برطانيا ۾ لازوال پَب ڪلچر جو زوال ۽ سنڌ جي سراءِ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    برطانيا ۾ لازوال پَب ڪلچر جو زوال ۽ سنڌ جي سراءِ​


    امداد سومرو

    ڪافي وقت کانپوءِ مون هڪ چڱي شيءِ پڙهي آهي ۽ هڪ مختلف موضوع تي پڙهي آهي. پاڪستان ۾ زندگي تبديلي يا نون موضوعن تي بحث، اسٽڊي يا ويچار جو نالو ناهي ۽ صرف سياست آهي يا مذهب، انتها پسندي آهي يا دهشتگردي. باقي زندگي ڪاٽا ٿيل لغڙ وانگر آهي جنهن کي وقت هوائن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
    ”دي اڪانامسٽ“ (The Economist) جي ڪرسمس شماري (ڊسمبر 18- ڊسمبر 31) ۾ برطانيه ۾ پَبُ ڪلچر (Pub culture) جي زوال پذيري تي ڄاڻايل بااثر ۽ وڏي ساک واري رسالي جي آبيچوئريز ايڊيٽر تمام زبردست آرٽيڪل لکيو آهي. ”ٽائيم، جينٽل مين“ جي سري سان لکيل اهو آرٽيڪل پڙهيو ته مون کي ننڍي کنڊ جي پس منظر ۾ ’موکي ڪلچر‘ ياد آيو ۽ 1947ع کانپوءِ پاڪستان ۾ دارؤن تي پابندي ۽ ان قسم جي سماجي پابنديءَ تي غصي ۽ رحم واريون ڪيفيتون اڀري آيون.
    ننڍي کنڊ يا اڻ ورهايل هندستان واري سنڌ جي انهيءَ سڄي لقاءُ ۽ سراءِ تي اياز جو هيءُ نظم به ياد آيو جيڪو مان اوهان سان شيئر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهان. اهو نظم اياز جي بيحد رومانٽڪ شعري مجموعي ’رڻ تي رِم جهم‘ ۾ ڇپيو هو:
    رات، سراءِ، ڀتين تي ٽنگيل
    فانوسا دونهاٽيل آهن
    ۽ دونهين ۾ ڪيئي دانهون
    ٻوساٽيل ٻوساٽيل آهن
    اڻ ڄاتل مهمانن جون، جي
    راتو رات سفر تي نڪتا.
    هي شيشن تي تن جا چهرا
    ڌنڌلايل ڌنڌلايل آهن
    هو جي پنهنجا ڳوڙها پي ويا
    جن جا گهاوَ ڇُپايل آهن،
    هو جي مُرڪ چپن تي آڻي
    راتو رات سفر تي نڪتا.
    لاٿل لويون ائين کٽن تي
    آڌيءَ جو اُڇلايل آهن
    ڄڻ ته اچانڪ تن تي حملو
    ٿيڻو آ، گهٻرايل آهن،
    هو جي نيڻن ننڊ نهوڙي
    راتو رات سفر تي نڪتا.
    ڄڻ ته بکايل ڪوئن وانگر
    شهتيرن کي پَل ڪُترن ٿا
    ڪَٽِ به ڪيئي ڪُوئا آهي
    زنجيرن کي پل ڪُترن ٿا
    روءُ انهن لئه، جيڪي ڀڄندي
    راتو رات سفر تي نڪتا.
    پر ايڪنامسٽ جو آبچوئريز ايڊيٽر انگلينڊ ۾ پب ڪلچر جي ختم ٿيڻ تي پريشان آهي. هن جو خيال آهي ته Pub ڪائي جڳهه نه آهي پر هڪ ڪلچر جو نالو آهي. ڪلچر جيڪو چارلس ڊڪنس جي ناولن ۾ ڏيکاريل آهي. هن وقت برطانيا جي ٻهراڙين ۾ اڌ کان وڌيڪ پَب ختم ٿي ويا آهن ۽ 2007ع ۾ سگريٽ نوشي تي پابنديءَ ان کي اڃا وڌيڪ نقصان رسايو. اهڙي پابنديءَ کانپوءِ 2007 ۾ 1409 پَب بند ٿي ويا ۽ 2008 ۾ 1973ع ۾ پب بند ٿي ويا. اها سروي ٻڌائي ٿي ته برطانيا ۾ اٽڪل 24 هزار پبز مان تقريبن ڪي 40 سيڪڙو زوال جو شڪار ٿي ويا آهن. سروي موجب برطانوي هاڻ گهٽ پيئن ٿا. مهانگائي ۽ ٻيا ان جا سبب آهن. برٽش بيئر اينڊ پب ايسوسيئيشن موجب الڪوهل جو استعمال 6 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي چڪو آهي ۽ 1948ع کان ان ۾ گهٽتائي وارو رجحان تاحال جاري ساري آهي.
    برطانيه ۾ پب معنى تاريخ کي محفوظ ڪرڻ آهي، اڪانامسٽ ايڊيٽر لکي ٿو: ”انهن (پبز) ۾ جنن، ڏندڪٿائن، بادشاهن جي يادگيرين، سيڪسن جي پڙاڏن گوجندڙ سفيد گهوڙن ۽ سول وار وارن سمورن تماشن ۽ انهن جي ٻيهر بحالي.... اهي پب جيڪي اسان جي زمين اندر ۽ هوائن ۾ لڙڪيل رهيا آهن ۽ ايترو اهي اسان لاءِ باربڪي ۽ حساسيت رکن ٿا جيترو ماضي.“
    پبز کي جديد ڪرڻ جو ڪو به قدم هميشه ناڪامي کي منهن ڏئي ٿو ۽ پب جو مطلب بلڊنگ ناهي پر هڪ ماحول آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهڻ جوڳو نه آهي ان ڪري پب جي ماحول ۾ ڪا به الٽريشن (وڍَڪُٽ) ڪرڻ جو مطلب ان کي تباهه ڪرڻ برابر آهي، اڪانامسٽ ايڊيٽر لکي ٿو.
    پنهنجن رازن کي رازدارن تائين رسائڻ/شيئر ڪرڻ جي جڳهه اهي پَب هئا، هو وڌيڪ لکي ٿو. نيون خبرون به اتي پهچنديون هيون ۽ جڏهن ڪو اجنبي دروازي تي اچانڪ نمودار ٿيندو ۽ اڳ ويٺلن تي اڇاتري نگاهه وجهندو هو. پب، اها جڳهه هئا جتي ڊڪنس جو ڊيوڊ ڪوپر فيلڊ اعتماد سان “Genuine stunning” جي گلاس جو آرڊر ڏيندو هو. پب، اها جاءِ هئا جتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مزدورن جي تنظيم وڌيڪ معاوضي جو مطالبو ڪيو هو، جتي ڪميونسٽ ميني فيسٽو تي اڪيچار بحث ٿيا هئا ۽ جتي ڪارل مارڪس روز جي معمول وانگر ايندو هو ۽ Peppy سنگر روزانو ڳائڻ ويندو ۽ جيترو ڳائيندو هو اوترو وڌيڪ پيئندو هو.
    پب، جيڪي آزاديءَ سان ڳالهائڻ، ڳائڻ ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جو پليٽ فارم هئا. ”فري هائوس“ لفظ جو اطلاق اتي ٿيندو هو. ”ها، امريڪين وٽ ته بندوقون آهن پر برطانوين وٽ اهي پب ئي ته هئا.“ هو لکي ٿو.
    ”انگلينڊ بچايو- پب بچايو.“ ان نالي سان انگلنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ مُهم هلي رهي آهي. اڳوڻي ليبر حڪومت پب بچائڻ لاءِ هڪ الڳ منسٽريءَ جوڙي هئي. پب، انگلنڊ جي سوشل زندگيءَ جو آئينا هئا. دي اڪاناموسٽ جي آبيچوئريز ايڊيٽر جي نظر ۾ اهو سڀ ڪجهه حقيقي دنيا مان نڪري ممنوعي دنيا ۾ پير پائڻ آهي. “The Pub is the Hub” جي ٽائيٽل سان پڻ ان ڪلچر جي بچاءُ ۾ انگلنڊ ۾ مهم هلي رهي آهي.
    ”ڪي 30 جڳهون ٻهراڙيءَ واري انگلنڊ ۾ اهڙيون آهن جن ڳوٺاڻن گڏيل شراڪت داريءَ تحت ناڪام ٿيل پبز کي بچائي ورتو آهي ۽ اتر لنڊن ۾ 2 مشهور پب پائن ايپل ۽ ”ڊيوڪ آف ماملٽن“ تازو وڏي مهم ۽ جاکوڙ کانپوءِ بند ٿيڻ کان بچايا ويا آهن.“ اڪنامسٽ جي تجزئي ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
    پب، ڪميونٽي هال آهي. پب معنى سنڌ واري اوطاق. جتي پاڙيسرين تي ٽپال وارا لفافا پهچن ٿا ۽ جتي هو هڪ ٻئي سان گڏجن ۽ سور سلن ٿا. پب ماڻهن کي گڏڻ جو ذريعو بڻجن ٿا- ۽ گهرن جي اداس ۽ بور ڪندڙ صوفن تي ويهڻ بجاءِ پب جي مٿاهين جاءِ تي ويهڻ لاءِ ٺڪاڻو آڇين ٿا....
    پب ڇا آهن؟ ڄاڻايل رائيٽر موجب پوليس ڪنٽرول کان خالي سڙڪن ۽ ڪنٽرول ۾ نه ايندڙ گهرن کان خالي جڳهه پبز مهيا ڪن ٿا... اهي پب ، جيڪي پراڻي تاريخ جي شڪل، آئينو هئا.
    پبز بچڻ گهرجن- ڪهڙي به قيمت تي، ايڪانومسٽ ايڊيٽر آخر ۾ لکي ٿو ۽ آخر ۾ اهو ناول جملو:
    Time slows, company gathers; speech is freed; beer flows, like the every life blood of the land. Pubs are needed, even when every social and economic indicator is running hard against them.”
    پب جي زوال تي لکيل اها لازوال تحرير پڙهي اسان کي پنهنجي موجوده منافق ڪلچر تي لعنت ڪرڻ گهرجي. اياز جي نظم ۾ رهجي ويل سراءِ ۽ فانوسن، لاٿل لوين ۽ گهٻرايل چهرن ۽ پوين پهرن واري پس منظر کي ذهن ۾ رکو. اسان وٽ وقت جو آئينو ٽٽي پيو آهي بشڪريه عوامي آواز.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو