شهيد فاضل راهو: هڪ عظيم شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شهيد فاضل راهو: هڪ عظيم شخصيت
    فاضل جا فيصلا، قربانيون، جيل ۽ جوانيون​

    [​IMG]

    غلام مصطفيٰ ميمڻ
    شهيد فاضل راهو جي 24 ورسي سندس اباڻي ڳوٺ راهوڪي ۾ ملهائي پئي وڃي. هُو سنڌ ڌرتي جو حلالي ۽ ارڏو ماڻهو هو جنهن سنڌ جي ڀلي جي خاطري پنهنجي جي به پرواهه نه ڪئي. هن پنهنجي حياتي ۾ نه ڪڏهن گارڊ رکيو نه وري هٿيار، چوندو هو ته مرڻو هڪ ڏينهن آهي پوءِ ڇا؟ پاڻ هميشه گاڏي تي اڪيلو سفر ڪندو هو خاص طور تي ڊاٽسن استعمال ڪندو هو. گهران نڪرڻ کانپوءِ جيڪو به ماڻهو هٿ ڏيندو هئس ته ان کي رستي تان کڻندو هو يا وري ڪنهن پوڙهي مرد يا عورت ڏٺئين ته ان کي رستي تان کڻي سندن منزل تي پهچائيندو هو. فاضل راهو 1934ع ۾ گولاڙچي تعلقي جي ننڍي ڳوٺ راهوڪي ۾ پيدا ٿيو هو. 4 درجا پاس ڪرڻ بعد مائٽائڻو ڌنڌو يعني ٻني ٻاري جي ڪم سان لڳي ويو. 20 سالن جي عمر تائين هن مال به چاريو ۽ زمين به آباد ڪئي. ان دوران هن جو مزاج وڏيرا شاهي ۽ ظالم قسم جي ماڻهن سان بي انتها نفرت وارو هو. هر وقت شر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهندو هو. ماڻهن کي چوندو هو ته حالتن سان گڏ هلو ته مقصد پاڻهي پورو ٿي ويندو. شهيد عوام محمد فاضل راهو پنهنجي سياسي جدوجهد دوران 1970ع ۾ رسول بخش پليجي سان گڏجي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ 1982ع ۾ پهريون ڀيرو بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو. ڪنوينشن ۾ سڄي سنڌ مان عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۽ ان ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته انساني نسل جا ٻه پاسا آهن. هڪ حصو مرد ۽ ٻيو حصو عورت. آزادي جي جنگ ۾ جيستائين عورت کي شامل نه ڪيو ويندو تيستائين غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ناممڪن آهي. اهو ئي سندس شاندار ڪارنامو هو جو 1983 جي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي عورتن به فاطمه چانگ، مريم راهو، عزيزان لانگاهه جهڙين عورتن به گرفتاريون ڏيئي جيلن ۾ ويون. فاضل راهو وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊو هو ڇاڪاڻ جو هو غريب هارين پورهيتن مظلومن جي حقن خاطر سچائي ۽ ايمانداري سان وارثن جو وارث ۽ هيڻن جو همراهه ٿي حق جي ميدان ۾ بيهي راشي ڪامورن عزت عصمت جي ظالم لٽيرن سان وڙهي غريبن جا حق ۽ لڄون واپس ڪرائي ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو. شهيد فاضل راهو، ايوب خان جهڙي آمريت ۽ ضياءَ جهڙي ظالم جي مارشلا ۾ به نيلام بند ڪريو، تحريڪ هجي سنڌي ۾ ووٽرن لسٽون، صحافين جي جدوجهد هجي يا هارين جي حقن جي جدوجهد انهن ظالمن ۾ اتي کڙو ٿيندو هو. پاڻ جيل، ڪوڙن جيلن جي کولين، ليسن وارين هٿيارين ۾ سزا ئون ملڻ بعد به انقلابي جدوجهد تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. شهيد فاضل راهو کي وقت جي حڪمن پنهنجي ارادن تان هٽائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيو پر هو نه وڪاميو نه وري هٽيو. شهيد فاضل راهو جي وڌندڙ جدوجهد، مقبوليت، ڪاميابي کي ڏسي سامراج قوتن منصوبو ٺاهي، 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾ سنڌ جي هيرو کي ڪهاڙين جو وار ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو. دشمنن سمجهيو هو ته فاضل راهو کي قتل ڪري انقلابي جدوجهدن جو خاتمو اچي ويندو اها سندن ڀل هئي پر اڄ به سندس ڏسيل واٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ راهوڪي ۾ فاضل زنده آهي جا نعرا گونجي رهيا آهن. سنڌ جي سياست ۾ فاضل کي ياد ضروري ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي ويا آهن. بک بي روزگاري ۽ دهشتگردي جو راڄ ٿي ويو آهي. افسوس اهو آهي ته عوامي تحريڪ جو بنياد وجهندڙ هيرو فاضل راهو عوامي تحريڪ پاران ٺهرايل ويب سائيٽ ۾ موجود نه آهي. انهن کي ته فاضل اوهان جو به محسن هو. ان ڪري ان جي تصوير لڳائڻ سان ڪنهن جو قد گهٽ نه ٿيندو.
    اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن
    ويس مٽائي ورڻا آهن.​
    بشڪريه عبرت


    شهيد فاضل راهو: هڪ عظيم شخصيت هڪ وڊيو رپورٽ​


    http://www.youtube.com/watch?v=UcjeH-uKl7Q
     
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: شهيد فاضل راهو: هڪ عظيم شخصيت

    اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن
    ويس مٽائي ورڻا آهن.

    واه ادا ممتاز واه بلڪل ناهن مرڻا بلڪه هر دور ۾ ويس مٽائي ورڻا آهن
     
  3. abdul khaliq

    abdul khaliq
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    English
    ماڳ:
    English
    جواب: شهيد فاضل راهو: هڪ عظيم شخصيت

    واه ادا تمام سٺو زبردست
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شهيد فاضل راهو: هڪ عظيم شخصيت

    ادا نور احمد ڪلوڙ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو ۽ پنهنجا خيالات تحرير ڪيا جنهن لاء اوهان جون مهربانيون ۽ قرب، ادا توهان سچ لکيو آهي ته سنڌ جا اهڙا جوڌا جوان ڪڏهن به مرڻا ناهن ۽ انهن جون جو نالو ۽ انهن جون ڪوششون هميشه پيون ڳائبيون ۽ لکبيون۔
    دعا آهي ته شل سنڌ ڌرتي اهرا جوڌا جوان هميشه جيان پيدا ڪندي رهي، ۽ سنڌي ماڻهون ان تي ناز ڪندو رهي۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شهيد فاضل راهو: هڪ عظيم شخصيت

    ادا توهان جي به مهرباني جو توهان هن ونڊ کي پسند ڪيو ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو