ثابت ڪندا آهن. ۽ ان ڪري ئي اهي ڪالهه جا تڪراري شخص صبحاڻي جا عظيم انسان تسليم ٿيندا آهن، پوءِ اُهي مفڪر ۽ دانشور هجن، سياسي ۽ انقلابي اڳواڻ هجن يا سائنسدان هجن.
    63 سالن کان سنڌ پاڪستان ۾ شامل آهي. اهو سمورو عرصو پاڪستان جي رياست بحرانن جو شڪار رهي آهي ته ٻئي طرف سنڌي قوم اندروني طور ڀڃ ڊاهه، مصيبتن ۽ مايوسين ۾ گهيريل رهي آهي ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي. پاڪستاني رياست جا مهندار لڳاتار اهو چوندا ٿا رهن ته ”ملڪ جي وجود کي سنگين خطرا آهن“ ۽ ”اسان ملڪ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.“ جڏهن ته سنڌي قوم جا ’خيرخواهه‘ اهي دانهون ڪندا ٿا رهن ته “سنڌي سماج تنزليءَ طرف وڃي رهيو آهي“، ”سنڌي قوم بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي“ ۽ ”سياسي پارٽين سنڌي قوم کي مايوس ڪيو آهي.“ وغيره
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سائين جي.ايم سيد 48 سال جيئرو رهيو. ان عرصي جو اڌ يعني 24 سال هن سنڌي سماج کي سڌارڻ سان گڏ پاڪستاني رياست کي درست رستي تي هلائڻ جي ڪوشش ۾ صرف ڪيو. جڏهن ته ٻيا 24 سال، پاڪستان جي سڌاري جي امڪان کان مايوس ٿي، سنڌي جا قومي آزادي، ترقي ۽ خوشحالي (۽ عالمي امن ۽ انسانذات جي ترقيءَ) لاءَ جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ گذاريا. ان عرصي دوران هِن اهڙا خيال پيش ڪيا، اهڙي سوچ ڏني ۽ اهڙن مقصدن خاطر جدوجهد ڪئي جيڪي هن خطي جي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي نجات، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ته انتهائي ڪارگر هئا پر هڪ طرف اهي پاڪستان جي رياستي پاليسين لاءِ چئلينج پيش ڪري رهيا هئا ته ٻي پاسي سنڌي سماج کي جهنجهوڙي رهيا هئا. نتيجي ۾ پاڪستان جا حڪمران (ظاهري ۽ لڪيل) سندس سخت مخالف (بلڪل ايئن چئجي ته دشمن) رهيا ڇاڪاڻ ته انهن ’سيد‘ جي فڪر ۽ جدوجهد کي پنهنجي استعماري ۽ استحصالي مقصدن لاءِ خطرو ٿي سمجهيو. ۽ حقيقت اها آهي ته بنگال کي ڇڏي باقي پاڪستان ۾ جي.ايم سيد ئي رياستي اسٽبلشمينٽ ۽ ان جي قبضي گيري، تفريق، ڦرلٽ ۽ جنگي جنون وارين پاليسين لاءِ سڀ کان وڏو خطرو هو. اهو ئي سبب هو ته محمد علي جناح کان وٺي بينظير ڀٽو جي ٻئي دورِ حڪومت تائين (جيسيتائين ’سيد‘ زنده هو) سمورا حڪمران جي.ايم سيد کي جيل ۽ نظربندي ۾ رکندا آيا جڏهن ته رياستي ادارا ۽ انهن جا ساٿاري ۽ پگهاردار مُلا ۽ ’دانشور‘ ليکڪ هِن کي غدار، ملڪ دشمن، ڪافر ۽ عوام دشمن جهڙا لقب ڏئي سندس ڪردار ڪشي ڪندا رهيا. ان عرصي دوران پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جا مختلف حصا ۽ اسلام، پاڪستان جي نالي تي ڪمائي ڪندڙ مختلف گروه مختلف وقتن تي هڪ ٻي سان ته وڙهندا ۽ ٺهندا رهيا پر ’سيد‘ جي خلاف سڀئي هم خيال ۽ متحد هئا. ’جمهوريت جا چيمپئن‘ فوجي آمرن سان، ’سوشلسٽ‘ مُلن سان ’ترقي پسند‘ رجعت پرستن سان ته گڏ بيهندا هئا پر ’سيد‘ کي سوڙهو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اهي سڀئي هڪ ٻي سان ساٿاري ۽ مددگار هوندا هئا ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي هِن ٺڳي، ڦرلٽ ۽ جنگ و جدل تي ٻڌل ڪاڪ محل مان فائدو وٺندڙ ۽ ان جا محافظ هئا. جڏهن ته جي.ايم سيد ان جا بيناد لوڏيندڙُ. ان ئي پسِ منظر پروفيسر ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته ”پاڪستان جي رياست جي.ايم سيد جي خلاف سدائين ان ڪري رهي ته ’سيد‘ ايڏو وڏو ماڻهو هو جو تنگ نظر رياست ان کي پاڻ ۾ سمائي نه پئي سگهي.“
    سائين جي.ايم سيد کي وفات ڪئي 15 سال ٿي ويا آهن. اهي 15 سال 48 سالن سان جوڙ ڪجن ٿا ته پاڪستان جي عمر 63 سال بڻجي ٿي. ان عرصي دوران پاڪستان ۾مختلف طرحن جا، مختلف پسمنظرن جا ۽ مختلف پروگرامن جا حڪمران رهيا؛ انهن ۾ ’پاڪستان جا باني‘ به هئا ته ’ملڪ کي بچائيندڙ‘ به هئا، فوجي جنرل به هئا ته ’عوامي نمائندا‘ به هئا، ڊڪٽيٽر به هئا ته ’جمهوريت جا چيمپئن‘ به هئا، مرد به هئا ته عورتون به هيون، آڪسفورڊ جا پڙهيل ’روشن خيال‘ به هئا ته خارجه پاليسيءَ جا ’ماهر‘ به هئا. انهن سڀني ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪه هئي؛ اهي سڀ جي.ايم سيد جا مخالف هئا. اهي سڀ سيد کي پاڪستان دشمن، اسلام دشمن، عوام دشمن ۽ جهموريت دشمن چوندا رهيا ۽ پاڻ کي پاڪستان جو محافظ، اسلام جو شيدائي، عوام جو خيرخواه ۽ جمهوريت جو چيمپئن سڏرائيندا رهيا. اهو ئي سبب هو ته پاڪستان جي پهرئين ڏينهن کان وٺي پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين، محمد علي جناح کان وٺي بينظير ڀٽو تائين سڀني حڪمرانن جي دور ۾ ’سيد‘ قيد ۾ رهيو جيڪو عرصو ملائي ڪري 29 سال ٿئي ٿو يعني سندس پاڪستان ۾ گذاريل زندگيءَ جو 60 سيڪڙو. ايتري تائين جو 1995ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو جي ٻئي دورِ حڪومت ۾ سيد جناح اسپتال ۾ وفات ڪئي ته ان وقت به حڪومت جا بندوق باز سندس ڪمري کي ڪڙو چاڙهيو بيٺا هئا.
    63 سال چڱو خاصو عرصو آهي. سراسري بنياد تي ٻن نسلن جو عرصو گذري چڪو ٽئين جو جاري آهي. اڄ پاڪستان جي رياست ڪهڙي حال ۾ آهي، سماج جي ڪهڙي صورتحال آهي مجموعي طرح ۽ انفرادي طور ماڻهو ڪهڙين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اسلام جي نالي تي هلندڙ، مسلمانن جي اڪثريت واري ملڪ ۾ مسلمانن جو ڇا حال آهي، وقت اچي ويو آهي ته ان جو جائزو وٺجي. ملڪ کي هلائڻ جي پاليسين ۽ طور طريقن بابت جي.ايم سيد جي چيل ڳالهين ۽ ڏسيل واٽن کي هڪ پاسي رکي ۽ حڪمرانن جي اختيار ڪيل طريقن کي ٻئي پاسي ڏانهن آڏو رکي، آيل نتيجن جي بنياد تي صورتحال جو تجزيو ڪجي.
    سڀ کان پهرين ۽ اهم ڳالهه جيڪا سيد نئين وجود ۾ ايندڙ پاڪستاني رياست جي باري ۾ چئي سان اها هئي ته پاڪستان هڪ قوم نه پر گهڻين قومن جو ملڪ آهي جن ۾ تاريخ، زبان ۽ ڪلچر جي حوالي سان تمام گهڻو فرق آهي. اهي صرف ان صورت ۾ گڏ رهي سگهن ٿيون ته انهن جي جداگانه قومي سڃاڻپ کي تسليم ڪيو وڃي، انهن جي حيثيت، عزت ۽ اهميت کي برابر مڃيو وڃي ۽ ملڪ کي انهن جي گڏيل راءِ سان هلايو وڃي. ٻئي طرف الف کان ي تائين سمورن حڪمرانن جي.ايم سيد سميت (پنجاب کانسواءِ) سڀني قومن جي اڳواڻن (شيخ مجيب الرحمان، خان عبدالغفار خان، عبدالصمد خان اچڪزئي، مير غوث بخش بزنجو ۽ عطا الله مينگل) کي غدار ۽ ڀارت ۽ روس جو ايجنٽ قرار ڏنو ۽ ملڪ کي وحداني طريقي سان ڏنڊي جي زور تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجا تاريخي قومي حق گهرڻ جي بدلي ۾ واري واري سان سڀني قومن خلاف فوجي ڪارروايون ڪيون ويون. ايتري تائين جو ملڪ جي اڪثريتي قوم بنگالين تي فوجي چڙهائي ڪري چيو ويو ته ”خدا جو شڪر آهي ته پاڪستان بچي ويو“. نتيجو ڇا ٿيو؟ صرف 25 سالن جي عرصي ۾ ’مسلمانن جو سڀ کان وڏو ملڪ‘ ٻه حصا ٿي ويو. ان ڇڪتاڻ دوران جي.ايم سيد بنگالين سان گڏ هئو. پر انهن جي الڳ ٿي وڃڻ کان پوءِ باقي رهيل ’نئين پاڪستان‘ جي حڪمرانن ڏانهن سيد تعاون جو هٿ وڌايو ۽ ماضيءَ مان سبق سکندي ’نئين پاڪستان‘ کي نئين طريقي سان هلائڻ جي صورت ۾ غير مشروط حمايت جي آڇ ڪئي. پر عوام جي نالي تي سياست ڪندڙ انهن ليڊرن به ملڪ کي ساڳي پراڻي طريقي سان بندوق جي زور تي هلائڻ جو طريقو اختيار ڪيو ۽ بندوق جي زور هيٺ هڪ پاڪستاني قوم کي نه مڃيندڙ سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن جا قومي اڳواڻ اهو سڄو عرصو (1977-1972) قيد ۾ رهيا. ان کانپوءِ به ليڊر ته بدليا آهن پر طريقه حڪمراني ناهي بدليو ۽ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي صورتحال اڄ تائين هلندي پئي اچي. نتيجو.......... وڌيڪ ٽڪراءَ، نفرت، فوجي چڙهايون ۽ ويڙه. جنهن جو وڌيڪ نتيجو اهو آهي ته پنجاب ۽ ٻين قومن جي وچ ۾ سمورا ذهني تعلق ختم ٿي چڪا آهن، صرف ڏنڊي جي زور تي انهن کي گڏ رکيو پيو وڃي ۽ ٻيون قومون (سنڌي، بلوچ، پختون، سرائڪي) پاڻ کي پنجاب جي ڪالوني ٿيون سمجهن جڏهن ته دنيا وارا جِن ۾ پاڪستان جا دوست به شامل آهن، بحيثيت رياست ان جي مستقبل تي وڏو سواليه نشان لڳايو ويٺا آهن.
    ٻيو نهايت اهم معاملو جيڪو پهرئين ڏينهن کان هِن ملڪ ۾ تڪراري رهيو آهيو ۽ جنهن لاءِ خود حڪمرانن جو چوڻ آهي ته ان سان ملڪ شديد ترين بحران ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان جا عالمي همدرد چون ٿا ته ان جي ڪري پاڪستان جي رياستي حيثِت کي خطرو آهي، اهو آهي مذهب جي رياست سان تعلق جو مسئلو. ان مسئلي بابت جي.ايم سيد ۽ پاڪستان جي حڪمرانن (بغير فرق جي) جا رويا ۽ پاليسيون هڪ ٻئي جي متضاد رهيون آهن. اڄ مختلف مذهبن ۽ هڪ مذهب اسلام جي مختلف فِرقن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۽ ماراماري ۽ ان جي نتيجي ۾ سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن جي قتلن کانپوءِ ميڊيا ۾ جنهن قسم جو بحث هلي رهيو آهي ان سيد جي سوچن جي اهميت کي اڳي کان به وڌيڪ واضح ۽ زورائتو بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستاني سوسائٽيءَ ۾ موجود ٿورا روشن خيال ماڻهو اڄ جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن جي.ايم سيد انهن جي نشاندهي 50-60 سال اڳ ۾ ڪئي هئي.
    سائين جي.ايم سيد پهرئين ڏينهن کان چيو ۽ مسلسل چوندو رهيو، تحرير ۽ تقرير ذريعي ملڪي ۽ بين الاقوامي فورمن تي، ته مذهب کي رياستي معاملن کان عليحده رکيو وڃي جڏهن ته رياستي ادارن جي آشيرواد سان مذهبي ڌريون اها مهم هلائي رهيون هيون ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ قوم آهن ۽ پاڪستان کي اسلام جو قلعو بنائڻ کانپوءِ سڄي دنيا تي مسلمانن جي حڪمراني قائم ڪبي. اهڙي طرح ’مسلم دنيا‘ جو هڪڙو عجيب و غريب اصطلاح استعمال ۾ آندو ويو. ڪٿي به اسان کي عيسائي، دنيا، يهودي دنيا، يا هندو دنيا جا اصطلاح ٻڌڻ ۾ نه ايندا. پئن-اسلام ازم جي اهڙي سوچ ۽ اهڙي تحريڪ ۾ لڪل خطرن جو اڳواٽ ادراڪ ڪندي سيد گهڻو اڳي پاڪستان جي حڪمرانن ۽ سياسي ليڊرن ۽ پڻ عالمي طاقتن کي انهن جي امڪاني نتيجن کان خبردار ڪيو هو. اُهي امڪاني نتيجا اِهي هئا جن کي اڄ دنيا جا اڪثر ملڪ ۽ خاص ڪري پاڪستان منهن ڏيئي رهيو آهي. اهڙيون دور انديشيءَ واريون ۽ سماج جي ڀلائيءَ واريون ڳالهيون ڪرڻ تي مذهبي مهندار ته سيد جا مخالف هئا ئي هئا پر لبرل ۽ ’روشن خيال‘ سياستدان/حڪمران به پنهنجي ڪوتاهه نظري ۽ وقتي ۽ خسيس اقتداري مفادن جي ڪري مٿس ڏمريل هوندا هئا. ’لبرل‘ ڊڪٽيٽر ايوب خان هجي يا ’بنياد پرست‘ جنرل ضياءُ الحق هجي، سڀني جو سيد جي باري ۾ سندس سيڪيولر سوچ جي باري ۾ رويو ساڳيو هئو. اهي سبب هئو ته ايوب خان جي اقتدار جي 10 سالن مان 8 سال جڏهن ته جنرل ضياءَ جي 11 سالن مان اٽڪل 9 سال سيد قيد ۾ رهيو. وري آڪسفورڊ جي پڙهيل ۽ سوشلزم جون ڳالهيون ڪندڙ ’سويلين‘ ۽ ’عوامي‘ حڪمران ذوالفقار علي ڀٽو به ان ڏس ۾ ڪنهن کان پوئتي نه هئو. ان جي پنهنجي اقتدار کي وڌائڻ خاطر مذهب کي خوب استعمال ڪيو. ۽ عوام جو مقبول اڳواڻ هئڻ ڪري. هن جي اهڙي ڪردار سبب پاڪستاني رياست سان گڏوگڏ معاشري ۾ به مذهبي رجحانن کي وڌيڪ هٿي ملي. پنهنجي اقتدار کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ مولوين کي خوش ڪرڻ خاطر هِن اهڙا قانون ٺاهيا ۽ اهڙا عمل ڪيا جن جي بنياد تي اڳتي هلي بنياد پرستيءَ جون اهي تحريڪون هليون جن کي اڄ پاڪستان سان گڏ سڄي دنيا منهن ڏئي رهي آهي ۽ جنهن جي نشاندهي جي.ايم سيد ڪندو رهندو هو. پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي پنجن منجهان ساڍا چار سال سيد قيد ۾ رهيو. نه رڳو جي.ايم سيد پر سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواه جا سيڪيولر ۽ رواداريءَ واري سوچ رکندڙ اڳواڻ (جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، ايئر مارشل اصغر خان، مير غوث بخش بزنجو، سردار، عطاالله مينگل ۽ نواب خير بخش مري) سڄي ملڪ جا ترقي پسند ۽ روشن خيال سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب، شاعر، صحافي ۽ دانشور يا ته جيلن ۾ هوندا هئا يا جلاوطن يا وري انڊر گرائونڊ. ان ئي صورتحال تي ترقي پسند ۽ انقلابي شاعر حبيب جالب پنهنجو مشهور شعر چيو ته ”لاڙڪاني چلو ورنه ٿاني چلو“. ان ئي عرصي دوران جناب ڀٽو مذهبي ۽ قدامت پسند تنطيمن ۽ اڳواڻن کي راضي ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو. نه رڳو انهن جي مرضيءَ جا قانون ٺاهيائين پر انهن کي ’پرچائڻ‘ لاءِ ذاتي طور انهن جي گهر به هلي ويو. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته اڄ جيڪا مذهبي انتهاپسنديءَ جي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي آهي ان لاءِ ميدان هموار لياقت علي خان قراردادِ مقاصد جي ذريعي ڪيو، ان تي بنياد ذوالفقار علي ڀٽي وڌا ۽ انهن بنيادن تي هڪ ’شاندار‘ عمارت ضياءُ الحق تعمير ڪئي.
    جنرل ضيا پنهنجي ناجائز اقتدار کي جائز بنائڻ لاءِ ۽ اينگهائڻ خاطر هن جيڪو مذهب جو استعمال ڪيو ان بابت ڪنهن تفصيل ۾ وڃڻ جي ته ضرورت ئي ڪانهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڌڪن جا شاهد ڦٽ هوندا آهن“. هُن ۽ هُن جي ’رفقا‘ مذهب جي تلوار سان پاڪستاني سماج جي جيڪا چيرڦاڙ ڪئي ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل زخمن مان اڃان خون وهي رهيو آهي. روايتي سياسي پارٽِن تي بندشون وجهي هن ملڪ اندر جيڪي عوام جي پئسي سان مدرسن جا ڄار وڇايا ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ ’مجاهدن‘ ذريعي مداخلت ڪئي ان جو منطقي نتيجو اڄ اهو آهي ته مسلمانن جي 95 سيڪڙو اڪثريت واري ملڪ ۾ مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن اندر انسانن جي رت جون نديون وهي رهيون آهن جنهنجو غير مسلم ۽ غيرملڪي حاڪمن جي وقت ۾ تصور به ڪو نه هئو.
    جنرل ضيا جي آمرانه، جابرانه، تشددانه ۽ فرقيوارانه حڪومت جي خلاف پاڪستان جي روش خيال، امن پسند ۽ جمهوريت پسند ماڻهن وڏي جدوجهد ڪئي ۽ زبردست قربانيون ڏنيون. ۽ جنرل جي موت کانپوءِ 1988ع ۾ ٿيندڙ چونڊون ان بنياد تي هڪ قسم جو ريفرنڊم هئو. ان ۾ ماڻهن مذهبي تفريق ۽ تشدد تي ٻڌل پاليسين کي رد ڪندي انهن سياسي پارٽين کي چونڊون جيڪي سيڪيلور چهرو رکندڙ هيو (مولانا فضل الرحمان جي چند سيٽن کانسواءِ ڪا به مذهبي جماعت ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي). پر افسوس ته ان اليڪشن ۾ ۽ ان کانپوءِ وارين اليڪشنن ۾ چونڊجندڙ حڪومتن اهو ساڳيو ئي جنرل ضيا وارو نظام جاري رکيو. انهن ان آمرانه حڪومت جي ٺاهيل هڪ به قانون کي تبديل نه ڪيو. اهم معاملن ۾ ساڳيون ئي پراڻيون پاليسيون جاري رکيون ويو. بلڪه ڪن حالتن ۾ ته انهن ۾ واڌارو ٿيو، جيئن محترمه بينظير ڀٽو جي پهرئين حڪومت دوران اسلام آباد ۾ افغانستان ۾ آمريڪا جي چوڻ تي اسلام جي نالي ۾ وڙهندڙ ’مجاهدين‘ جي جلاوطن حڪومت قائم ٿي جڏهن ته سندس ٻئي دورِ حڪومت ۾ طالبان کي تيار ڪيو ويو. اهڙي طرح مذهبي بنيادپرستي وڌندي ويئي جنهنجو نشانو خود محترمه به بڻجي ويئي ۽ لبرل سياستدانن ۽ روادار مذهبي عالمن جي قتل جي صورت ۾ سلسلو جاري آهي.
    هاڻي پاڪستاني رياست ۽ معاشرو جنهن مذهبي انتهاپسنديءَ جي لپيٽ ۾ آهي ان جي پسمنظر ۾ هڪ طرف حڪمرانن جو رياستي پاليسين کي مذهبي رنگ ڏيڻ آهي ته ٻئي طرف جي.ايم سيد جو سيڪيولرازم، رواداري ۽ برابريءَ تي ٻڌل فڪر ۽ رياست کي مذهبي بنائڻ ۾ لڪل خطرن بابت سندس خدشا ۽ اڳڪٿيون آهن. هونءَ ته سيد انهن معاملن بابت تمام گهڻو لکيو ۽ ڳالهايو پر 1952ع ۾ آسٽريا جي شهر ويانا ۾ ٿيندڙ عالمي امن ڪانفرنس ۾ ڪيل سندس تقرير دورانديشيءَ جو هڪ شاهڪار آهي جنهن مان اقتباس مثال طور پيش ڪجن ٿا.
    سياست ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جي وڌندڙ رجحانن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي هن چيو ته ان سوچ جي بالادستيءَ جي صورت ۾ ” مذهبي معاملن ۾ مختلف خيال رکندڙماڻهن کي قتل ڪيو ويندو“. مذهبي انتهاپسندن جي حڪومت ۾ ”جمهوريت ۽ اظهار جي اظهار جي آزاديءَ جي ڪا گنجائش نه هوندي ۽ مذهب بابت سندن تشريح مطابق دولت جي غير مساوي ورهاست ۽ طبقاتي تفريق جائز هونديون.“ مستقبل تي نظر وجهندي هن چيو ته ”اڃا تائين حڪومتي مهندارن انهن مذهبي گروپن جا مطالبا نه مڃيا آهن پر خدشو آهي ته پئن-اسلام ازم ۽ متحده وچ اوڀر جي مطالبن سان ۽ قرار دادِ مقاصد جي پاس ٿيڻ سان رجعت پسند پروپئگنڊا جو زور وڌندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي نام نهاد مذهبي گروه حڪمرانن کي ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ۽ حڪمران انهن جي نظرين ۽ مطالبن جي آڏو جهڪي پون.“
    سيد ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ اهڙي صف بنديءَ ۾ اقتداري سياست ڪندڙ پارٽيون ته انهن سان گڏ رهيون ئي آهن پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته چند کي ڇڏي باقي ’روشن خيال ۽ ترقي پسند‘ سياستدان، ليکڪ صحافي ۽ دانشور به سيد جا مخالف ۽ حڪمرانن کي ويجها رهيا آهن. اڄ مذهبي انتهاپسنديءَ جي حوالي سان پئدا ٿيل صورتحال جي پس منظر ۾ ڏسجي ۽ فيصلو ڪجي ته صحِح ڪير هئو غلط ڪير ۽ ڪنهن جون سوچون ۽ پاليسيون عوام دوست ۽ جمهوريت دوست هيون ۽ ڪنهنجون ان جي ابتڙ. اڄ 2011ع ۾ ان سوال جو جواب ڳولهڻ ڪو ڏکيو به ڪونهي. هر شيءَ پڌري پٽ پئي آهي جيئن چوندا آهن ته هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ جي ڪهڙي ضرورت‘.
    نه رڳو پاڪستاني حڪمران پر عالمي سامراجي طاقتون به پنهنجي وقتي مفادن خاطر پاڪستان ۽ ٻين مسلم ملڪن ۾ مذهبي ڌرين جي حمايت ڪنديون رهيون آهن. انهن جي باري ۾ سيد ان ساڳي امن ڪانفرنس ۾ چيو؛ ”چيئرمين صاحب! هيءَ ڪانفرنس امن جي عظيم مقصد کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش آهي. مان هن ڪانفرنس جي نمائندن کي عمومي طور ۽ برطانيه ۽ آمريڪا جي نمائندن کي خاص طور احساس ڏيارڻ چاهيندس ته آمريڪي ۽ برطانوي حڪومتون مسلمانن کي انهن جي نام نهاد مذهبي نظرين جي بنياد تي گڏ ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ڪري رهيون آهن انهن ۾ خطرناڪ امڪان ڀريل نظر اچي رهيا آهن.“ اڄ امريڪا ۽ برطانيه ماتم ڪري رهيا آهن ته ’مذهبي بنياد پرستي دنيا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي‘ ۽ اهو ته ’اسلامي انتهاپسنديءَ کي اسلام جي اصل روح کان علحده ڪرڻ جي ضرورت آهي‘. ڪاش پاڪستان جي حڪمرانن سان گڏ آهي عالمي ’سپرپاور‘به سيد جي خدشن ۽ مشورن تي ڪن ڌرين ها.
    ٽيون اهم شعبو جنهن بابت جي.ايم سيد ۽ پاڪستان جي حڪمرانن جي سوچن ۾ فرق هو سو آهي خارجه پاليسيءَ جو معاملو. سيد جو چوڻ هئو ته پاڪستان کي گهرجي ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي اوليت ڏئي ۽ جنگ، دشمني ۽ ڇڪتاڻ واري پاليسيءَ جي بجاءِ امن، دوستي ۽ تعاون جي اصولن تي عمل ڪيو وڃي. ان جي جواب ۾ حاڪمن سيد کي ڀارت ۽ سوويت يونين جو ايجنٽ قرار ڏيئي جيل ۽ نظربنديءَ ۾ رکيو ۽ پاڻ هزارين ميل پري امريڪا ۽ برطانيه سان دوستي ڪئي جڏهن ته اولهه (افعانستان) ۽ اوڀر (ڀارت) وارين سرحدن تي رهندڙ پاڙيسرين سان دشمنن واريون حڪمت عمليون اختيار ڪيون. انهن ۾ خارجه پاليسيءَ جي ماهر چيو ويندڙ ذوالفقار علي ڀٽو به شامل هئو جنهن پنهنجي سياست جو بنياد ئي ڀارت دشمنيءَ تي رکيو. سندس مشهور جملا سڀ ڪنهن کي ياد آهن ته ”ڀارت سان هزار سالن تائين جنگ ڪنداسين“ ۽ ”گاهه کائينداسين پر ائٽم بم ضرور ٺاهينداسين“. ٻئي طرف افغانستان جي اندروني معاملن ۾ پاڪستان طرفان رياستي سرپرستيءَ ۾ باقاعده منظم مداخلت جي شروعات به جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿي جڏهن سردار دائود جي حڪومت جي خلاف مذهبي بنياد پرستن کي منظم ڪرڻ خاطر گلبدين حڪمت يار کي ڪابل جي انجنيئرنگ ڪاليج مان ڪڍي پشاور ۾ آڻي رهايو ويو.
    امريڪا سان دوستي ڪرڻ ۽ ان کان امداد وٺڻ جي بدلي ۾ ٽين دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن وانگر پاڪستان به پنهنجي سر زمين تي امريڪا کي فوجي اڏا ڏنا. ان صورتحال ۽ ان جي امڪاني نتيجن تي به سيد ويانا جي امن ڪانفرنس ۾ روشني وڌي هئي. هڪ هنڌ هن چيو” اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪيتريون عالمي قوتون آهن جيڪي مسلمانن کي ۽ مسلمان ملڪن کي مستقبل جي جنگ ۾ هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ ٿيون چاهين، اها جنگ جنهن کي اهي قوتون پنهنجي سامراجي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر ۽ لازمي ٿيون سمجهن“. ٻئي هنڌ چيائين؛ ”مونکي نهايت ڏک سان چوڻ ٿو پوي ته ڪيترا مسلم ملڪ سامراجي طاقتن جي فوجن کي پنهنجا اڏا وڪڻي رهيا آهن. اهڙن معاهدن جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا انهن جي اندازو ڪرڻ ڪو گهڻو ڏکيو ناهي؛ اسانجا اهي ملڪ پرڏيهي فوجن جي سندن سرزمين تي هجڻ جي صورت ۾ بيوس بڻيل هوندا ۽ سندن قوم خودمختياري ختم ٿي ويندي.“ هاڻي ڏسجي ته 63 ساله خارجه پاليسيءَ جي نتيجي ۾ مسلم ملڪ ۽ خاص ڪري پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي. اڌ صديءَ کان مٿي اڳ ۾ جي.ايم سيد طرفان ظاهر ڪيل امڪان ۽ اظهار ڪيل خدشا حقيقتن جو روپ ڌاري حڪمرانن جي آڏو بيٺا آهن ۽ اختيار ڪيل خارجه پاليسن جي نتيجي ۾ پاڪستان خطي ۾ بلڪل تنها بيٺو احي ۽ پنهنجي بقا خاطر امريڪا ڏانهن نهاري رهيو آهي جڏهن ته امريڪا پنهنجي اقتصادي ۽ مالي مفادن خاطر ڏينهن به ڏينهن هندستان جي وڌيڪ ويجهو ٿيندو پيو وڃي. ڳالهه ايتري تائين وڃي پهتي آهي ته ملڪي سلامتي ۽ تحفظ جي نالي تي ٺاهيل ۽ طاقت جي علامت سمجهيا ويندڙ ائٽمي هٿيارن کي محفوظ بنائڻ لاءِ همراهه پريشان آهن.
    جيئن مٿي چيو ويو ته سائين جي.ايم سيد پاڪستان ۾ گذاريل پنهنجي زندگيءَ جو پهريون اڌ پاڪستاني حڪمرانن کي سڌارڻ ۽ پاڪستاني رياست کي درست بنيادن تي بيهارڻ جي ڪوشش ۾ صرف ڪيو. پر جيئن تاريخ ۾ ٿيندو آيو آهي ته بندوق تي ڀاڙڻ وارا عقل جي ڳالهه نه ٻڌندا آهن تنهن وانگر پاڪستان جي ’حاڪمن‘ انهن جي ساٿاري سياست دانن ۽ پاڪسان جي ’خيرخواه‘ دانشورن تبديل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ’جيئن ٿڌ تيئن وڌ‘ جي مثال وانگر عمل ڪندا رهيا. ان مرحلي تي سيد قران کان رهنمائي وٺندي ته ”اهي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي چڪا آهن“، پنهنجو رستو تبديل ڪيو ۽ پنهنجي سموري توجه سموريون توانايون ۽ سڀئي وسيلا سنڌي قوم جي آزادي، خودمختاري ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ سنڌ ذريعي عالمي امن، ڀائيچاري ۽ ترقيءَ جي منزل تائين پهچڻ صرف ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي باقي زندگي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ ان منزل تائين پهچڻ جي جاکوڙ ۾ گذاريائين.


     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ لاءِ جنم ( محترم سائين گي ايم سيد )

    هڪڙو هو شخص جي ايم سيد!!!​


    وينگس
    اي سنڌ تو ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون،
    هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ درد،
    ها! مان هي ڪئين وساريو،
    درد بنا هي زندگي ڪهڙي؟
    جنهن درد جي درياهه ۾ پير نه رکيا،
    ان کي ڪهڙي ڄاڻ زندگي ڪٿي آهي؟
    اي سنڌ!
    تنهنجن ڪهاڻين ۾ درد آهي،
    ۽ انهن ۾ زندگي آهي،
    اها ئي ته تون (سنڌ) آهين.(هلينا)
    اڄ هڪ اهڙي شخص جو جنم ڏينهن آهي، جنهن سنڌ کي منفرد محاذ تي اچي کڙو ڪيو. ان ڇا ڪرڻ پئي چاهيو ۽ ان کان ڇا ٿي ويو؟ هي سوال ان شخص جي اردگرد ئي ڦيرا کائين ٿا.
    ها! جي ايم سيد! جيڪو سنڌ کي پنهنجي حصي مان گهڻو ڪجهه ڏئي ويو. سيد ۾ هڪ ڳالهه سهڻي هئي هي ته هو پنهنجي پَرَ ۾ committed ماڻهو هو. صرف هن ۾ ڪميٽمينٽ ئي نه هئي ان سان گڏوگڏ هن ۾ پنهنجن غلطين کي مڃڻ جي سگهه به هئي ۽ اها ئي ڳالهه هن ئي بهادر ۽ خوبصورت بڻائي ٿي منهنجي نظر ۾.
    سيد سنڌ جو اهڙو ڪردار آهي جنهن تي اسان سڀئي هڪ طرفو فيصلو نه ٿا ڏئي سگهون ڇاڪاڻ جو هن جي شخصيت گهڻين جائين تي تبديل ٿيندي رهي، مان هي نه ٿي چئي سگهان ته سيد سنڌ جو گانڌي هو. بس! هڪ ڳالهه ضرور لکڻ چاهيندس ته سنڌ کي هڪ خوبصورت ۽ بهادر ڪردار جي ايم سيد جي روپ ۾ ملي ويو. جتي سنڌ کي ٻيا سهڻا ڪردار مليا آهن انهن جي قطار ۾ جي ايم سيد به اچي ٿو. پنهنجن غلطين جو اقرار ڪرڻ آسان ناهي، ان لاءِ اسان کي پنهنجي انا مارڻي پوي ٿي ۽ هي مشڪل ترين ڪم آهي، جنهن ۾ اسان ڏسون ته اسان پاڻ ئي ڏوهاري هجون. ان جڳهه تي جي ايم سيد سياسي اسٽيج تي اچي ڪري اقرار ڪندي چيو ته ها! مون غلطيون ڪيون. تاريخ ۽ تاريخدان بيرحم هوندا آهن، مان پاڻ تاريخ جي شاگرد آهيان انهي ڪري مون اندر به اهڙي بيرحماڻوپن موجود آهي. جيستائين تاريخ سان وفا نه ڪئي ويندي ۽ ان جي چيرڦاڙ ڪري اصل شيءِ کي اڳيان نه رکيو ويندو اسان ان وقت تائين ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهنداسين. انهي ڪري اسان کي بيرحم ٿيڻ ڏيو ڇو جو اسان سنڌ جي اصل خوبصورتي ۽ آزاد مسڪراهٽ چاهيون ٿا.
    اسان به چاهيون ٿا ته اسان پنهنجي ڌرتي تي جلاوطن نه هجون، اسان به چاهيون ٿا ته اسان ڪمزور نه هجون، اسان جي اکين ۾ به خواب آهن ته اسان جا ٻچا يتيم ٿي ٻين جي درن تي رحم جي بيک نه گهرن، اسان به چاهيون ٿا ته شاهه سائين کان وٺي موئن جي دڙي تائين جي ديوي تائين سڀ ڪردار نصابي ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن ۽ انهن ڪردارن ۾ هڪ ڪردار جي ايم سيد جو به هجي. جنهن سنڌ کي هڪ هنڌ فيصلائتي مرحلي مان ٻاهر ڪڍي اصل ڳالهه ڪئي. فرق صرف هي آهي ته اسان جي چوڻ جو انداز منفرد آهي ۽ موجوده وقت اهو اندازو هضم ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي. اڄ سيد جو ڏينهن آهي مان سيد آڏو ڳالهه رکندي چوڻ چاهيندس ته اوهان آخر سنڌ کي ڪهڙي موڙ تي اچي بيهاريو آهي؟ پر آخر ڇا ٿيو جو جي ايم سيد جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيو اهو ٿي نه سگهيو ۽ هن جي شخصيت گهڻن هنڌن تي مونجهاري جي شڪار ٿي وئي. جي ايم سيد نه سنڌ جو گانڌي ٿي سگهيو ۽ نه وري سڀاش چندر بوس ٿي سگهيو. پر هو سنڌ جي سياست ۾ بهترين مفڪر ۽ خوبصورت ڪردار ضرور ٿي ويو آهي، جنهن جي ڀيٽ ڪنهن به ڪردار سان نه ٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ جو ته ايم سيد سڀني کان مختلف ڪردار آهي.
    جي ايم سيد کان ڪٿي ۽ ڪهڙي چُڪ ٿي وئي؟
    مان تاريخ جي گهرائي ۾ نه ٿي وڃڻ چاهيان پر مان صرف جي ايم سيد جي ڪتابن ۽ فڪر جو حوالو ڏيڻ چاهيندس ته جي ايم سيد کان جيڪي جيڪي سرد غلطيون ٿينديون ويون سنڌ لاءِ اهي غلطيون ڪاري پاڻي جي سزا ۾ تبديل ٿيڻ لڳيون.
    جيڪي هي چون ٿا ته جي ايم سيد ۽ جناح وچ ۾ ٽڪيٽن تان جهيڙو شروع ٿيو هو، اهي غلطي تي آهن. انهن کي سيد کي ايئن ننڍڙو ڪري پيش نه ڪرڻ گهرجي، سيد ۽ جناح ۾ ڊگهي وقت کان اختلاف رهيا ۽ انهن اختلافن ٽڪيٽن تي اچي اختتام ڪيو. معاملو ٽڪيٽن جو نه هو پر اصل معاملو اصولن جو هو جنهن جي خلاف ورزي ٿي رهي هئي. جيڪڏهن سيد اصولن جي خلاف وڃي بيهي ها ته تاريخ هن کي ڪڏهن به معاف نه ڪري ها. پر هن اصولن تي سودو نه ڪندي، جناح سان الوداعي ڪئي.
    هن کي اتي ئي سمجهي هو وڃڻ گهربو ته ايندڙ وقت ۾ صوبن سان ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي، لاهور قراداد ۾ تبديلي آڻڻ جنهن ۾ صرف independent states جي جاءِ تي independent state يعنيٰ تبديلي صرف S) ) جي نه هئي، ان تي سمجهي وڃڻ گهربو هو ته ان سان ايندڙ وقت ۾ صوبن کي ڪٿي بيهاريو ويندو. پر جي ايم سيد ان تبديلي کي سمجهندي به اڻڏٺو ڪري ڇڏيو. ۽ لياقت علي خان ڏانهن خلط لکندي بهتر پاڪستان کي جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پيش ڪئي.
    71ع جي ڏهاڪي ۾ بنگلاديش جيئن اسٽينڊ ورتو ته اڄ انهن جي تاريخ منفرد آهي. سنڌ ۾ سيد به بهترين اسٽينڊ وٺندي پاڪستان جي موجوده حيثيت کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. جيڪو اسٽينڊ پنهنجي جاءِ تي اصول ۽ قانوني هو ته جنهن جي بنياد تي پاڪستان کي جوڙيو ويو هو اهو 70 جي ڏهاڪي ۾ ختم ٿي ويو. ان کانپوءِ سيد سياسي فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي ان لاءِ سنڌ جو هر نئون نسل شڪر گذار آهي ته هن تاريخ جي ورقن ۾ حقيقت کي محفوظ ڪري ڇڏيو. 70 ڏهاڪي کانپوءِ سيد پاڪستان جي رياست سان اختلاف گهٽ رکيا ۽ انهن اختلافن کي پ پ پارٽي جي محور ۾ ئي رکي ڇڏيو.
    جنرل ضياء دور ۾ سيد جنرل ضياء ڏانهن سافٽ ڪارنر رکيو رڳو هن اهو نه ڪيو پر ان سان گڏوگڏ جنرل ضياء جي پيدا ڪيل ايم ڪيو ايم مٿان به هٿ رکيو جيڪا هڪ وڏي غلطي هئي اڄ اسان (سنڌي) ڪراچي ۾ ڌاريا بڻايا ويا آهيون. جنهن ۾ صرف وفاقي پارٽين جو ئي هٿ ناهي پر ان ۾ انهن جو به هٿ آهي جن سنڌ جي ڳالهه ڪئي آهي.
    سيد جي اهڙن عملن کي اڳيان رکي موجوده نسل کي ٻڌايو ويندو آهي ته سيد ٻاهرين ماڻهن کي قبول پئي ڪرڻ چاهيو.
    هڪ ڀيرو ٻيهر انهن سيد کي غلط پيش ڪيو آهي. سيد اسان کي موجوده پارٽين جي گروهن ۾ نه ملندو. جيڪڏهن سيد سان ملڻ چاهيو ٿا ته سيد کي ان جي ڪتابن ۾ وڃي ڳولهيو ۽ اتي وڃي سيد کي سمجهو، شايد سيد کي خبر هئي ته ان کي اڳتي هلي ٻئي روپ ۾ پيش ڪيو ويندو انهي ڪري هن عملي سياست کان وڌيڪ ڪتابن تي ڪم ڪندي پنهنجي فڪر کي محفوظ رکيو.
    مڃون ٿا ته سيد ايم ڪيو ايم ڏي رحم جي نظر رکي پر ان کي اردو آبادي ڪري ڪڏهن به قبول نه ڪيو هو ان کي سنڌ جا نوان سنڌي ڪري قبول ڪندي انهن کي سنڌي ڳالهائڻ لاءِ چيو آهي. الميو هي آهي ته جيڪي پاڻ کي پارٽين ۾ جوڙي سيد جا پيروڪار چئي رهيا آهن اهي پنهنجي اڳواڻ جي پوئلڳي ناهن ڪري رهيا ۽ مٿان وري هي چئي رهيا آهن ته سيد جنهن دور ۾ ڪتاب لکيا ان وقت حالتون ٻيون هيون، ان جو مطلب ته پوءِ سيد جنهن دور ۾ پاڪستان رياست کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ان وقت به حالتون ٻيون هيون. هاڻي سيد جي پيروڪاري ڪرڻ کي ڇا سمجهي؟ اهي سيد جي سياسي فڪر کي ڪيئن نه ننڍڙو ڪري پيش ڪري رهيا آهن. سيد جي فڪر کي تبديل ڪري پيش نه ٿا ڪن پر انهن هاڻي پارلياماني سياست جي سياسي مرلي به وڄائڻ شروع ڪندي وري فلسطين وارو موقف به رکيو ويو آهي، هاڻي انهن کي ڪيئن سمجهائجي ته ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊوالهيار! فلسطين ۽ اسرائيل ڪيس ئي ٻيو آهي. سيد جي نظريي جا پوئلڳ پارليامينٽ جو لالي پاپ نه ٿا کائين سگهن باقي سيد جي نظريي جو ليبل هڻي پارليامينٽ جو لالي پاپ کائڻ چاهين ته ڀل کائين پر اهي ڪڏهن به سيد جا حقيقي پيروڪار نه ٿا ٿي سگهن.
    سيد کي سمجهڻ لاءِ سيد ڏانهن موٽ کائڻي پوندي، اڄڪلهه جي سياسي هوائن ۾ مفاد پرستن جي آلودگي اچي چڪي آهي.
    تاريخ جي باب ۾ هڪ هنڌ جملا آهن ته جيڪڏهن گانڌي نه به هجي ها تڏهن به هن جي ٽيم (ڪانگريس) هندوستان کي آزاد ڪرائي پئي سگهي. جناح پاڻ ئي چئي ويو ته منهنجي کيسي ۾ کوٽا سڪا آهن، جيئن جيئن سياسي ماحول موجوده حالتون ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، اڄ جيڪڏهن سيد زنده هجي ها ته اهو به جناح جو جملو ورجائي ها، انهن لاءِ جيڪي پارليامينٽ جي سياسي مرلي وڄائيندي، سيد جي فڪر کي ڪمزور پيش ڪري رهيا آهن.
    اڄ سيد تنهنجي سالگره تي مان تون کي هي نه ٿي چئي سگهان ته (سنڌ جنهن مشڪل ترين وقت مان گذري رهي آهي) ان ڪري ڪيڪ کائي سالگره مبارڪ چوان، اهو به سنڌ جي سورن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي.
    اي سيد ٿورو اٿي ڪري ڏس ته تنهنجي نظريي سان سنڌ ڪٿي بيٺل آهي؟ توهان پنهنجن غلطين جو اقرار ڪيو پر جيڪي هي سڀ ڪجهه ڪندي سنڌ کي ننڌڻڪو ڪري رهيا آهن انهن جي غلطين جو ازالو ڪير ڪندو؟
    17 جنوري جو ڏينهن صرف سيد جي سالگره جو ڏينهن ناهي پر هن ڏينهن تي ڏسڻ گهرجي ته سنڌ جو سياسي فڪر ڪٿي بيٺل آهي؟
    سنڌ ۾ هڪڙو شخص هو جي ايم سيد پر اڄ ان جي فڪر جي هلڻ جي دعويٰ ڪندڙ غلطين کي درست ڪرڻ جي جاءِ تي انهن پهاڙن جيتريون غلطيون ڪيون آهن، سنڌ کي تنهنجي فڪر جي ضرورت آهي پر ڇا ائين جيئن تنهنجي نالي هيٺ ٿي رهيو آهي؟
    ان سوال جو جواب مان صرف اي سيد توهان کان ئي وٺڻ چاهيندس.
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ لاءِ جنم ( محترم سائين گي ايم سيد )

    فنا في السنڌ ٿي ويندڙ الستي عاشق​


    ارسلان حسين ميمڻ
    سرزمين سنڌ جي پاڪ ۽ پويتر ڌرتي هميشه کان وٺي اقوام عالم ۽ بني نوع انسان لاءِ هڪ لافاني ۽ ازلي پيغام ڏيندي پئي اچي. جنهن لازوال پيغام ۾ بني نوع انسان جي ترقي، بقا، ٻڌي، ايڪي، ڀائيچاري، محبت، صبر ۽ سهپ جو درس ڏنو ويو آهي. ان پيغام کي دنيا پيغام سنڌ جي نالي سان سڃاڻي ٿي ان پيغام کي مرشد لطيف هن ريت بيان ڪيو آهي.
    سائينم، سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا، دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
    خدا تعالي هميشه کان وٺي جنهن سرزمين تي شفقت ۽ ٻاجهه ڪئي آهي ته ان قوم ڏانهن سونهان موڪليا آهن ۽ انهن عظيم انسانن انهن قومن کي ٻاٽ اونداهين ۾ روشنين جا ڏس ۽ گس ڏسيا آهن.
    سنڌ جي ٻاجهاري ۽ ماءُ جي هنج جهڙي ڌرتي 17 جنوري 1904ع تي هڪ مرد مجاهد، صوفي صفت ۽ الستي عاشق کي جنم ڏنو. جيڪو سنڌ جي سورهين ۽ سرويچن جو صوفي جو تسلسل هو. سنڌ جي مٽي مان ڳوهيل اهو عظيم مفڪر سائين سيد سنڌ جي تاريخ جو آواز آهي. جنهن مسلسل جدوجهد قرباني ۽ سنڌي ماڻهن جي ترقي لاءِ پنهنجو پاڻ کي فنافي السنڌ ڪري ڇڏيو ڪري ڇڏيو، سائين جي ايم سيد هن پوتر ڌرتي تي قدم رکڻ ۽ هوش سنڀالڻ سان پنهنجي ذات پات کي پاسيرو رکي پنهنجي ڌرتي ماتا سان عشق ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ 92 سالن جي طويل زندگي تائين اهو ورد ڪندو رهيو ته
    ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي“
    عشق ۾ فنائيت سان ئي پنهنجي پرين کي پسي سگهبو آ. محبت جو معراج به فنائيت ۾ ئي سمايل آهي. ڇاڪاڻ ته صوفياڻي فڪر جو بنياد عشق تي آهي. جيڪڏهن گهرائي سان مطالعو ڪنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته سندس محبت وارا مرحلا، مجازي عشق کان شروع ٿي حقيقي قومي عشق تائين پهچڻ وارو سفر اڃا مس مس طئي ڪري سگهيا جو سندس زندگي جون خوشيون، آسائشون، تمنائون قربان ڪندي پنهنجي نازڪ ۽ نفيس بدن تي قيد جي سنگهرن کي ڪنوار جي ڳاڙهي ويس جيان سجايو. ايستائين جو اهي قيد جا سنگهر به تڏهن ٽٽا جڏهن سيد جي ساهه جو سڳهو ٽٽو ۽ آخر سائين جي ايم سيد جو جنازو به قيد مان نڪتو، ڇا اهو سچائي جي انتها نه آهي. يا ان کان وڌيڪ ڪابه مفلسي تي سگهي ٿي. جو سيد ڀير تي ڏؤنڪو هڻي اعلان ڪيو ته هڪ طرف مون کي ۽ منهنجي خاندان کي ڦاسي جي ڦندي تي لٽڪايو وڃي ۽ ٻي طرف سنڌ جي آجپي جو پروانو جاري ڪيو وڃي ته اهو سستو سودو مون کي خوشي سان قبول آهي. هندستان جي بهادر دانشور سياستدان جواهر لعل نهرو جي بقول ته بزدل ۽ ڪانئرن لاءِ آزادي ناهي هوندي پر انهن دلير ۽ سرويچن لاءِ آهي جيڪي سولي کي سيج سمجهي ان ڏانهن وک وڌائين ٿا ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌڻ کان به انڪار ڪن ٿا. حقيقت ۾ جڏهن اسان هن قول کي نظر ۾ رکندي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته سنڌي قوم انفرادي طور تي ته بهادر، دلير باضمير ۽ باڪردار آهي پر اجتماعي طورتي بزدل، ڪانئر، ڇڙوڳ نظر اچي ٿي.
    سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ هر روز برمي بنگالي، افغاني يا بهاري کڻي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪري سنڌ کي ڏينهون ڏينهن سڪ ۽ سوڙهو ڪيو ويو. سنڌ جي مجموعي پيداوار وفاق هڙپ ڪريو وڃي، ڀلي وفاق تي خرچ ٿيندو 60 سيڪڙو سنڌ جي وسيلن مان خرچ ڪيو وڃي، ڀلي پنجاب سنڌ کي سونن آنن واري ڪڪڙ سمجهي پڃري ۾ قيد ڪري سونا آنا حاصل ڪندو رهي ۽ ڀلي سنڌ جو زمينون ڪليمن ۽ انعامن ۾ ڏنيون وڃن. يا قومي ودود کي ميسارڻ جون هزارين ڪاوشون ڪيون وڃن پر مجال آهي جو اسانجي ضمير کي ڪا چهنڊڙي پوندي هجي. قومي شعور نه هئڻ ڪري اسان اجتماعي مفادن جي افاديت کي انفرادي زندگي ۾ سمجهي نه سگهيا آهيون. اهو قدرت جو اٽل قانون آهي ته حق ۽ باطل جي ويڙهاند ۾ فتح هميشه ۽ سچ وارن جي ٿيندي آهي ته دشمن ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي پر فتح هميشه حق جي راهه تي هلڻ وارن جا قدم چمندي رهي آهي.
    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو