مهنجو نالو مهرا ڻ ميانداد شر مهنجي رهائش خيرپور ميرس م آهي پهريون مرتبا هن اوهانجي ساٿ م شامل آهيان مون سان هيٽين نمبرن تي رابطو ڪجو 03455013111 03433882161 ادا ظفر شر اوهان ڪهڙي شهر جا آهيو ؟
جواب: حق موجود سدا موجود سائين مهراڻ شر صاحب، اوهانکي هن اوطاق تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اوهانجي اوطاق تي اچڻ سان اڱڻ تي روشني ٿي آهي ۽ اوهان جي سنڌ دوستي پڻ نظر اچي رهي آهي ۔۔۔ هيءَ انٽرنيٽ جي اوطاق ٺاهي ئي انڪري وئي آهي ته سنڌي سهڻا گڏ ٿين، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن ۽ هڪٻئي سان سور سلي سنڌ جي آجپي ۾ هڪٻئي جي رهنمائي ڪري سگهن ۔۔۔ جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جي لاءِ انٽرنيٽ جي وڌندڙ ضرورت ۽ استعمال سبب اهڙي اوطاق جي ضرورت هئي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ سنڌي هڪ مٺ ٿي سنڌ جي آجپي واري ويڙهه ۾ پاڻ ملهايون ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون ڪريون ۔۔۔ اميد ته اوهان دوستيءَ جا پيچ پائي سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ ۽ سنڌيت جي ڏس ۾ اڳتي وڌندا رهندا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر اوهانکي ڀليڪار ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: حق موجود سدا موجود اادا مياندا شر بابا السلام عليڪم ۽ حق موجود جاني اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي اڳڻ تي قرب جا قدم ڀري اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا هي اوهان جي پهنجي ئي اوطاق آهي انشآء الله اوهان کي تام گهڻو لطف ايندو ادا اوهان کي مهنجي اصلي نالي جي ڪٿا خبر پئي يار لڳي ٿو سچي پچي شر آهيو ههههه ادا مان ٺري ميرواه جو آهيان ۔ ۽ اوهان ڪهڙي شهر جا آهيو خير پور ته تمام وڏو آهي
جواب: حق موجود سدا موجود ادا جاني پوء ته اسان ڳوٺائي به آهيون جاني ۔۔ تمام گهڻو مزو ايندو اوهان سان گڏ انشاء الله
جواب: حق موجود سدا موجود ڀاء ميانداد شر کي سنڌ سلامت جي محبتي ميڙ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار دوست اوهان جا لک قرب جو اوهان اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهيو۔ اوهان لي سنڌ سلامت جو فورم ڪيئن لڳو ۽ ان ۾ ڪيئن بهتري آڻجي ، يقينن اوهان جهڙن دوستن کان ئي اها معلومات ملندي۔ سنڌ سلامت سحڻن سنڌين جو پنهنجو فورم آهي جتي سنڌي ٻوليء ۾ ئي ڳاله ٻوله ۽ ليک لکون ٿا۔ ٺري ميرواه ضلع خيرپور جو سهڻو شهر آهي۔ سموري سنڌ پنهنجو ڳوٺ آهي پر منهنجو تعلق ڪوٽڏجي ضلع خيرپور سان هئڻ ڪري اوهان منهنجا پاڙيسري آهيو۔