ادا مون ڪجه فريم ڊائونلوڊ ڪيا آهن ون رار ۾ انهن کي جڏهن اوپن ڪيو ته اهي مائيڪرو سافٽ پڪچر مينجر ۾ اوپن پيا ٿين مهرباني ڪري مون کي اهو ٻڌائيدا ته اهي ونڊوز پڪچر ۾ ڪيئن اوپن ٿيندا ۽ ادا اتي اوپن وٿ جو آپشن به نه ٿو اچي ۽ اهي ڪاپي پيسٽ ڪيئن ٿيندا مهرباني ڪري مسئلي کي سمجهڻ لا هي تصوير ڏسندا
جواب: مائيڪرو سافٽ پڪچر مينيجر right click on your picture and open with windows pictures and fax viewer. for permenant right click on your picture and select open with then choose program select windows picture and fax viewer then click on always use the selected program to open this kind of file then click on ok
جواب: مائيڪرو سافٽ پڪچر مينيجر ادا بهتر ائين ٿيندو ته توهان هڪ ٻه فريم فورم تي شيئر ڪيو ته پوء ڏسجي ته ڇا مسئلو آهي ائين ته اوپن وٿ جو آپشن ايندو آهي اوهان ون رار مان فائيل ٻاهر ڪڍي ٽراء ڪري ڏسو ورنه شيئر ڪيو ته مسئلي کي ڏسي دوست اوهان کي سجيشن ڏيندا.
جواب: مائيڪرو سافٽ پڪچر مينيجر مون کي به ائين لڳو جهڙوڪ توهان ون رار منجهان ئي تصويرن کي کولي رهيا آهيو۔۔۔۔ ٻيو ته لڳي ٿو تصويرن کي کولڻ لاءِ توهان جي ونڊوز ۾ ڊيفالٽ طور پڪچر مينيجر پروگرام سيٽ ٿيل آهي۔۔۔
جواب: مائيڪرو سافٽ پڪچر مينيجر جي ادا رشيد توهان جي ڳالهه صحيح آهي مون ون رار منجهه ئي تصوير کولي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪي تصويرون png فارميٽ ۾ آهن اهي ايئن کلن پيون جيڪي jpg فارميٽ ۾ آهن اهي ونڊوز پڪچر ۾ کلن پيون ۽ ادا رحيم بخش هي لنڪ آهي ڀلي توهان ٽرائي ڪري ڏسو http://www.mediafire.com/?mmdkzwmdeoo
جواب: مائيڪرو سافٽ پڪچر مينيجر ادا اهو فائيل مون ڊائون لوڊ ڪري ڏٺو آهي ان ۾ چار فريم آهن انهن کي ون رار فولڊر مان ڊريگ ڪري يا ايڪسٽريٽ هيئر Extract Here ڪمانڊ ذريعي ٻاهر ڪڍو پوء توهان کي اوپن وٿ جو آپشن نظر ايندو پوء توهان پنهنجي مرضي مطابق ان کي ڪهڙي به پروگرم کولي سگهو ٿا مائڪرو سافٽ ورڊ ۾ جيڪڏهن توهان اهي بارڊر استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڊريگ ڪري ان فريم کي ورڊ پروگرام ۾ ڇڏيو ته توهان جو فريم ورڊ ۾ اچي ويندو.