شاهه سائين جي سُر پورب جو مطالعو ڊاڪٽر بشير احمد شاد شاهه سائين هن سُر جو نالو پورب پار جي آديسين کان متاثر ٿي لکيو آهي. هن سُر جي باري ۾ مختلف روايتون ملن ٿيون. غلام محمد شهواڻي لکي ٿو: ”هي سُر نڪي ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ آهي ۽ نه ڪي ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي ۾.“ شهواڻي واري رسالي ۾ هن سُر ۾ ٻه داستان آهن. پهرين داستان ۾ شاھ ڪانگل کي پرين جي پار قاصد ڪري موڪلي ٿو ۽ پاڻ ان کي سنيها سونپي ٿو. ٻئي داستان ۾ پوربين يا سامين ۽ جوڳين جو ذڪر ڪيل آهي. شهواڻي جو رايو آهي ته ”هي داستان حقيقت ۾ سُر رامڪلي جو حصو ٿيڻ گھرجي.“ غلام محمد شهواڻي واري اها راءِ ڪافي وزنائتي لڳي ٿي ته داستان ٻيو سُر رامڪلي جو حصو ٿيڻ گھرجي. ڏٺو وڃي ته ٻنهي سُرن جو مرڪزي ڪردار ساڳيو ئي پوربي، سنياسي، سامي، ڪاپڙي، آديسي ۽ جوڳي ئي آهي، جيڪو منزلِ مقصود تي پهچڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل ”شاھ جو رسالو“ ۾ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ سُر پورب جي پهرين داستان ۾ 16 بيت ۽ ٽي وايون ۽ ٻئي داستان ۾ ڪُل 18 بيت ۽ ٻه وايون ڏنيون آهن. ٻنهي داستانن ۾ فقط پوربين، جوڳين ۽ سامين جو ذڪر آهي، جڏهن ته سڄي سُر ۾ هڪڙو به بيت ڪانگل جي حوالي سان ڪونه آندو اٿس، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ڪانگل وارن بيتن کي هن سُر جو حصو تسليم ڪونه ڪيو آهي. ٻئي طرف شهواڻي واري مرتب ڪيل رسالي ۾ داستان پهرين ۾ ڪُل 29 بيت ۽ هڪ وائي ۽ ٻئي داستان ۾ 10 بيت ۽ هڪ وائي ڏنل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سُر پورب جي معنى ۽ مطلب هن ريت بيان ڪيو آهي. ”هي سُر سلوڪ جو سُر آهي. يعني سالڪن ۽ سندن منزلِ مقصود تي پهچڻ واري پنڌ جو سُر آهي. سالڪن کي اڳين موحد هندو فقيرن جي تمثيل سان پوربي، ڪاپڙي، سامي، سناسي، جوڳي ۽ آديسي جي نالن سان ياد ڪيو ويو آهي. جن جي منزلِ مقصود ’ناٿ‘ آهي. جنهن کي ملڻ لاءِ هو پورب وڃن ٿا. يا ناني ۽ هنگلاج آهي. جتي پهچڻ لاءِ پنڌ ڪن ٿا. تمثيل ۾ پورب ڄڻ آخري منزل ۽ دارالبقا آهي جنهن ۾ ابدي زندگي ماڻڻ لاءِ سالڪ فقير هن جهان مان ڪشالا ڪري راهي ٿين ٿا.“ مون پنهنجي مقالي ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ شهواڻي جي رسالن مان بيتن جي چونڊ ڪئي آهي. اول سُر جي نالي جي نسبت سان پورب پار جي آديسن جو ذڪر ڪجي ٿو. هيٺين بيت ۾ جوڳين ۽ سامين جي سفر جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. سامي جڏهن هنگلاج جي سفر جو قصد ڪندا آهن ته پنڌ کي مڙسيءَ سان پٽڻ ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ پنهنجي چيلھ ۾ سندرا، پٽا يا پوتيون ٻڌندا آهن، جنهن کي ڪمربسته به سڏبو آهي. اهي اورين منزل تي رسيل سامين کي اڳين منزل جا ڏس پتا ڏيئي اڳتي وڌي ويندا آهن. سندن هٿن ۾ جانورن جي سڱن مان جوڙيل هڪ ڦوڪ وارو ساز هوندو آهي جنهن کي ’سڱڙيون‘ سڏيندا آهن. سڱ کي ٻنهي پاسن کان ڪٽي پَورو (خالي) ڪندا آهن ۽ پوءِ وات تي رکي ڦوڪ ذريعي وڄائيندا آهن. هي سڀ منزل تي رسڻ جا جتن آهن. شاھ سائين فرمايو: ڪمربستا ڪاپري، سامي سڀيئي هڪڙا ٻئن کي، هلئا ڏس ڏيئي سڱڙيون سي ئي، وڄائي واٽ ٿئا سچي سائين جي سڪ ۾ رتل سالڪ هي ماڳ مٽائي اصلي ماڳ ڏانهن راهي ٿيا. الله پاڪ ته هر وقت سمورن بندن کي سلامتي واري گھر ڏانهن ٿو سڏي، پر افسوس جوطمع ۽ حرص ۾ ورتل ڪي بدنصيب انسان ان سڏ کي نه ٿا سمجھن. دراصل لالچ اهڙي بڇڙي بلا آهي جيڪا سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪيو ڇڏي. لطيف سرڪار انهي خيال کي بيت جي خوبصورت سٽن ۾ هن ريت اظهاريو آهي: جوڳي جڳ ڇڏي، پُرئا پورب پار ڏي لاهوتي لطيف چئي، هليا لعل لڏي والله يدعو الا دارالسلام، صاحب سڀن سڏي هئي هئي هِن هڏي، همه کي حيران ڪئو آديسن جو آرام حرام هوندو آهي، اهي هڪ هنڌ جاءِ جوڙي ڪونه ويهندا آهن بلڪه سيلانين جيان چند ڏينهن لاءِ ڪٿي آسڻ اڏي وري نئين منزل جا راهي ٿي ويندا آهن. انهن چند ڏينهن ۾ جيڪڏهن اهڙن پارسن سان ڪو لوھ لڳي ويندو آهي ته ان کي سونُ بڻائي ڇڏيندا آهن. شاھ صاحب جي طالب جو به ڪن اهڙن ئي آديسين سان ڇهاءُ ٿيل ٿو ڀانئجي جو انهن جي وئي پڄاڻان هو کين تمام گھڻو ساري سنڀالي ٿو ۽ کيس انهن آسڻن مان خستوري جي خوشبو اچي ٿي جتي آديسين پنهنجا پکڙا اڏيا هئا. پوربيا پوري وئا، آسڻ اڄ صبوح خستوري خوشبوءِ، آهي آديسين ۾ اهڙن الله لوڪ انسانن جي تلاش ۾ هن طالب پورب پاسي گھڻو ئي واجھايو پر انهن سچن سالڪن جي متعلق کيس ڪابه خبر پئجي نه سگھي. نه ئي انهن طرفان کيس ڪو سلام ۽ پيغام پهتو. ڇالاءِ ته اهي آديسي ڏورانهين ڏيھ جا واسي هئا تنهن ڪري سندس دل ۾ درد جي دونهين دکائي پنهنجي نئين منزل ڏانهن راهي ٿيا. پورب ويا پيهي، مون تان گھڻيون نهاريان سُڌ نه مُڪي سڄڻين، جيهي نه تيهي هئا پرڏيهي، وڄائي واٽ ٿئا طالب کي پورب پار جي آديسين جي ڦوڙائي ۽ فراق هڻي ماري رکيو آهي. کيس ٻيو ڪوبه در نظر نه ٿو اچي جتي وڃي دانهين ٿئي. حقيقي عشق جي چڻنگ چولي ۾ پوڻ کان اڳ هوءَ ڏيهن کي متيون ڏيندي هئي پر اهڙي درد جو شڪار پاڻ ٿي وئي ۽ سندس متيون ئي منجھي ويون، کيس پنهنجي ڪمزوريءَ جو چڱي طرح احساس آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين عورت کي طالب طور پيش ڪيو آهي. پورب مارياس، ڪھ در ڏيان دانهڙي متيون ڏيندي لوڪ کي، چري پاڻ ٿياس جنين نه جيهاس، مان لونءَ لڳي تن سين ڀٽائي گھوٽ جي آڏو اهو سچو سالڪ نه آهي جيڪو سُک جو طلبگار آهي ۽ پنهنجي داتا جو در ڇڏي ماڻهن جي در تي اٽي ۽ اَنَ لاءِ ڀٽڪندو ٿو رهي. اهڙي ساميءَ ته تن کي تسيو ڏيڻ سکيو ئي نه آهي. هو فقط ظاهري ڏيک ويک لاءِ ڪاپڙي ڪوٺائي ٿو ۽ ڪن چيرائي ٿو. جيئن کيس عام لوڪ ۾ عزت ملي. پر سچن سالڪن آڏو سندس اهو ڍونگ پڌرو ٿي پوي ٿو. سامي چايين سُکُ طلبين، تسيا ڏئين نه تَنَ ماڙهن ڏي منه ڪئو، پني اٽا ۽ اَنَ ڪاپڙي تو ڪنَ، ڪه چيرايا چشن لئه سامين تي سکُ حرام هوندو آهي. سُک جي طلب ڪرڻ وارا سامي سڏائي ئي نه ٿا سگھن. لطيف سائين جي نظر ۾ اهڙو سُک جو طالب سامي اڃا اوراهين پنڌ ۾ آهي. گويا هو منزل رسڻ کان اڳ ئي همٿ هاري ٿڪجي پيو آهي ۽ تعجب ته اهو جو وري اهڙو ڳهيلو طالب پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ کان سواءِ ئي پاڻ کي انعام جو حقدار سمجھي ويٺو آهي، جڏهن ته کيس اٺئي پهر پرينءَ جي پچار ۾ گذارڻ گھرجن. جنهن کان پوءِ وڃي هوڪنهن انعام جو حقدار ٿيندو. سامي چايين سُکُ طلبين، سِکين نه سامي اڃا اورين پنڌ ۾، ويين وسامي گُرَ کي تون نه گڏيين، چايين اِنامي دائم مدامي، پورو رهج پرينءَ سين مرشد طرفان مليل سوغات جي اهميت ڪو ان جي مريد کان پڇي جنهن کي اها نعمت نصيب ٿي هجي. اهڙي سعادتمند مريد کي جيڪا گُر کان گودڙي ملي سان مٿس ڏاڍي سهڻي ٿي سونهين، جيڪي ان سوغات جو احترام ڪندي اها ادب سان اوڍيندا انهن کي ئي اصلي منزل ملي ويندي. گُرَ جا ڏني گودڙي، سا مون گھڻو سُهاءِ نيئي رساڻي ماءِ، اوڍين جي ادب سين ڪائنات جي تخليق ان خالق جو عظيم ڪارنامو آهي. لطيف سرڪار ان سالڪ سان مخاطب آهي جيڪو دنيا ۾ ڀانت ڀانت جا نظارا، رنگ برنگي گل گلبن، سمنڊ، پهاڙ، آبشار، درياءَ، سج، چنڊ تارا ۽ ڪهڪشان ڏسي ڪردگار جي اهڙي ڪاريگريءَ تي حيرت ۾ اچي وڃي ٿو. شاھ سائين کيس فرمائي ٿو ته حيرت نه کاءُ اهو سڄو مانڊاڻ منڊيندڙ اها هڪڙي ئي ذات آهي ۽ اهي سڀ سندس هستيءَ جا مظهر آهن. گُلَ گُلَ پسي گودڙيا، گھڻا مَ ڀانئيج سوئي سڃاڻيج، هيءُ هُو آهي هيڪڙو بشڪريه عوامي آواز