سنڌ ايتري سستي آهي؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ باغي شر طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2011۔

  1. باغي شر

    باغي شر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جنوري 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    سنڌ جي روينيو واري (اڳوڻي حڪومت جي) صوبائي وزير عرفان گل مگسي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پڇيل سوالن جي جواب ۾ چيو ته، سنڌ سرڪار ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي 0 4 6 1 1 ايڪڙ زمين 0 2 رپيا، 6 6 پئسا في چورس وال جي حساب سان وڪرو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي اڌ رقم جي ادائيگي ٿي چڪي آهي، باقي رقم 0 1 0 2 ع ۾ ادا ڪئي ويندي. صوبائي وزير ايوان کي اهو پڻ ٻڌائڻ جي مهرباني ڪئي ته، ”ڊي ايچ اي سنڌ جي اڍائي سئو ايڪڙ زمين تي قابض آهي. ان زمين تي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي ملي ڀڳت ڪري قبضو ڪيو آهي. قبضي جي خاتمي لاءِ نوٽيس اماڻيا ويا آهن.“ سنڌ جي زمين جي سستي اگهه تي وڪري واري اعتراف بعد اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو آهي.

    اختيارن جي ”پِچ“ کان ٻاهر نڪري سنڌ جون زمينون ۽ سامونڊي ٻيٽ وڪڻڻ واري ”وفاق“ جي عمل جو سنڌ واسين جي تنقيد، رد عمل ۽ احتجاج سان مکا ميل ٿيڻ کان پوءِ هاڻي ان طرز کي ترڪ ۽ تبديل ڪندي سنڌ جون زمينون سنڌ جي حڪمرانن کان ئي سستي اگهه تي خريد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ 0 4 6 1 1 ايڪڙ زمين ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي 0 2 رپيا 6 6 پئسا في چورس وال جي حساب سان وڪرو ڪئي ويئي آهي. سنڌ حڪومت ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جي وڪري بابت اثرائتو موقف اختيار نه ڪرڻ وقت ته جڏو جواز اهو ڏنو هو ته اها زمين ”ترقيءَ“ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، پر ڊي ايڇ اي کي جيڪا لڳ ڀڳ انهن ٻيٽن جيتري ئي زمين ڏني ويئي آهي، اها ڪهڙي ”قومي جذبي“ سان سرشار ٿي، ڪهڙي ”قومي ڪم“ لاءِ ڏني ويئي آهي؟ سنڌ جون زمينون ۽ اثاثا ائين خاموشيءَ سان ڀڳڙن مٺ عيوض وڪڻڻ وارو حڪمرانن جو عمل ڇا کي ٿو ظاهر ڪري؟ آخر اها ڪهڙي مجبوري هئي، جو سنڌ جي زمين 0 2 رپيا 6 6 پئسا في چورس وال جي اگهه سان ڊي ايڇ اي کي ڏني ويئي آهي؟ اهو في چورس وال زمين جو اهڙو اگهه آهي، جنهن رقم ۾ ته سٺن بسڪيٽن جو هڪ پيڪيٽ به نٿو ملي. 0 2 رپيا 6 6 پئسا في چورس وال! سنڌ ايتري سستي آهي؟

    سنڌ جي حقن جو دفاع ڪرڻ ۾ حڪمران گهڻو پٺتي رهيا آهن. جڏهن وفاقي حڪومت سنڌ جا ٻيٽ پرڏيهي ڪمپنيءَ کي وڪرو ڪيا هئا، تڏهن پهرين ته سنڌ جي حڪمرانن احتجاج جو عَلم بلند ڪيو هو، پر پوءِ وري معاملي کي جاچ سان مشروط ڪري ڇڏيو. بعد ۾ پنهنجي موقف ۾ ”معياري تبديلي“ آڻيندي وفاق سان ڳالهين ذريعي معاملي کي نبيرڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ احتجاج واري انداز ۾ ”اگر مگر“ جي آميزش سبب سنڌ حڪومت جو اهو موقف سگهاري صورت اختيار ڪري نه سگهيو. هاڻي ته سنڌ جي مسند نشين ماڻهن پاڻ ئي زمينون حيرت انگيز حد تائين سستي اگهه ۾ ڏيڻ شروع ڪيون آهن. هتي اسان ملير ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي زمين جو مثال ڏيڻ ضروري ٿا سمجهون. اها زمين به ان دور جي حڪومت (شايد اوڻهين صديءَ ۾) ڇانوڻي مقصدن لاءِ ليز تي ڏني هئي، پر جي اها پوءِ وري نئين سر ليز به ڪئي ويئي آهي ته به ان حوالي سان اهو ڏسڻ جي ضرورت هئي ته اها ڏيڻ به گهرجي يا نه. ان زمين کي ڇانوڻي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بدران ان زمين تي پلاٽنگ ڪري 5 سئو والن جو پلاٽ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ رپين جي قيمت ۾، اهي پلاٽ خانگي ماڻهن کي وڪرو ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن ان حساب سان به ڏسجي ته انهن پلاٽن جي في چورس وال جي قيمت 0 2 هزار رپين کان وڌيڪ بيهي ٿي ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جڏهن سنڌ حڪومت کان 0 2 رپين ۾ في چورس وال جي حساب سان ورتل زمين جي پلاٽنگ ڪندي، ته ان جي قيمت گهڻي مقرر ڪئي ويندي؟ رڳو ”5 سئو والن واري پلاٽ جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا“ واري مروج اگهه سان ئي حساب لڳائجي ته اها قيمت 0 2 هزار رپيا في چورس وال بيهي ٿي. سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڪٿي 0 2 رپيا ۽ ڪٿي 0 2 هزار رپيا! ڳالهه صرف قيمت ۽ ملندڙ رقم جي ناهي، ڳالهه ته ان ڌرتيءَ جي آهي، جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي قدمن هيٺان انهن طريقن سان، سستي ملهه ۾ مختلف ڪمپنين، ادارن، سيڙپڪارن کي ڏيئي کسڪائي پئي وڃي. سنڌ جا ماڻهو جڏهن به اهڙين ناانصافين خلاف آواز اٿارين ٿا ته ان جي تلافي ته پري رهي، ويتر مسند نشين ماڻهو جملي بازيءَ جي جدت رکندڙ نئين نئين نصيحتن جي تيرن سان سنڌ جي عوام تي نشانا چٽڻ جي مشق جو موقعو هٿان نٿا وڃائين. ڪو وزير باتدبير قومي سوچ ڌارڻ جا ڀاشڻ ڏئي ٿو، ته ڪو ترقيءَ جي مخالفت نه ڪرڻ جي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته زمين ترقيءَ کان مٿي نه آهي.

    صوبائي وزير ايوان ۾ اهو پڻ بيوسيءَ جهڙو اعتراف ڪيو آهي ته، ”ڊي ايڇ اي سنڌ جي اڍائي سئو ايڪڙو زمين تي قابض آهي، ان زمين تي ڊي ايڇ اي ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي ملي ڀڳت ڪري قبضو ڪيو آهي، ان قبضي جي خاتمي لاءِ نوٽيس به اماڻيا ويا آهن.“ ايوان ۾ ڏنل اهو بيان انتظامي بيوسيءَ جو اهڙو نادر نمونو آهي، جنهن تي مينڊيٽ جيترو به ماتم ڪري اهو گهٽ آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت، سنڌ جي 0 5 2 ايڪڙ زمين تان قبضو ئي ختم ڪرائي نٿي سگهي ته پوءِ سنڌ جي حقن جو باقي ڪهڙو تحفظ ٿيندو؟ هڪ پاسي وفاق، سنڌ جون زمينون ۽ ٻيٽ وڪڻي رهيو آهي، ٻئي طرف حڪمرانن طرفان سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ وڪڻڻ جو سلسلو جاري آهي، (”ڀڳڙن مٺ“ ته اڳ ۾ اصطلاحي طور تي استعمال ٿيندو هو، پر هاڻي ته اهو حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي) مٿان وري ڪي ادارا زوريءَ سنڌ جي زمين تي قبضا ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت بيوسيءَ سان صرف قبضي ختم ڪرڻ لاءِ نوٽيس اماڻڻ تائين محدود آهي، اهو سلسلو جاري رهيو ته صورتحال ڪٿي وڃي پهچندي؟

    سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي گذارش آهي ته سنڌ جي اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ اڳتي اچي عوامي نمائندگيءَ وارو حق ادا ڪيو وڃي، اقتدار کي سنڌ جي مفادن کان عزيز نه رکيو وڃي. سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، جيڪي اڳ ۾ زمينون وڪرو ڪيون ويون آهن، اهي رد ڪري سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، پاڪستان ريلوي، ملير ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي، پورٽ قاسم اٿارٽي سميت مختلف ادارن کي آپريشنل مقصدن لاءِ جيڪي زمينون ڏنيون ويون آهن، ۽ جن جو هاڻي ان مقصد لاءِ استعمال نه ٿي رهيو آهي، اهي زمينون واپس ورتيون وڃن، سنڌ جي زمينن تان مختلف وفاقي ادارن جو غير قانوني قبضو ڇڏرائڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ايتري سستي آهي؟

    اڙي ادا باغي شر ۔۔۔ ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔۔ پر سنڌ جي مينڊيٽ آڏو مطالبا ڪرڻ يا انهن جي آڏو احتجاج ڪرڻ بلڪل ائين آهي ۽ هاڻ اهو محاورو پڻ حقيقت ٿي چڪو آهي؛

    ”رڍ آڏو رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا“

    پوءِ به واڪا ڪندو رهجي، من ڪٿي ڪنهن آواز جو پڙاڏو پئدا ٿئي ۽ قوم جاڳي پوي ۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. باغي شر

    باغي شر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جنوري 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ ايتري سستي آهي؟

    ادا شاه سائين وانگر ته واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو