امن ۽ سلامتي جو پيغام ڏيندڙ شاعر ( شاه صاحب )

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    امن ۽ سلامتي جو پيغام ڏيندڙ شاعر ( شاه صاحب )​


    مرتضيٰ سيال
    شاهه سائين رح پيار، امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏيندڙ عظيم شاعر ئي نه پر عالمي مفڪر به آهي. اڄ سموري دنيا جنهن نتيجي تي پهتي آهي، شاهه سائين اها ڳالهه ڪيتريون صديون اڳ ڪئي هُئي. رواداري، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي جي جذبي سان ئي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي واري فضا قائم ٿي سگهي ٿي. شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ جيڪو فڪري پيغام ڏنو آهي، اُن تي عمل ڪرڻ سان انتهاپسندي وارن لاڙن جي رستا روڪ ڪري سگهجي ٿي. يقينن سنڌي قوم تمام گهڻي خوشنصيب آهي جو شاهه سائينءَ جهڙو عالمي مفڪر سنڌ ۾ پيدا ٿيو. قومي سطح تي اڄ اسين جن مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل آهيون، اُن جو سبب شاهه سائينءَ جي پيغام تي عمل نه ڪرڻ آهي. شاهه سائين جو ڪلام اسان لاءِ اهڙو رهبر آهي، جيڪو جدوجهد جو اُتساهه به ڏئي ٿو ته منزل جو ڏس به ٻُڌائي ٿو. سندس هر بيت ۽ هر لفظ ۾ جاڳرتا جو پيغام آهي.
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
    مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي شاهه سائين جي رسالي کي سهيڙيندي 25 فيبروري 1963ع ۾ لکيو هو ته ”شاهه سائين جي ڪلام ۽ پيغام بابت تحقيقي ڪوششن جي اڃا ابتدا آهي“ جيتوڻيڪ ڏيپلائي صاحب جي ڪيل اُن ڳالهه کي وڏو عرصو گذري ويو آهي، پر اسين اڄ به پوري اعتماد سان چئون ٿا ته ڀٽائيءَ تي اڃا تائين اهڙي تحقيق ٿي ناهي سگهي، جهڙي ٿيڻ گهربي هُئي. هو جنهن ليول جو شاعر ۽ مفڪر آهي ۽ پوري دنيا لاءِ امن ۽ سلامتي جو جيڪو پيغام ڏنو آهي، اُن جي صحيح معنيٰ ۾ گهڻ رخي تحقيق ٿي ناهي سگهي. نتيجو اهو آهي جو اسين اڃا تائين لطيف سائينءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي به ناهيون سگهيا.
    2005ع ۾ شايع ٿيل سليم ڀُٽي لطيفي جي ڪتاب ”ڇپيل شاهه جي رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“ ۾ امداد سومري پنهنجي راءِ ڏيندي جيڪا ڳالهه ڪئي اها ڏاڍي وزندار هُئي. هن چيو ته ”ڀٽائي پهرين سرڪاري ڪامورن ۽ مولوين جي گهيري ۾ هو، ڪڏهن کاٻي ڌُر وارن جي گهيري ۾ ته ڪڏهن قومپرست تحريڪن هٿان يرغمال ٿيل هو. هڪ اهڙو نقاد جيڪو پنهنجي ذهني ۽ فڪري لاڙي کان مٿانهون ٿي سندس آرٽ کي ڏسي ها ته جيڪر اسين لطيف سان اهڙو انصاف ڪري سگهون ها، جيڪو شيڪسپيئر جي قوم ساڻس ڪيو آهي.“ لطيف سائين ته شيڪسپيئر کان الاهي مٿانهون آهي، پر اسان کيس خالص علمي بنيادن تي ۽ غير جانبدار ٿي پرکي ناهيون سگهيا. لطيف سائين کي اڄ تائين عام ماڻهوءَ وٽ روشناس ناهي ڪرايو ويو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه ابهام ڪونهي ته سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ سنڌي ادب به دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونهي، پر سنڌي ادب ۾ جيڪا کوٽ آهي، اها آهي تنقيد ۽ تحقيق جي. ادب ۽ ٻولي کي سگهه بخشڻ لاءِ اهي ٻئي بنيادي شيون آهن. اسان وٽ شاهه سائينءَ تي توڙي جو ڪافي تحقيق ٿي آهي، پر اُن کي مڪمل يا جامع نه ٿو چئي سگهجي، تمام گهڻا پاسا تحقيق جا گهرجائو آهن.
    لطيف سائينءَ جو فن ۽ فڪر وسيع آهي، اهو سمنڊ مثل آهي، جنهن جو ڪو ڪنارو ڪونهي. هينئر تائين جيڪا نالي ماتر تحقيق ٿي آهي، اُن ۾ به ڪافي ڪمزوريون ۽ غلطيون موجود آهن، پر انهن غلطين توڙي ڪمزورين کي اُن ڪري نظرانداز ڪيو پيو وڃي جو اهي ”مشهور ماڻهن“ ڪيون آهن. اسين شين کي علمي ۽ عقلي بنيادن تي ڏسڻ بجاءِ تقليدي رويو اختيار ڪيون ٿا، جنهن ڪري گهربل نتيجا سامهون اچي نه ٿا سگهن. اسان جا محقق جن شاهه سائين جي فن تي ٿورو گهڻو ڪم ڪيو آهي، اُهي به ڪافي تضادن جا شڪار آهن. پاڻ کي ڀٽائيءَ جا شارح سڏائيندڙ به ڀٽائيءَ سان صحيح معنيٰ ۾ انصاف نه ڪري سگهيا آهن. هر ڪنهن پنهنجي ذهني لاڙي تحت ڀٽائيءَ جي اپٽار ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين لطيف سائينءَ جو ڪو مستند رسالو اچي ناهي سگهيو.
    سرڪاري ادارن طرفان به ڪو ڳڻائڻ جهڙو ڪم نه پيو ٿئي، عرس جي موقعي تي روايتن کي قائم رکڻ واريون گهرجون پوريون ٿين ٿيون. جيڪڏهن ڪو ڪم ٿيو آهي ته اهو ذاتي بنيادن تي ڀٽائيءَ سان عشق ڪندڙ ماڻهن ڪيو آهي. ادارا ڀٽائي جي عاشقن سان لهه وچڙ ۾ اچي انهن کان مدد وٺن ها ته به ڪافي اڳڀرائي ٿئي ها، جن فقيرن جي سينن ۾ شاهه سائينءَ جو ڪلام محفوظ آهي، انهي کي سهيڙي تحقيقي ۽ اپٽار کان پوءِ هڪ مستند رسالي جي صورت ڏئي سگهجي ها. شاهه سائين جي رسالن ۾ ڪجهه شعرن جي معنيٰ ئي ابتي ڏني وئي آهي. مثال طور لفظ ”ڪميڻي“ ڀٽائي ڪم وارين پورهيت عورتن لاءِ استعمال ڪيو آهي، پر ان کي ڪم ذات ۽ اوباش واري معنيٰ ڏني وئي آهي. اهڙي طرح ڪافي جاين تي افسوسناڪ صورتحال نظر اچي ٿي. اسان جي اسڪولن ۾ لطيف شناسي جي حوالي سان ڪجهه به نه پيو ٿئي. لطيف سائين جو نالو ئي سچ ۽ سونهن جي علامت آهي، هو اهڙو رهبر اعظم آهي، جنهن جي رهبري، قبول ڪرڻ ۽ کيس دل سان سمجهڻ سان اسان جو حال ئي نه پر مستقبل به محفوظ ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان جو ايندڙ نسل شاهه سائين کي نه سمجهي سگهيو ته اها اسان جي تمام وڏي بدنصيب هوندي.
    لطيف سائينءَ جي شارحن ۽ عالمن کي گڏجي پرائمري اسڪول کان يونيورسٽي ليول تائين لطيف شناسي لاءِ ڪو پراجيڪٽ جوڙڻ گهرجي ۽ سرڪار کي پراڻين ۽ روايتي سرگرمين مان نڪري لطيف سائينءَ تي تحقيق ۽ اشاعت جي حوالي سان علمي، عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي ڪو مثالي ڪم ڪرڻ گهرجي. لطيف سائينءَ جي هڪ هڪ سٽ علم اتساهه ۽ پيار جو خزانو آهي. ان جي اهميت کي سمجهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. لطيف سائينءَ جي پيغام تي عمل ڪرڻ سان اسين فرسوده ريتن، رسمن، انتهائي پسندي ۽ غلط لاڙن کان بچي سگهون ٿا. اچو ته گڏجي لطيف سائينءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون بشڪريه عبرت.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو