• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تيونس ۾ صدر جي زال جي ڪرپشن عوام کي انقلاب لاءِ گهٽين ۾ اچڻ جو سڏ ڏنو

جواد رضا

سينيئر رڪن
تيونس ۾ عوامي احتجاج ذريعي هٽايل صدر زين العابدين بن علي جي زال ۽ تيونس جي خاتون اول ليليٰ جي شاهي خرچن ۽ ڪرپشن ملڪ جي عوام کي انقلاب لاءِ گهٽين ۾ اچڻ جو سڏ ڏنو، 74 سالن جي هٽايل صدر زين العابدين کان عمر ۾ 20 سال ننڍي زال اڳوڻي هيئر ڊريسر ليليٰ لاءِ لگزري ڪارون ۽ شاندار گهر توڙي دولت سان محبت روز جو معمول هو، رپورٽ موجب تيونس جي هٽايل خاتون اول ليليٰ سان گڏ زين العابدين جي ڌيءَ نسرين ۽ سندس پلي بواءِ ناٺي به ڪرپشن ۾ گهٽتائي نه ڪئي، نسرين فرانس جي لگزري بنگلوز ۾ رهندي هئي ۽ روزانو خانگي جهاز استعمال ڪندي هئي، رپورٽ موجب تيونس ۾ عوامي انقلاب بعد صدر کي ته سعودي پناهه ڏني پر سندس زال شروع ۾ دبئي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر بعد ۾ هوءَ فرانس ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ پهتي، فرانس جي صدر سرڪوزي سميت حڪومتي اختيارين جو چوڻ آهي ته زين العابدين جي خاندان کي فرانس ۾ پناهه نه ڏبي ۽ کين ملڪ بدر ڪبو، ذريعن موجب زين العابدين جي زال ۽ ڌيئرن به سعودي عرب وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته کين مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
 
جواب: تيونس ۾ صدر جي زال جي ڪرپشن عوام کي انقلاب لاءِ گهٽين ۾ اچڻ جو سڏ ڏنو

سائين عمران ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، جڏهن حڪمران پاڻکي قوم جي ّّخدمت ڪرڻ بجا عياشي ۽ ظلم جو استعمال ڪندا ته آخر سندن حساب ته ٿيندو ۔۔۔ اسانجي زندگي ۾ ڪيترا ئي شهنشاه، بادشاه، ۽ حڪمران پنهنجي انجام تي پهتا آهن ۔۔۔ ۽ انهن جو حساب هن دنيا ۾ ئي ٿيو آهي ۔۔۔

دعا آهي ته اسانجا حڪمران به ان مان سبق حاصل ڪن ۽ عوامي ڦرلٽ بند ڪري قومن کي حق خوداراديت ڏئي ملڪ جي لڏندڙ ٻيڙي کي بچائي وٺن ۔۔۔ ڪاش اهي عقل جا دشمن هن دنيا ۽ هُن دنيا جي حساب کان خوف کائن ۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top